Posts

Showing posts from May, 2024

کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا

Image
  کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا ونيون ، ٻنيون اداس ٿي ويون رستا وستيون واھڻ ويران ٿي ويا جوان جذبن جي مرڪ ، لٿل منھن دعائن لاءِ کڄندڙ ڏڪندڙ هٿ .... امداد لاءِ ..... کڄندي ڏسي اکين جا بند ڊھي پيا ھا.. ھي وقت به گذري ويندو حوصلا نه ھاربا #zulfiqarbehan #ذوالفقاربھڻ

سنڌ بابت ڄاڻ Sindh Babat Jaan

 ھي بنيادي معلومات ھر پڙھيل سنڌي کي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ گھرجي. سنڌ بابت اھم ڄاڻ سنڌ هن وقت 6 ڊويزنن، 30 ضلعن، ۽ 138 تعلقن ۾ ورهايل آهي. سنڌ ۾ هيٺيون ڇھ ڊويزنون آهن: 1.لاڙڪاڻو، 2. سکر،  3.شهيد بينظير آباد، 4.حيدرآباد، 5.ميرپور خاص، 6.ڪراچي.                سنڌ جي هر هڪ  ڊويزن ۾ هيٺيان ضلعا آهن: هڪ. لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا  1: لاڙڪاڻو،  2: ڪشمور، 3: شڪارپور، 4: جيڪب آباد،  5: قمبر شهدادڪوٽ ٻيو: سکر ڊويزن 1: سکر 2:گهوٽڪي(ميرپورماٿيلو) 3:خيرپور ٽيون: شهيد بينظير ڀٽو ڊويزن 1: شهيد بينظير آباد 2: نوشهروفيروز 3:سانگهڙ چوٿون: حيدرآباد ڊويزن 1: حيدرآباد 2: ڄامشورو 3: دادو 4: مٽياري 5: ٽنڊوالهيار 6: ٽنڊومحمد خان 7: بدين 8: ٺٺو 9: سجاول پنجون:ميرپورخاص ڊويزن 1: ميرپورخاص 2: ٿرپارڪر 3: عمرڪوٽ ڇهون:ڪراچي ڊويزن 1: ڪراچي اوڀر 2: ڪراچي اوله  3: ڪراچي ڏکڻ 4: ڪراچي مرڪز 5: ملير 6: ڪورنگي 7: ڪياماڙي سنڌ جا 138 تعلقا  1= باقراڻي 2= ڏوڪري 3= لاڙڪاڻو 4= رتوديرو 5= ڪنڌڪوٽ 6= ڪشمور 7= تنگواڻي 8= ڳڙهي ياسين 9=خانپور 10= لکي 11= شڪارپور 12...