Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan



اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا
وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ
وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا

فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو
ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —
 





مسلم، ھجين،ھندو ھجين يا ڀلي عيسائي

انتھاپسندي پکيڙي تو آ، انسانيت لڄائي

پيار,امن،مرڪ وڻي سونھن ھر ھڪ کي-

تو ڇو آھي , نفرت جي باھ ڀڙڪائي ؟؟

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

 

الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ




الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ
*********************************
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا
شاھزيب قتل ٿين


ڪو ڏينھن ناھي خالي
ڪنھن رات ناھي ناغو
ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾
ڪي معصوم ٿا اجل ٿين
لائي ڇونٿا توکي نظر اچن

ڪنھن يتيم جي دانھن
ڪنھن ماءُ جا سڏڪا
ڪنھن بيوھ جازلف پريشان
ھت پنج ئي وقت پيا
رت سان غسل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن


قاتل پوء به قاتل آھي
شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي
ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس
نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا

شاھزيب قتل ٿين