Posts

Showing posts from January, 2022

ڪھاڻي پنھنجي زباني

 پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني  ...... 1970 واري جنگ کان پوءِ ۽ 1972 واري ٻوڏ جنھن سنڌ جي ڪافي شھرن کي ٻوڙيو ھو.يعني 1 جون 1972ع سخت گرمين جي موسم ۾ جڏھن ڌرتي تپي باھ بڻجي لڱ ساڙيندي آھي. انھن ڏينھن ۾ جنھن موسم ۾ ڪڻڪ ۾ لابارو ھوندو آھي ۽ سارين جا ٻيجارا پوکيا ويندا آھن. جنھن مند ۾ پيرون پچندا آھن. ان موسم ۾  منھنجو جنم ڳوٺ دورو بھڻ تعلقو مورو موجودھ ضلعو نوشھرو فيروز ۾ ٿيو ھو.  اھو دور جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1971 کان 1973 تائين ملڪ جو صدر ھئو.شايد ان ڪري ئي ان کان متاثر ٿي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.70 واري ٻوڏ واري دور ۾ ٻڏندڙ ماڻہن کي پاڻي مان ڪڊي ڪناري تي پھچائڻ يا ماڻھن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪري رئندڙ ذوالفقار ڀٽي جنھن ويندي 4 اپريل 1979 اڊيالا جيل ۾تخت دار کي چمندي مٽيءَماءٌ کي ڀاڪر پاتواھڙ ي طلسماتي ڪردار ڀٽي جو ماڻھن تي سحر طاري ھو. اھڙي ڀٽي کان متاثر ٿي منھنجي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.  منھنجو ھڪ غريب گھر ۾ جنم ٿيو ھو پوءِ بہ منھنجو والد ڪنھنجو ھارپو نہ ڪندو ھو. بلڪہ دڪانداري ۽ کير وڪڻن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي ڪٽنب جي پالنا ڪندو جنھن مان بعد ۾ ڪجھ و

سنڌي بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون

 *سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون*  - 1851ع ۾ هندستان جي برطانوي سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسرن کي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ، سنڌي ٻولي (Sindhi boli) لازمي سکڻي پوندي. - سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي. - سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي فارسي رسم الخط 1853ع کان لاڳو آهي. - ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو. - هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون قصو 1854ع ۾ ڇپيو. - سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي. - سنڌيءَ ۾ باقائدي قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو. - هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو. - هاڻوڪي سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو. - ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي ۾ گرامر تي ڪتاب لکيو. - سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر جي حوالي سان لکيو. - ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. - ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. - هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي. - انگريز حڪمرانن جي ڪوشش سان موجوده ”سنڌي - عربي رسم الخ 1853ع ۾ رائج ڪيو ويو. - انگريز عالمن جي سن