Posts

Showing posts from December, 2012

Happy New Year to All my friends

Image
الودع 2012......ڀليڪار2013 قدم قدم امتحان ،گھڙي گھڙي گھاوَ ڏکن سيکاريا وانوَ،صبر جا سورن ۾ شاعري ذوالفقاربھڻ

اچ فيسبڪ بازار گھمون Sindhi Poetry about facebook

Image
اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي ھرڪو پنھنجي تعريف , ٻڌڻ لاء،داڻو ، ڄار اڇلي شڪار ڳڻي رھيو آ جتي ھر ڪنھن کي ڪوجھو ئي سھي پر پنھنجو پيارو آ جتي ھر قسم جو وکر کپائڻ لاء، واڏا وڏا ڊنگ ننڊون ڦٽائي رھيا آھن اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر آھن جتي وقت جا اشراف به وھڪري ۾ وھي ويندا آھن جتي ڪاڪ جو آ طلسم خيالي دنيا حقيقي ويس پوء به انھي دنيا ۾ سچ سوڀارو آ اچ فيسبڪ بازار گھمون واھ واھ جي دنيا اٿئي ناٽڪي نورتن اٿئي روميو، جوليٽ، مجنون ۽ سقراط اٿئي جتي وني ۽ ور ھڪ ٻئي کي ٺڳيندو آ.... جتي رات ٿيندي ئي ناھي موڪل جو گمان به ناھي جتي ڪنھنجا گھر ڊھندا ته ڪنھنجا ٺھندا آھن جتي روز اسٽيٽس وانگي پرين پيارا بدلبا آھن جتان انقلاب اڀرندا ھن جتي علم شعور سرور ۽ سورُ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي نازڪ ناريون آرس ڀڄندي جوانن جون ننڊون چورائينديون آھن جتي سڀ ڪجھ اٿيئ جيڪو چاھين جنھن گھٽي وڃڻ چاھين۔۔۔ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اٿئي ھڪ ڳوٺ اٿئي ھڪ دنيا اٿئي ڇڏ،يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واپس ھلون....... ھتي گھڻو ڪجھ اٿئي ٿڪجي پونداسين پاڻ ختم ٿي وينداسين بازار

10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي جتي نفرت جو نه واپار ھجي جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي جتي سوچ تي نه وار ٿئي جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي ااھڙوسکيو سنسار ھجي ھي طبقاتي نظام ڇو؟ ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟ ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟ جتي ھاري حقدار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي جتي آزاديء اظھار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي جتي وني نه بي وس، پئي پڄري جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي خدمت فرق بنا ٿئي جتي محبت نه فنا ٿئي جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي قلم مان نه بارود نڪري جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري جتي سج تپش مان سگھ اڀري جتي سادو ذوالفقار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي
Image
    مونکي بچايو آ، منھنجن دوستن ڪيڏو وکري وڃان ھان!!! جيڪر نه ھجن ھان ڪتاب شاعري؛ذوالفقاربھڻ