اھڙوسکيو سنسار ھجي



اھڙوسکيو سنسار ھجي
جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي
جتي نفرت جو نه واپار ھجي
جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي
جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي
جتي سوچ تي نه وار ٿئي
جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي
ااھڙوسکيو سنسار ھجي

ھي طبقاتي نظام ڇو؟
ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟
ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟
جتي ھاري حقدار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي
جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي
جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي
جتي آزاديء اظھار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي
جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي
جتي وني نه بي وس، پئي پڄري
جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي


جتي خدمت فرق بنا ٿئي
جتي تاريخ سان نه زنا ٿئي
جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي
جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي قلم مان نه بارود نڪري
جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري
جتي سج تپش مان سگھ اڀري
جتي سادو ذوالفقار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —