ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ،


ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ،نفرت ڇو پيو پڙھائين ؟مذھبَ محبت جي علامتَپيار،امن ڇونه ٿو پڙھائين؟


اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا


اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو
وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 

ڌرتي امن گھري ٿي.



بَرلن ڀِتِ پَٽُ ٿي وئي

ايڪويھين صدي ۾

نفرت جي ڀت اڏڻ وارا

ٻڌ!!! ڌرتي امن گھري ٿي....

ھي اڃايل،بکايل

ايٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ

ماني ڳڀو

پنھنجا وسيلا،

۽ سک جا خواب ڳولين ٿا

ديوارون،سرحدون

لاشن تي تعمير ٿينديون ھن

بک، بدحاليءَ،بيماريءَ

قبرستان آباد ڪري ڇڏياھن.....

پيار امن،خوشحالي جو ڏڪارڇو؟

ڌرتي امن گھري ٿي...