Posts

Showing posts from June, 2011

چوسٽو

Image
درد کي درد سان ڀڄايون پاڻ کي پان سان ملايون ٿوھر جھڙي حياتي ڇو؟ زندگي زندگي سان ملايون شاعري؛ ذوالفقاربھڻ Like  ·   ·  Share

17-6-2011نثري نظم)

Image
ان رات.... چند جي بي وسي، تخليقڪارن جي مشاھدي، ضرور ڪو انت ڳوليو ھوندو... ڪاش! چنڊ جي پيڙا ڪوسمجھي ھا... روح پاتال تائين سڏڪيو ھو .... نيڻ پاڻي جي سمنڊ ۾ ٻڌي ويا سچ صبح ٿيندي ئي موڪلائي ويو شاعري ؛ ذوالفقار بھڻ خوبصورت شاعر حسن درس جي وڇوڙي تي

Imdad Hussaini

 حال امداد جو پڇو ڇا ٿا اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ... 27August 2022 ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو  شاعر امداد حسيني اڄ صبح اٺين وڳي اسان کان وڇڙي ويو آهي.... انا للہ و انا الیہ راجعون //// سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي  مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري پارٽ ٽائيم ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽہ ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير هو. امداد حسينيءَ جي خاندان

فيض امن سيمينار ۽ اردو- سنڌي مشاعرو

Image
5جون 2011 تي حيدر اباد  ۾ فيض ان سيمينار ۽ اردو سنڌي مشاعرو ٿيو،ھي شاندار پروگرام سنڌي ادبي سنگت ،  ثقافت کاتوحڪومت سنڌ ، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي (CPCS) طرفان ڪوٺايو ويو ھو ، جنھن ۾ موسيقي جي محفل پڻ ٿي، ۽ وڏي تعداد ۾ اديبن شرڪت ڪئي.

سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ ,گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ

Image
سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ خودڪشي ،ڪاري، رت ۾ ڳاڙھي ســـــور ڪھاڻي ڏاڊي ڏکي آ اکين ۾ جھولا چپن تي تالا ڪوٽ آکاڻي ڏاڊي ڏکي آ رھنڊون رھنڊون انگ انگ جنھنجو پـــريت پڄاڻي ڏاڊي ڏکي آ   شاعري؛ ذوالفقار بھڻ