مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ


مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ
*********************************
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ
جن گھر گھر ۾ آ باھ لڳائي
ماءُجي آھي ٿڃ لڄائي
تن سان ھن کي وڙھندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ

ڪا اک روئي ٿي، پار ڪڊي ٿي
ھئي ھئي ھينئان دار ڪري ٿي
ڪنھن ڇوليءَ کي ڇلندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ

آ رات ڇسي، ۽ ڏينھن بي رنگ
ڇو گھر گھر جھيڙو، جيئڻ آ تنگ
پاڻ ۾ ھي پيا ڇوٿا وڙھن
ڪرب ۾ ڪنھنکي ڪڙھندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —