Posts

Showing posts from December, 2020

سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي ڪردار ۽ لوڪ ادب ، لسانيات ۽ لطيف جو پارکو ، نقاد ،محقق ، اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھميشھ لاءِ وڇڙي ويو

Image
  #الوداع #drkamal_jamro ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ئي ڏنا آھن ائين کڻي چئجي تھ ڊسمبر ويندي ويندي انمول ھيرن کي ڏورانھين ۽ اڻ ڏٺي ڏيھ ڏي کڻي ويندو آھي. ڪھڙا نالا کڻي ڪھڙا ڳڻائجن ڪالھ 16 ڊسمبر 2020 تي سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي ڪردار ۽ لوڪ ادب ، لسانيات ۽ لطيف جو پارکو ، نقاد ،محقق ، اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھميشھ لاءِ وڇڙي ويو سيئي جوڀن ڏينھن جڏھن سڄڻ سفر ھليا رُئان رھن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن 20 سال پھريان ساڻس ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ملاقات ٿي ھئي ۽ ائين ويجھڙائپ دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي مشھور ادبي پروگرام رسالو ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪيم.پاڻ جڏھن سنڌي جو ليڪچرر اسلاميا ڪاليج ڪراچي ۾ ٿيو تھ اتي بھ ساڻس گڏجي سبجيڪٽ فورم تي جاکوڙ ڪئي سين. اھڙي طرح ڪراچي جي ادبي ۽ ٿقافتي پروگرامن ۾ بھ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪمال جو ڪمال اھو ھو جو ھي ھڪ جاکوڙي ۽ قابل انسان ھو جنھن بنياد تي پاڻ چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ اردو يونيورسٽي پڻ ٿيو. سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پائلر سان گڏجي بعد ۾ پنھجي سرھاڻ وسيلي سماجي خدمت ڪندو رھيو. مون کي چوندو ھو يار بھڻ صاحب تون ۽ مان غ

سنڌ جو برک عالم ٖ اديب ٖ استاد ۽ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڏاڻو ڪري ويو

Image
  واڪا ڪندي ووء  صديون تولاء سنڌڙي  سنڌي ٻولي ۽ گرامر جو  ڄاڻو ڪھاڻيڪار عالم محقق    سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ـ برک اديب ـ سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد  معلم   سنڌي ٻولي جو تشريحي گرامر ـ  جھڙا اھم ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر غلام  علي الانا  اسان سڀني کي سوڳوار ڪري ويو ــ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر ـ سنڌي ٻولي جي  با اختيار اداري جو چيئرمين ـ پڻ رھيو 1930ع تي تڙ خواجا م جنم ورتائين ــ پاڪستان  جي ٻوليء  جي ماھرن ۾  پھرين لسٽ ۾ شامل ھو  ـ الانا صاحب سان مون ساڻس سندس ھڪ شاگرد طور سنڌي جي نصاب جي جوڙجڪ ڪميٽي ۾ ڪم ڪيو https://youtu.be/NsIaKAK3NdM https://youtu.be/NsIaKAK3NdM