نثري نظم شاعري؛ ذوالفقار بھڻ
روڊ ڀرسان
وڻن پٺيان
ھُو جو ڳوٺ آ
جھڙالي مست موسم آ
ڪيڏو دلڪش نظارو آ
انھيٕ واھڻ ۾ ڪا اپسرا
اوسيئڙي ۾ آ
ھيءَ ڪوئل جي ڪو ڪو
وڻن جي ٽارين جو ناچ
ھي پوپٽ
ٻارن جون رانديون
ھڪ جيڏين جا جھرمٽ
پوءِ به........
دل ، پنڃري ۾ بند پکيءَ جيان
اکين ۾ سڪ جا موتي
اوجاڳن جو ٿڪ۔۔۔
سندس شرير کي
سمنڊ جي سپ جيان
طلب آ پنھنجي محبوب
بارش جي بوندن جي
پنھنجي منھن پئي ٿي جھونگاري
‘‘منھنجو سانول ايندو
بوندين ڀڄندس
منھنجو سانول ايندو .
روڊ ڀرسان
وڻن پٺيان
ھُو جو ڳوٺ آ

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —