Posts

Showing posts from December, 2014

علم جي لاٽ ٻرندي رھندي:ذوالفقاربھڻ sindhi Poetry about Pishawar incident

Image
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي منھنجو اسڪول ڳاڙھو ٿي پيو سارو آسمان ڳاڙھو ٿي پيو ماءُ ۽ پيءُ جو جيءُ جھريو ڀيڻ ۽ رانديڪن به رنو ڪو روح رھنڊون رھنڊون ٿيو ڪو ڳوڙھو ڪريو سڏڪو سڏڪيو ھيءَ قوم نيٺ ھڪ ٿي ويندي رات انڌيري ڪٽجي ويندي فتح نيٺ حق جي ٿيندي توکي آخر ناڪامي ٿيندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي نفرتن کي نيڪالي ڏيبي ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي امن جو جھنڊو، اڇو جھنڊو ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو خزان جو موسم ختم ٿي ويندو ذوالفقار بھار وري وري ايندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي ذوالفقاربھڻ

دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾: Sindhi Poetry

Image
دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾ رشتا ناتا، مطلب جا سڀ ڪيڌيون اڪيلايون ھن وڳر۾ ماڻھوءَ ماڻھو ،ماس پيا روڙين سارا ڀريا  پيا آھن ، زھـــر ۾ رات به تنھا چنـــڊ به تنھا وحشتون ڊوڙن پيون  گھر ۾ ذوالفقار وقت جيان گذري ويو پوءِ به رھين ٿي ان جي سحر ۾ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ

Image
’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ ۽ جڌھن سائين ھدايت بلوچ  Hidayat Baloch  ’’ويلنٽائن‘‘ ڏينھن تي فون ڪري سوڀو گيانچنداڻي جي عيادت ڪرڻ ساڻ ھلڻ جو چيو اسان سان گڏ محمد سليمان وساڻ Muhammad Suleman Wassan به ھو سندس لفظ ته 14-2-2012 منھنجا سرخا دوست ويلنٽائين مونسان ملھائڻ آيا آھن.پاڻ کي چڱوڀلو محسوس ڪيان ٿو. سوڀو گيانچنداڻي اسان به پنھنجي محبوب سان ويلنٽائين ملھايو ’’رھيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات سندي جوڳيان ذات،ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي‘‘  شاھ