Sunday, October 24, 2021
Sunday, October 17, 2021
اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا. مَدْحُهُ بَلْسَمْ لِرُوحِي َولَهُ يَحْلُو السَّمَاعْ مرحبا يا مصطفا
ترجمو؛ اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا.
Thursday, September 16, 2021
شاه عبداللطيف ڀٽائي
Sunday, September 12, 2021
استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو.
استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو. #ذوالفقار_بھڻ
****************************
استاد اھا مخلوق آھي جيڪا سموري دنيا ۾ موجود آھي.سندن ننڊڙيون ننڊڙيون خواھشون آھن تہ ٻار سبق ياد ڪري اچن .سندن شاگرد وڏن عھدن تي پھچن. سندن اسڪول جي بلڊنگ خوبصورت ، سموريون ضروري سھولتون ، خوشگوار ماحول ، جديد دور جي قائدانہ صلاحيتن وارو ھيڊ ماستر ، معاشري ۾ باوقار شھري ،۽ خاص طور تي ھمٿائندڙ سماجي رويا ھجن.
پاڪستاني معاشري خاص طور سنڌ ۾ حڪومتي استاد ٿيندي ئي ھڪ مشڪلاتن جي ڌٻڻ استاد جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي ڪيئي سالن تائين پڪي ٿيڻ جي پريشاني ، پگھارن ، انڪريمينٽ ۽ ترقي لاء ڳريون رشوتون .درٻان ،منشي ۽ وڏين ميزن پٺيان ويٺل ڪو گھڻو ڪم نہ ھوندي بہ پاڻ کي مصروف ظاھر ڪندڙ راشي ۽ بداخلاق ڪامورن جا دڙڪا . ايتري قدر جو عمر جا 60 سال پورا ڪري نوڪري پوري ٿيڻ تي بہ ڪيترن ئي مھينن تائين ريٽائرمينٽ جي ڪاگزن جي پورائي لاء آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ ھڪ استاد جو مقدر ٿيو پوي.
اھڙي طرح پرائيويٽ استاد جا تہ سور ئي ٻيڻا آھن جنتي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندي.
سڌريل سماج ۾ ان پيشي سان لاڳاپيل فردن کي خاص اھميت ۽ نمايان مقام ڏنو وڃي ٿو. جنھن جا ڪيئي مثال ڏيئي سگجھن ٿا. امريڪا ، برطانيہ جاپان ،فرانس، ملائيشا، اٽلي سميت تمام ترقي يافتہ ملڪن ۾ استاد کي تمام گھڻي عزت ڏني وڃي ٿي.
اشفاق احمد ھڪ ھنڌ لکيو تہ ؛ برطانيہ ۾ ٽريفڪ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مون تي جرمانو عائد ڪيو ويو، مان ڪن مصروفيتن سبب چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ مونکي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو پيو. ڪمري عدالت ۾ مونکان جج معلوم ڪيو تہ مون چالن ڇونہ جمع ڪرايو آھي تہ مون کين چيو تہ مان ھڪ پروفيسر آھيان ۽ اڪثر مصروف رھندو آھيان انڪري چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ جج چيو The Teacher is in the court۽ پوءِ جج سميت سمورا ماڻھو احترامن اٿي بيٺا ان ڏينھن مان ان قوم جي ترقيءَ جو راز ڄاڻي ويس.
استاد ذھن ساز آھي ، استاد بادشاھ تہ ناھي پر بادشاھ گر ضرور آھي، انقلابي اڳواڻ آھي. ٻين جنگ عظيم ۾ ھٽلر کان پڇيو ويو تہ مسلسل جنگ جي نتيجي ۾ انجنيئر ،سائنسدان معيشتدان مطلب قيمتي مانہو مري رھيا آھن ڇاڪيو وڃي ؟ ان چيو تہ ٿي سگھي تہ پنھنجي استادن کي ڪٿي لڪائي محفوظ جڳھ تي رکو .اگر استاد موجود ھوندا تہ اھڙا قيمتي مانھو ٻيھر تيار ٿي پوندا .
استادن جي نفسيات کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو گھڻي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ پھريون دفعو استادن جي واھر انھن جا جائز مطالبا بڌڻ ۽ حل ڪرڻ واريون خبرون اچي رھيون آھن. ھيءَ ھڪ خوش آئند ڳالھ آھي. اميد تہ استاد دشمن روين وارن ڪامورن کي پڻ پنھنجن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
Tuesday, August 31, 2021
تعليم ئي قومن جو جياپو آھي. پروفيسر ذوالفقاربھڻ
تعليم ئي قومن جو جياپو آھي. پروفيسر ذوالفقاربھڻ
ھڪ بين الاقوامي يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي لکيل ھڪ فڪر انگيز جملو تہ ؛
ڪنھن بہ قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايٽم بم ۽ پري تائين مار ڪرڻ وارن ميزائلن جي ضرورت ناھي بلڪہ ان قوم جو نظام تعليم ڪيرائي ڇڏيو ۽ شاگردن کي امتحان ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيو، اھا قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي .اھڙي ناڪارا نظام تعليم مان نڪرڻ وارن ڊاڪٽرن جي ھٿان مريض مرندا رھندا، انجنيئرن جي ھٿان عمارتون تباھ ٿينديون، معيشت دانن جي ھٿان دولت ضايع ٿي ويندي ، مذھبي رھنمائن جي ھٿان انسانيت تباھ ٿي ويندي،ججن جي ھٿان انصاف قتل ٿي ويندو، اھڙي طرح ان قوم مان نجات ملي ويندي.
ترقي يافتہ قومون گهڻو وقت پھريان کان آن لائين ۽ فاصلاتي نظام تعليم مان فائدو وٺي رھيون آھن. پاڪستان ۾ خاص طور سنڌجي شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ سماجي تبديلين کي قبولڻ وارن روين جي گھٽتائي سبب تعليم جو گذريل ٻن سالن دوران ڪافي نقصان ٿيو.
سنڌ جا موجودھ تعليمي اڳواڻ سائين سردار شاھ ، اڪبر لغاري صاحب ۽ سيد خالد حيدر شاھ قوم جا خيرخواھ نظرياتي ۽ انقلابي اڳواڻ آھن ان ۾ ڪو شڪ ناھي . سياسي اختلاف باوجود سنڌ جي تعليمي نظام تي خاص توجھ ڏيندي جھڙي طرح سان بيمار تعليمي سرشتي کي بھتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن ان جا تمام سٺا نتيجا نڪرڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
تعليم کاتي سنڌ طرفان مستقل طور تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو ھڪ بھترين قدم آھي.
انڌايرا سدائين مقدر ۾ ڇو؟
بس-پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻار
جڳ سمورو روشن ٿيندو
ذوالفقاربھڻ
ڪجھ تجويزون
تعليمي نصاب متعلق چٽو موقف ھڪ جرئت مندانہ فيصلو آھي.
Infrastructure بنيادي ڊانچي تي توجھ ڏيڻ ۔
پرائيويٽ تعليمي اداران کي حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ گہھرجن.
Right Person on Right Place تي عمل ڪندي نااھل ۽ راشي آفيسرن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ گھرجي.
استادن کي پاڻ مرادو مققر وقت تي پروموشن ڏنا وڃن کين جائز حقن لاءِ روڊن تي نڪرڻ جي ضرورت نہ پوي ۽استادن کي نمايان ڪارڪردگي تي انعام ۽ ايورڊ ڏيڻ گھرجن .
Quality Education System جنھن ۾ استادن جي ڀرتي ۽ استادن جي سکيا کي مرڪزي اھميت ڏئي پرائمري کان ڪاليج تائين جي استادن لاءِ Continues Professional Development (CPD) مستقل بنيادن تي استادن جي سکيا جو علاقائي ۽ بين الاقوامي سکيا جا بندوبست ڪيا وڃن..
سنڌ ۾ استادن جي سکيا
سموري دنيا وانگر پاڪستان ۾ بہ استادن جي سکيا 2 طريقن سان ٿي رھي آھي.
نوڪري کان پھريان Pre-Service
نوڪري دورانIn-service
سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 50 سرڪاري استادن جي تعليم جا ادارا ان کان علاوھ يونيورسٽين ۾ ڊپارٽمينٽ ۽ ڪيترائي خانگي ۽ فاصلاتي تعليمي ادارا استادن جي تربيت لاء خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. جنھن بدلي ۾ competent & Committed استاد پيدا ٿيڻ گھرجن شد سلسلي ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ ڪٿي ڪوتاھيون آھن جنھن ڪري معياري استاد نہ پيدا ٿي رھيا آھن. ان اھم نقطي تي توجھ ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي.
پنجاب جيان سنڌ ۾ ٽيچر ايجوڪيشن يونيورسٽي جو قيام ضروري آھي .
تعليمي ٽي وي چينل جو قيام
ايف ايم ايجوڪيشن ريڊيو جو قيام
آخر ۾ سنڌ جي استادن کي پڻ ھٿ ٻڌي عرض آھي تہ ٻيلي جنگي بنيادن تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ قوم بچائڻي آھي تہ ان اھم فريضي ۾ ڪوتاھي نہ ڪيو.
استاد بخاري چواڻي ؛
جو قُوم جِياري اُھو جيئندو رھندو،
جُو عَام اُجاري سُو جيئندو رِھندو.!
مُونکي تارِيخ ء تَقدير ڏِني پَڪ آ.
جُو سِنڌ سَنواري اُھو جيئندو رھندو...!
Friday, July 23, 2021
ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ
عيد جون مبارڪون
ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو
پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ
#EidMubarakToAll
Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal.
#zulfiqarbehan
عيد جون مبارڪون
ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو
پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ
#EidMubarakToAll
Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal.
#zulfiqarbehan,
Alhumdulillah ...It is an honor for me to be a part of this esteemed committee. #ذوالفقاربھڻ #zulfiqarbehan #SindhTeachingLicenseCommittee #sindhteachinglicense #TeacherLicensing #teachinglicense #steda
Alhumdulillah ...It is an honor for me to be a part of this esteemed committee. #ذوالفقاربھڻ #zulfiqarbehan #SindhTeachingLicenseCommittee ...
-
شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو سنڌي شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون تعارف شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪ...
-
شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر ڊاڪٽر فهميده حسين ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر...
-
فري ڊائونلوڊ ڪيو سنڌي فونٽ سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ Zulfiqar Behan ذوالفقاربھڻ Sindhi Fonts Free down...