Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan



اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا
وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ
وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا

فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو
ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —
 

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —