نصاب سازيءَ جا عالمي ماڊل (ٽيلر ۽ ويلر جا نظريا) ڊاڪٽر ذوالفقار بھڻ
نصاب سازيءَ جا عالمي ماڊل (ٽيلر ۽ ويلر جا نظريا) تعارف (Introduction) نصاب سازي (Curriculum Development) ڪو حادثاتي يا بي ترتيب عمل نه آهي، پر هي هڪ باقاعده سائنسي ۽ تحقيقي عمل آهي. جيئن ڪا به عمارت اڏڻ کان اڳ انجنيئر هڪ نقشو (Blueprint) يا ماڊل ٺاهيندا آهن، بلڪل تيئن تعليمي ماهر نصاب ٺاهڻ لاءِ مختلف طريقا يا ”ماڊلز“ (Models) استعمال ڪندا آهن. اهي ماڊل ٻڌائيندا آهن ته نصاب ڪيئن ٺاهيو وڃي، ان جي شروعات ڪٿان ٿئي ۽ پڄاڻي ڪيئن ٿئي. دنيا ۾ نصاب سازيءَ جا ڪيترائي ماڊل موجود آهن، پر ويهين صديءَ جي ٻن عظيم تعليمي ماهرن، رالف ڊبليو ٽيلر (Ralph W. Tyler) ۽ ڊي. ڪي. ويلر (D.K. Wheeler) جا پيش ڪيل ماڊل اڄ به سڄي دنيا ۾، بشمول سنڌ جي تعليمي نظام ۾، سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿين ٿا. هن باب ۾ اسان انهن ٻنهي ماڊلز جي بنيادي فلسفي ۽ طريقِ ڪار تي تفصيلي بحث ڪنداسين. رالف ڊبليو ٽيلر جو ماڊل (Tyler's Linear Model) رالف ڊبليو ٽيلر کي جديد تعليمي تاريخ ۾ ”نصاب سازيءَ جو باني“ مڃيو وڃي ٿو. هن 1949ع ۾ پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب "Basic Principles of Curriculum and Instruction" لکيو. هن ڪتاب تعليمي دنيا ۾ ه...