سنڌي ٻوليءَ جي شروعات
1. سنڌيءَ ۾ صرف ونحو (گرامر) تي پھرين ڪتاب
1850ع ۾ لكيوويو.
2. انگريزن 1851ع ۾ حڪم نامو جاري ڪيوت انگريز آفيسر لازمي طور تي سنڌي پڙهن.
3. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي.
4. سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي رسم الخط 1853ع كان آهي.
5. سنڌيءَ ۾ پھريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لكيوويو.
6. سنڌيءَ ۾ پھريون قصو 1854ع سن ۾ ڇپيو.
7.سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.
8.سنڌيءَ ۾ قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لكيوويو.
9.سنڌيءَ ۾ پھريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو.
10 . سند جوپهريون نقشو 1870ع ۾ شايع ٿيو.
11.ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي گرامر لكيو.
12. سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر لكيو.
13. ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لكيو.
14. ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لكيو.
15. سنڌيءَ ۾ آتم ڪھاڻي جي شروعات 1946ع كان ٿي آهي.
انھيءَ طرز عمل تي پهريون ڀيرو فقير محمد سنڌي عمل پيرا آهي. اچو تہ "پھريون" هجڻ جي شرف حاصل ڪندڙ عامل و حامل كي شامل ڪريون، انھيءَ لاءِ اقتباسات جي معلومات پيش نظر ركجي ٿي.
1. سنڌي ادب جو پھريون دؤر سومرن جي دؤر كان آهي.
2.سنڌي نثر جو پھريون قصوسسئي پنھون آهي.
3. سنڌي نظم جو پھريون شاعر قاضي قاضن آهي.
4. سنڌي ۾ ترائيل جو پھريون شاعر نارائڻ شيام آهي.
5. سنڌيءَ ۾ غزل تي پهريون ڪتاب آخوند گل محمد جوآهي.
6. سنڌي جي پھرين درسي ڪتاب سنڌي ٻاراڻو ڪتاب" آهي.
7.سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پھريون درسي ڪتاب ننديرام مير چنداڻي لكيو.
8. سنڌيءَ ۾ پھريون صاحب ديوان شاعر آخوند گل محمد هو.
9. سنڌيءَ ۾ لكيل پھرين اصلي آتم ڪھاڻي "سائو پن ۽ ڪارو پن" آهي.
10. سنڌ ۾ باقاعده تعليمي اداراسڀ كان پھرين يونانين قائم ڪيا.
11. شاه جي رسالي جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر سورلي ڪري ڇپايو.
12. سنڌ جي ذوالفقار علي ڀٽو كي برطانیہ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو پھريون ايشيائي استاد مقرر ڪيوويو.
13. سومرن جي دؤر جوپهريون شاعر پير صدر الدين شاه هو.
14. سومرن جي دؤر ۾ پھرين شاعري گنان صنف كان شروع ٿي.
15. جديد سنڌي گيت جوپھريون شاعر صوفي نيڀراج آهي.
16. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر جو پهريون سنڌي شاعر شاه عنايت رضوي هو.
17. لوگ (لوڪ) گيت تي پهريون ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لكيو.
18. شاعريءَ جي صنف "هجو گوئي" جو پھريون مؤجد سيد ثابت علي شاه هو.
19. شاعريءَ ۾ مدح جي صنف جوپھريون مؤجد جمن چارڻ هو.
20. سنڌي مرثيي جو پهريون بنياد سيد ثابت علي شاه ركيو.
مادري ٻولي جو عالمي ڏھاڙو
International Mother Language Day
No comments:
Post a Comment