شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ


شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

تعزيتون ٿينديون 

ميڙا مچندا

سڏڪا ھوندا

چرچا ھوندا

ھرڪو چوندو

ڏاڊو چڱو ھو

پر

 ڏاڊو ڏور ھليو ويندس

موٽي مُورُ نه ايندس 

دردن دل کي ڳاري ڇڏيو

سورن سند سند ساڙي ڇڏيو

سمجھي ڪوئي نه سگھيو اسان کي

سور سيني ۾ سانڊي ويندس

موٽي مُورُ نه ايندس

  شاعر لکندا شاعري 

ليکاري لکندا ليک

پيارپکيڙيو جنگ سان جھيڙيو 

پيارئي پيار پکيڙي ويندس 

موٽي مُورُ نه ايندس 

موٽي مُورُ نه ايندس





https://www.facebook.com/photo.php?fbid=430108667031148&l=46b3c3f658

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —