استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو.

 



استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو. #ذوالفقار_بھڻ 

****************************

استاد اھا مخلوق آھي جيڪا سموري دنيا ۾ موجود آھي.سندن ننڊڙيون ننڊڙيون خواھشون آھن تہ ٻار سبق ياد ڪري اچن .سندن شاگرد وڏن عھدن تي پھچن. سندن اسڪول جي بلڊنگ خوبصورت ، سموريون ضروري سھولتون ، خوشگوار ماحول ، جديد دور جي قائدانہ صلاحيتن وارو ھيڊ ماستر ، معاشري ۾ باوقار شھري ،۽ خاص طور تي ھمٿائندڙ سماجي رويا ھجن.

پاڪستاني معاشري خاص طور سنڌ ۾ حڪومتي استاد ٿيندي ئي ھڪ مشڪلاتن جي ڌٻڻ استاد جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي ڪيئي سالن تائين پڪي ٿيڻ جي پريشاني ، پگھارن ، انڪريمينٽ ۽ ترقي لاء ڳريون رشوتون .درٻان ،منشي ۽ وڏين ميزن پٺيان ويٺل ڪو گھڻو ڪم نہ ھوندي بہ پاڻ کي مصروف ظاھر ڪندڙ راشي ۽ بداخلاق ڪامورن جا دڙڪا . ايتري قدر جو عمر جا 60 سال پورا ڪري نوڪري پوري ٿيڻ تي بہ ڪيترن ئي مھينن تائين ريٽائرمينٽ جي ڪاگزن جي پورائي لاء آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ ھڪ استاد جو مقدر ٿيو پوي.

اھڙي طرح پرائيويٽ استاد جا تہ سور ئي ٻيڻا آھن جنتي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندي.

سڌريل سماج ۾ ان پيشي سان لاڳاپيل فردن کي خاص اھميت ۽ نمايان مقام ڏنو وڃي ٿو. جنھن جا ڪيئي مثال ڏيئي سگجھن ٿا. امريڪا ، برطانيہ جاپان ،فرانس، ملائيشا، اٽلي سميت تمام ترقي يافتہ ملڪن ۾ استاد کي تمام گھڻي عزت ڏني وڃي ٿي. 

اشفاق احمد ھڪ ھنڌ لکيو تہ ؛ برطانيہ ۾ ٽريفڪ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مون تي جرمانو عائد ڪيو ويو، مان ڪن مصروفيتن سبب چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ مونکي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو پيو. ڪمري عدالت ۾ مونکان جج معلوم ڪيو تہ مون چالن ڇونہ جمع ڪرايو آھي تہ مون کين چيو تہ مان ھڪ پروفيسر آھيان ۽ اڪثر مصروف رھندو آھيان انڪري چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ جج چيو The Teacher is in the court۽ پوءِ جج سميت سمورا ماڻھو احترامن اٿي بيٺا ان ڏينھن مان ان قوم جي ترقيءَ جو راز ڄاڻي ويس.

استاد ذھن ساز آھي ، استاد بادشاھ تہ ناھي پر بادشاھ گر ضرور آھي، انقلابي اڳواڻ آھي. ٻين جنگ عظيم ۾ ھٽلر کان پڇيو ويو تہ مسلسل جنگ جي نتيجي ۾ انجنيئر ،سائنسدان معيشتدان مطلب قيمتي مانہو مري رھيا آھن ڇاڪيو وڃي ؟ ان چيو تہ ٿي سگھي تہ پنھنجي استادن کي ڪٿي لڪائي محفوظ جڳھ تي رکو .اگر استاد موجود ھوندا تہ اھڙا قيمتي مانھو ٻيھر تيار ٿي پوندا .

استادن جي نفسيات کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو گھڻي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ پھريون دفعو استادن جي واھر انھن جا جائز مطالبا بڌڻ ۽ حل ڪرڻ واريون خبرون اچي رھيون آھن. ھيءَ ھڪ خوش آئند ڳالھ آھي. اميد تہ استاد دشمن روين وارن ڪامورن کي پڻ پنھنجن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ