تعليم ئي قومن جو جياپو آھي. پروفيسر ذوالفقاربھڻ

تعليم ئي قومن جو جياپو آھي.  پروفيسر ذوالفقاربھڻ 



                         

ھڪ بين الاقوامي  يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي لکيل ھڪ فڪر انگيز جملو تہ ؛

ڪنھن بہ قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايٽم بم ۽ پري تائين مار ڪرڻ وارن ميزائلن جي ضرورت ناھي  بلڪہ ان قوم جو نظام تعليم ڪيرائي ڇڏيو ۽ شاگردن کي امتحان ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيو، اھا قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي .اھڙي ناڪارا نظام تعليم مان نڪرڻ وارن ڊاڪٽرن جي ھٿان مريض مرندا رھندا، انجنيئرن جي ھٿان عمارتون تباھ ٿينديون، معيشت دانن  جي ھٿان دولت ضايع ٿي ويندي ، مذھبي رھنمائن جي ھٿان انسانيت تباھ ٿي ويندي،ججن جي ھٿان انصاف قتل ٿي ويندو، اھڙي طرح ان قوم مان نجات ملي ويندي.

ترقي يافتہ قومون گهڻو وقت پھريان کان آن لائين ۽ فاصلاتي نظام تعليم مان فائدو وٺي رھيون آھن. پاڪستان ۾ خاص طور سنڌجي  شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ سماجي تبديلين کي قبولڻ وارن روين جي   گھٽتائي سبب تعليم جو  گذريل ٻن سالن دوران ڪافي نقصان ٿيو.

سنڌ جا موجودھ تعليمي اڳواڻ سائين سردار شاھ ، اڪبر لغاري صاحب ۽ سيد خالد حيدر شاھ  قوم جا خيرخواھ  نظرياتي ۽ انقلابي اڳواڻ آھن ان ۾ ڪو شڪ ناھي . سياسي اختلاف باوجود سنڌ جي تعليمي نظام تي خاص توجھ ڏيندي جھڙي طرح سان بيمار تعليمي سرشتي کي بھتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن ان جا تمام سٺا نتيجا نڪرڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.

 

 

   تعليم کاتي سنڌ طرفان مستقل طور تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو  ھڪ بھترين قدم آھي.

انڌايرا سدائين مقدر ۾ ڇو؟

بس-پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻار

جڳ سمورو روشن ٿيندو

ذوالفقاربھڻ

 

ڪجھ تجويزون

تعليمي نصاب  متعلق چٽو موقف  ھڪ جرئت مندانہ فيصلو آھي.

Infrastructure     بنيادي ڊانچي تي توجھ ڏيڻ ۔

  پرائيويٽ تعليمي اداران کي  حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ گہھرجن.

 Right Person on Right Place   تي عمل ڪندي نااھل ۽ راشي آفيسرن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ گھرجي.

استادن کي پاڻ مرادو مققر وقت تي پروموشن ڏنا وڃن کين جائز حقن لاءِ روڊن تي نڪرڻ جي ضرورت نہ پوي ۽استادن کي نمايان ڪارڪردگي تي انعام ۽ ايورڊ ڏيڻ  گھرجن .

    Quality Education System جنھن ۾ استادن جي ڀرتي ۽ استادن جي سکيا کي  مرڪزي اھميت  ڏئي  پرائمري کان ڪاليج تائين جي استادن لاءِ Continues Professional Development (CPD) مستقل بنيادن تي استادن جي سکيا جو علاقائي ۽ بين الاقوامي سکيا جا بندوبست ڪيا وڃن..

 

سنڌ ۾ استادن جي سکيا

سموري دنيا وانگر پاڪستان ۾ بہ استادن جي سکيا 2 طريقن سان ٿي رھي آھي.

نوڪري کان پھريان Pre-Service

نوڪري دورانIn-service

سنڌ ۾ لڳ ڀڳ  50 سرڪاري  استادن جي تعليم جا ادارا ان کان علاوھ  يونيورسٽين ۾  ڊپارٽمينٽ ۽ ڪيترائي خانگي ۽ فاصلاتي تعليمي  ادارا  استادن جي تربيت لاء خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. جنھن بدلي ۾  competent &  Committed  استاد پيدا ٿيڻ گھرجن  شد سلسلي ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ ڪٿي ڪوتاھيون آھن جنھن ڪري معياري استاد نہ پيدا ٿي رھيا آھن.  ان  اھم  نقطي تي توجھ ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي.

 

پنجاب جيان سنڌ ۾  ٽيچر ايجوڪيشن يونيورسٽي جو قيام ضروري آھي .

تعليمي ٽي وي چينل جو قيام

ايف ايم  ايجوڪيشن ريڊيو جو قيام

آخر ۾ سنڌ جي استادن کي پڻ ھٿ ٻڌي عرض آھي تہ ٻيلي  جنگي بنيادن تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ قوم بچائڻي آھي تہ ان اھم فريضي ۾ ڪوتاھي نہ ڪيو.

 

استاد بخاري چواڻي ؛

جو  قُوم جِياري اُھو  جيئندو رھندو،

جُو عَام اُجاري سُو جيئندو  رِھندو.!

مُونکي تارِيخ  ء تَقدير ڏِني پَڪ آ.

جُو سِنڌ  سَنواري اُھو جيئندو رھندو...!

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ