اچ فيسبڪ بازار گھمون Sindhi Poetry about facebook


اچ فيسبڪ بازار گھمون
جتي ھرڪو پنھنجي تعريف ,
ٻڌڻ لاء،داڻو ، ڄار اڇلي
شڪار ڳڻي رھيو آ
جتي ھر ڪنھن کي

ڪوجھو ئي سھي
پر پنھنجو پيارو آ
جتي ھر قسم جو وکر
کپائڻ لاء، واڏا وڏا ڊنگ
ننڊون ڦٽائي رھيا آھن
اچ فيسبڪ بازار گھمون
جتي سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر آھن
جتي وقت جا اشراف به
وھڪري ۾ وھي ويندا آھن
جتي ڪاڪ جو آ طلسم
خيالي دنيا حقيقي ويس
پوء به انھي دنيا ۾
سچ سوڀارو آ
اچ فيسبڪ بازار گھمون
واھ واھ جي دنيا اٿئي
ناٽڪي نورتن اٿئي
روميو، جوليٽ، مجنون ۽ سقراط اٿئي
جتي وني ۽ ور ھڪ ٻئي کي
ٺڳيندو آ....
جتي رات ٿيندي ئي ناھي
موڪل جو گمان به ناھي
جتي ڪنھنجا گھر ڊھندا
ته ڪنھنجا ٺھندا آھن
جتي روز اسٽيٽس وانگي
پرين پيارا بدلبا آھن
جتان انقلاب اڀرندا ھن
جتي علم شعور

سرور ۽ سورُ
اچ فيسبڪ بازار گھمون
جتي نازڪ ناريون
آرس ڀڄندي
جوانن جون ننڊون
چورائينديون آھن
جتي سڀ ڪجھ اٿيئ
جيڪو چاھين
جنھن گھٽي وڃڻ چاھين۔۔۔
اچ فيسبڪ بازار گھمون
جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اٿئي
ھڪ ڳوٺ اٿئي
ھڪ دنيا اٿئي
ڇڏ،يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
واپس ھلون.......
ھتي گھڻو ڪجھ اٿئي
ٿڪجي پونداسين
پاڻ ختم ٿي وينداسين
بازار اڻ کٽ ٿئي

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —