چنڊ چٿرون نه ڪر
انگ اگھاڙا ڏسي
ٻار بکارا ڏسي
بادلن جي اوٽ ۾
وڃ لڪي وڃ لڪي
مونتي الرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

جھوپا جھريل منھنجا
خواب ڀُريل منھنجا
او عالم، او شاعر
عشق جون فشق جون
ايڏيون پچرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

ٿو سچ ڪئوڙو لڳئي
سج کان تون پنين
گدا مونکي چئين؟
تون به سوالي آھين
منھجي بيوسي تي
ڪرڙيون نظرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 



Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —