Posts

Showing posts with the label تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان

تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان

Image
تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون سياري جو سيءُھجين مان تپش ھجان نينھن جيان، تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون صحرا جي   پياس ھجين مان اڻ   مندائتو مينھن ھجان، تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون پيار ندي مون ڏي رڙندي اچين مان سمنڊ جي پير بڻجي توسان ملان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   مان مان نه ھجان، بس تون ھجين ھا وحدت جي تصويرھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون عشق ھجين مون لاءِ رئندو ھجين مان ذوالفقارھجان تولاءِ رئان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان شاعري ذوالفقاربھڻ