اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا


اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو
وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —