علم جي لاٽ ٻرندي رھندي:ذوالفقاربھڻ sindhi Poetry about Pishawar incident

علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
منھنجو اسڪول ڳاڙھو ٿي پيو
سارو آسمان ڳاڙھو ٿي پيو
ماءُ ۽ پيءُ جو جيءُ جھريو
ڀيڻ ۽ رانديڪن به رنو
ڪو روح رھنڊون رھنڊون ٿيو
ڪو ڳوڙھو ڪريو سڏڪو سڏڪيو
ھيءَ قوم نيٺ ھڪ ٿي ويندي
رات انڌيري ڪٽجي ويندي
فتح نيٺ حق جي ٿيندي
توکي آخر ناڪامي ٿيندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
نفرتن کي نيڪالي ڏيبي
ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي
امن جو جھنڊو، اڇو جھنڊو
ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو
خزان جو موسم ختم ٿي ويندو
ذوالفقار بھار وري وري ايندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
ذوالفقاربھڻ

دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾: Sindhi Poetry


دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾
ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾

ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو
قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾


رشتا ناتا، مطلب جا سڀ
ڪيڌيون اڪيلايون ھن وڳر۾

ماڻھوءَ ماڻھو ،ماس پيا روڙين
سارا ڀريا  پيا آھن ، زھـــر ۾

رات به تنھا چنـــڊ به تنھا
وحشتون ڊوڙن پيون  گھر ۾

ذوالفقار وقت جيان گذري ويو
پوءِ به رھين ٿي ان جي سحر ۾

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ


’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ


’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’
ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي.
تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ
۽ جڌھن سائين ھدايت بلوچ Hidayat Baloch ’’ويلنٽائن‘‘ ڏينھن تي فون ڪري سوڀو گيانچنداڻي جي عيادت ڪرڻ ساڻ ھلڻ جو چيو اسان سان گڏ محمد سليمان وساڻ Muhammad Suleman Wassan به ھو
سندس لفظ ته 14-2-2012
منھنجا سرخا دوست ويلنٽائين مونسان ملھائڻ آيا آھن.پاڻ کي چڱوڀلو
محسوس ڪيان ٿو. سوڀو گيانچنداڻي
اسان به پنھنجي محبوب سان ويلنٽائين ملھايو
’’رھيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري
لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات،ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي‘‘ 

شاھ


sindhi poetry

اندلٺي رنگ تنھنجي چولي تي
منھن موڙ نه،اسان کان او سائين
اچُ ته مُرڪي ملون، ’ھولي‘ تي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
 

نظم منھنجون سوچون

منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن
ڪڏھن تو وٽ 
ڪڏھن ويرانن ۾
رلنديون رھنديون آھن
منھنجون سوڇون
ڪڏھن عرش
ڪڏھن فرش
ڪڏھن مڪان
ڪڏھن لامڪان
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن

بس ان وقت  وجود منھنجو
ساڪن ٿي ويندو آ
جڏھن منھنجي روح کي
تون ڀاڪر پائي 
سمھي رھندو آھين
منھنجون سوڇون

سوال اٿارينديون آھن
جواب ڳولينديون آھن
انائن جي سماج ۾
ڪروڌي ڪڙم ۾
ھي به سچ آ
منھنجو ظاھر نردوش آ
منھنجو باطن
جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ 
مونتي حڪم ھلائيندو آ
مونکي استعمال ڪندو آ
ھا- سزا وار اھو آ
منھنجو باطن
ھُو، ظالم آ
مظلوم به آ
دوشي آ
نردوش به آ
ادني آ
اعلي به آ
جاھل آ
عالم به آ
حقير آ
اتم به آ
رئندو آ
کلندو به آ
مڪار آ
محبتي به آ
پر بي چين آ
سچ جي تلاش ۾
اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن
 منھنجو سوچون
مونسان پيار ڪنديو آھن
مونسان جنگ ڪنديون آھن
وري وري ڏوڪو کائڻ تي
ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي

منھنجون سوچون
پيسيمسٽ
آپٽيمسٽ
 نگيٽو
پازيٽو
ترقي پسند
تنگ نظر
مونکي ھمٿائينديون آھن
مونکي ڊيڄارينيون آھن
سچ لکندس
 دوست ناراض ٿي ويندا
تنھا ٿي ويندس
وري دليل ڏينديون آھن
خدا به ته اڪيلو آ
مصلحتون،ماڻھپو
قائدا ،قانون
مذھبي ،سماجي
ٻنڌڻ
..................منھنجي آزادي
منھنجون سوچون
ڦيرائي جُز کان
ڪُل طرف
آڻينديون آھن
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن


بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

شاعري؛ذوالفقاربھڻ
بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....
دل روئي نير وهائي ٿي.....
انسان جي انسان هٿان
تذليل ڏسي
دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي

مان ته آدم آھيان،
مرڻو ناھيان.
ازل تائين رھڻو آھيان
جڏھن
ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو
مان تڏھن کان آھيان
پوءِ به.........
ڇا ڪيان..
پنھنجي بي وسي تي
روئي ڏيان ٿو...
مونکي ورھايو ويو آ،
مذھبن ۾،ملڪن ۾،
طبقن ۾،جنسن ۾،
زبانن ۽ ذاتين ۾........
ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟
پنھنجي بي وسيءَ تي
دل روئي ٿي.....
نير وھائي ٿي
بس ڇا ڪيان يار....

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي


ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي
ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾

شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Happy Diwali to all my friends .Zulfiqar Behan.
************************************
اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون
انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟
بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار
جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو.
شاعري- ذوالفقار بھڻ