Posts

Showing posts from September, 2021

شاه عبداللطيف ڀٽائي

شاه عبداللطيف ڀٽائي (1165 - 1102 ھ) والد : شاھ حبيب الله ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ پڙڏاڏو : جمال شاھ تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم جنم ھنڌ : ھالا حويلي وڏن جو تعلق : ھرات سان 1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟ جواب : ڪوٽڙي 2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟ جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾ 3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟ جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي 4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟ جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام 5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟ جواب : تحفة الڪرام 6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟ جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾ 6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟ جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب) 7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟ جاب : 20 سال 8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم ج

استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو.

Image
  استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو. #ذوالفقار_بھڻ  **************************** استاد اھا مخلوق آھي جيڪا سموري دنيا ۾ موجود آھي.سندن ننڊڙيون ننڊڙيون خواھشون آھن تہ ٻار سبق ياد ڪري اچن .سندن شاگرد وڏن عھدن تي پھچن. سندن اسڪول جي بلڊنگ خوبصورت ، سموريون ضروري سھولتون ، خوشگوار ماحول ، جديد دور جي قائدانہ صلاحيتن وارو ھيڊ ماستر ، معاشري ۾ باوقار شھري ،۽ خاص طور تي ھمٿائندڙ سماجي رويا ھجن. پاڪستاني معاشري خاص طور سنڌ ۾ حڪومتي استاد ٿيندي ئي ھڪ مشڪلاتن جي ڌٻڻ استاد جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي ڪيئي سالن تائين پڪي ٿيڻ جي پريشاني ، پگھارن ، انڪريمينٽ ۽ ترقي لاء ڳريون رشوتون .درٻان ،منشي ۽ وڏين ميزن پٺيان ويٺل ڪو گھڻو ڪم نہ ھوندي بہ پاڻ کي مصروف ظاھر ڪندڙ راشي ۽ بداخلاق ڪامورن جا دڙڪا . ايتري قدر جو عمر جا 60 سال پورا ڪري نوڪري پوري ٿيڻ تي بہ ڪيترن ئي مھينن تائين ريٽائرمينٽ جي ڪاگزن جي پورائي لاء آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ ھڪ استاد جو مقدر ٿيو پوي. اھڙي طرح پرائيويٽ استاد جا تہ سور ئي ٻيڻا آھن جنتي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندي. سڌريل سماج ۾ ان پيشي سان لاڳاپيل فردن کي خاص اھميت ۽ نمايان مقام