Posts

Showing posts from August, 2021

تعليم ئي قومن جو جياپو آھي. پروفيسر ذوالفقاربھڻ

Image
تعليم ئي قومن جو جياپو آھي.   پروفيسر ذوالفقاربھڻ                             ھڪ بين الاقوامي   يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي لکيل ھڪ فڪر انگيز جملو تہ ؛ ڪنھن بہ قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايٽم بم ۽ پري تائين مار ڪرڻ وارن ميزائلن جي ضرورت ناھي   بلڪہ ان قوم جو نظام تعليم ڪيرائي ڇڏيو ۽ شاگردن کي امتحان ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيو، اھا قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي .اھڙي ناڪارا نظام تعليم مان نڪرڻ وارن ڊاڪٽرن جي ھٿان مريض مرندا رھندا، انجنيئرن جي ھٿان عمارتون تباھ ٿينديون، معيشت دانن   جي ھٿان دولت ضايع ٿي ويندي ، مذھبي رھنمائن جي ھٿان انسانيت تباھ ٿي ويندي،ججن جي ھٿان انصاف قتل ٿي ويندو، اھڙي طرح ان قوم مان نجات ملي ويندي. ترقي يافتہ قومون گهڻو وقت پھريان کان آن لائين ۽ فاصلاتي نظام تعليم مان فائدو وٺي رھيون آھن. پاڪستان ۾ خاص طور سنڌجي   شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ سماجي تبديلين کي قبولڻ وارن روين جي    گھٽتائي سبب تعليم جو   گذريل ٻن سالن دوران ڪافي نقصان ٿيو. سنڌ جا موجودھ تعليمي اڳواڻ سائين سردار شاھ ، اڪبر لغاري صاحب ۽ سيد خالد حيدر شاھ   قوم جا خيرخواھ   نظرياتي