کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا

 

کين ۾ ٻوڏ
ھانو ڊھي پيا
نياڻين جو ڏاج
ٻارن جا رانديڪا
لڙھي ويا
ونيون ، ٻنيون
اداس ٿي ويون
رستا وستيون واھڻ
ويران ٿي ويا
جوان جذبن جي مرڪ ،
لٿل منھن
دعائن لاءِ کڄندڙ
ڏڪندڙ هٿ ....
امداد لاءِ .....
کڄندي ڏسي
اکين جا بند ڊھي پيا
ھا..
ھي وقت به گذري ويندو
حوصلا نه ھاربا

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —