چنڊ چٿرون نه ڪر انگ اگھاڙا ڏسي ٻار بکارا ڏسي بادلن جي اوٽ ۾ وڃ لڪي وڃ لڪي مونتي الرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر جھوپا جھريل منھنجا خواب ڀُريل منھنجا او عالم، او شاعر عشق جون فشق جون ايڏيون پچرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر ٿو سچ ڪئوڙو لڳئي سج کان تون پنين گدا مونکي چئين؟ تون به سوالي آھين منھجي بيوسي تي ڪرڙيون نظرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
Posts
Showing posts from May, 2012
- Get link
- Other Apps
خوبصورت راڳي ماسٽر منظور کي ارپنا هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا ************************** **** هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا سانوڻ۽بهار۾، گيت منهنجا تو وٽ ايندا سنڌوءَجوڀن ، دادو مورو پل، خيالن جي لار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا نَظمَ غزل جي محفل،چانڊوڪي اڌَ رات ڇيرن جي ڇنڪار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا محبتن جو ڏڪار،ماڻهوءَ، ماڻهودشمن اڻ ڳولئ انتظار۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا —