کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا
کين ۾ ٻوڏ
ھانو ڊھي پيا
نياڻين جو ڏاج
ٻارن جا رانديڪا
لڙھي ويا
اداس ٿي ويون
رستا وستيون واھڻ
ويران ٿي ويا
جوان جذبن جي مرڪ ،
لٿل منھن
دعائن لاءِ کڄندڙ
ڏڪندڙ هٿ ....
امداد لاءِ .....
کڄندي ڏسي
اکين جا بند ڊھي پيا
ھا..
ھي وقت به گذري ويندو
حوصلا نه ھاربا

0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home