Posts

Showing posts from August, 2011
Image
آزاد نظم 22-8-2011 تيل،رت، ست دولت،مملڪت وحشت،دھشت، بربريت او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي، سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سڄو شانتي گھرجي پنھنجا نظام پاڻ وٽ رک مونکي انسانيت جو نظام گھرجي مونکي امن گھرجي او ڪلاچيءَ جا ويري منھنجي بابا منھنجي ڀاءُ منھنجي پٽ منھنجي ور منھنجي اميدن منھنجي خوشين جو ناحق خون ڪيو تو آمونکي رت رئاريو تو او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سمورو شانتي گھرجي
Image
مختصرنظم07-8-2011 سنڌ جي وحدت تي تو ضرب ھنئي آ لطيف جي روضي مان آيتن بجائي سڏڪن جو آواز آيو آ‬

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

Zulfiqae behan Poetry

Image
تون چوين ٿو سنڌو ماتا کي ڪپي حصا ڪيون ڪنڌ ڌڙ ٽنگ ون ٻانھون جدا جدا ڪيون رت سان غسل ڪيون ڪو ڀڀڙ ڀڙڪايون......... اڻ ڄاڻ پيٽ باھ پٺيان ڊڪندڙ ڌرتي ڌڻي کي ……. ڊڪايون تون سمجھين ٿو ھي نسل در نسل ڪين مٽبا ق ڇڙوڇڙ رھندا …. تون نفرت جو ٻج پوکي محبت لڻندين؟ سچ تاريخ ۾ ڦ ٽ ڪاريو ويندين سنڌ قائم رھندي جيسين دنيا رھندي تون ملامتن سان دفنايو ويندين تون ملامتن سان دف ن ايو ويندين