Great educationist of Pakistan Dr. U.A Issani Sb
ضلع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي
پهريون فوجي آفيسر
عثمان علي عيساڻي ولد جي ٖ ايم عيساڻي، 27 مئي 1934ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو ٖ هن ابتدائي تعليم ديره دون اڪيڊمي ۽ لارينس ڪاليج مريءَ مان حاصل ڪئي ان بعد 1956ع ۾ فوجي ڪميشن ۾ سليڪٽ ٿي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان 13هين لانگ ملٽري ڪورس نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري ليفٽننٽ بڻيو هو پهريون سنڌي فوجي آفيسر هو جنهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو اعلئ اعزاز “ سورڊ آف آنر “ حاصل ڪيو ٖ هو ڪيپٽن جي عهدي تي پهچڻ بعد فوج کان پاڪستان جي سول سروس ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيو گڏو گڏ تعليمي سلسلو بہ جاري رکيائين ايم. اي. سي (ايجوڪيشنل پلاننگ) برڪلي يونيورسٽي آمريڪا ٖ ماسٽرس ان هسٽري پنجاب يونيورسٽيءَ ۽ پي. ايڇ. ڊي نمل يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سول بيورو ڪريٽ طور ڪم ڪيو ٖ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڪيترن ئي اهم عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن تعليمي ميدان ۾ سوين سنڌي نوجوانن جي مدد ڪئي ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳرايو. سندس اهم عهدن ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر خيرپور 1966ع کان 1967ع تائين، سيڪريٽري تعليم، ايڊيشن چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ٖ 2 دفعا چيف سيڪريٽري سرحد صوبو ٖ وفاقي سيڪريٽري خوراڪ، زراعت، حڪومت پاڪستان، سيڪريٽري، وزارت صحت، ريلويزي کاتي ۾ سيڪريٽري، سيڪريٽري جنرل اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڪستان، پرنسپل سيڪريٽري ٽو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو صاحبہ کيس سيڪريٽري ايسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۽ وزير اعظم نواز شريف کيس پرنسپل سيڪيريٽري مقرر ڪيو چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد وغيره شامل آهن. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هي هڪ سنڌي آفيسر جي حيثيت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڊگهي عرصي لاءِ سي. ايس رهيو. عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جي اڳوڻي گورنر ليفٽننٽ جنرل فضل الحق سان گڏ فوج ۾ ڪميشن ڪئي هئي. اهو ئي سبب هو جو فضل الحق جيترا ڀيرا گورنر ۽ وڏو وزير رهيو، تيستائين ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جو چيف سيڪريٽري رهيو. هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وي. سي هجڻ دوران سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي ميدان ۾ دروازا کولي ڇڏيا ۽ کين روزگار ڏياريو. سندس علائقي جا ڪيترائي نوجوان اهم عهدن تي فائز آهن، جيڪو سندس محنت جو ئي نتيجو آهي. ڊويزن جنرل ضياء جي لاڏاڻي بعد بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم بڻي تہ پاڪستان جي بيورو ڪريسي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ سنڌي آفيسر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي کي سيڪريٽري ايسٽيبلشمنٽ ڊويزن مقرر ڪيو ٖ عٽمان علي عيساڻي صاحب هن وقت 90 سالن جي عمر ۾ زنده حيات اسلام آباد ۾ رهي ٿو

0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home