Posts

Showing posts from November, 2025

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Image
 هي ڪتاب انهن جي نانءُ جيڪي علم جي واٽن تي روشنيءَ جا ڏيئا ٻاري، محبت، صبر ۽ جدوجھد سان قوم جي مستقبل کي سنوارين ٿا. جيڪي شاگردن جي ذهنن ۾ اميد جا گل پوکين ٿا ۽ تبديليءَ جو بنياد بڻجن ٿا.  اوھان  جي محنت، علم ۽ خلوص کي هي ڪتاب خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو. سبق 1: بهترين استاد اهو آهي، جيڪو هر دل ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ٿو. سبق 2: جيڪو ڪلاس کي صرف ڪمرو نه، پر خوابن جو جهان بڻائي ٿو. سبق 3:جيڪو هر ٻار ۾ مستقبل جو ستارو ڏسي ٿو. سبق 4: جيڪو مايوسيءَ کي حوصلي ۾ بدلائي ٿو. سبق 5: جيڪو علم سان گڏ محبت سيکاري ٿو. سبق 6:جيڪو شاگرد جي اکين ۾ پنهنجو مقصد لهي ٿو. سبق 7:جيڪو وقت کان اڳ اچي ٿو ۽ سڀني کان پوء وڃي ٿو. سبق 8:جيڪو هر شاگرد کي چوندو آهي: “تون ڪري سگهين ٿو!” هن طرح جا 100 سبق ڪتاب ۾ تفصيل سان موجود آهن  اڄ پنھنجي لاء ڪتاب گهرايو.👇🏻👇🏻 zulfiqarbehan@yahoo.com #drzulfiqarbehan

Syed Pannah Ali Shahسيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون

Image
 سيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون سيد پناھ علي شاھ ولد ميرڪ اميد علي شاھ 6 جنوري 1914ع تي پيدا ٿيو. سندس ولادت لاڙڪاڻي جي "جاڙل شاھ بخاري" محلي ۾ ٿي. سندس تعلق سکر جي "ميرڪي سادات" خاندان سان ھو. سيد پناھ علي شاھ جو والد سيد اميد علي شاھ اصل ۾ پراڻي سکر ۾ آباد ھو پر پوءِ پاڻ سکر کي خيرآباد چئي لاڙڪاڻي ۾ ھميشہ لاءِ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سيد اميد علي شاھ کي ڪافي عرصو نرينو اولاد ڪونہ ٿيو. آخري عمر ۾ کيس ھڪ فرزند سيد پناھ علي شاھ نالي ڄائو جيڪو پنھنجي والدين جو اڪيلو اولاد ھو. سيد پناھ علي شاھ پنھنجي ابتدائي تعليم سرائي شاھ محمد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ ثانوي تعليم مدرسہ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. جتان سن 1936ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. شاھ صاحب اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جھونا ڳڙھ (ھندوستان) ويو. جتان سن 1943ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ان کان پوءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ميرس جي پرنسپال جي عھدي تي فائز ٿيو. سيد پناھ علي شاھ کي سن 1947ع ۾...