شاعري جون صنفون

 شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون


سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو سنڌي

شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون


تعارف


شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق ترتيب ڏنل هوندو آهي. اسان جي سنڌي شاعرن وٽ شاعري جي وزن جا عام طور تي ٻه سرشتا رائج آهن. هڪ آهي عربي فارسي ” علم عروض“ ۽ ٻيو آهي هندي ” ڇندو ديا“ ۽ موسيقيءَ جو وزن.

هر ٻوليءَ جي لفظي ۽ صوتي جوڙ جڪ جون تقاضائون ئي شاعر کي مجبور ڪنديون آهن ته هو شعر جو ڪهڙو علم ۽ قاعدو پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري. اسان سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اها هندي ڇند توڙي فارسي علم عروض، ٻنهي تي رچي وئي آهي ۽ اڄ به رچي وڃي ٿي. اسان هتي شعري اصطلاحن ۽ شاعري جي ڪجھه صنفن جو ذڪر ڪنداسين.


 


عروض


هيءُ هڪ اهڙي قسم جو علم آهي جنهن کي سمجھڻ سان موزون شاعري ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن علم کي سمجھڻ سان بحر ۽ وزن جي خبر پوي ٿي. عروض معنى “بلندي” . شاعريءَ جي هن نموني جي ابتدا عرب جي سر زمين کان شروع ٿي. هن جو موجد مڪي شريف جو خليل ابن احمد هو. جنهن شاعري لاءِ ڪجهه اصول ۽ قانون ٺاهيا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته عرب پنهنجي خيمي کي جيڪا وچين ڪاٺي ڏيندا آهن، جنهن تي سڄو بار هوندو آهي ان کي عروض چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اهڙي شاعري عربن جي اچڻ کانپوءِ تڏهن رائج ٿي جڏهن سنڌ ۾ عربي ٻولي لازمي ڪئي وئي. اهڙي طرح سنڌ جي شاعرن عربيءَ جو اثر وٺندي سنڌي شاعري پڻ عروضي قانون موجب ڪرڻ لڳا


 


قافيو:


قافيو انهن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ”قُفا“ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”پٺيان هلڻ“. قافيه وارا الفاظ آواز ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، پر سندن تلفظ مختلف هوندو آهي.

مثال:

چاهت کان انڪاري ماڻهو

جذبن تي بمبــــــاري ماڻهو

ديس ۾ وڪڻي ايندا آهن،

اهڙا ڀي واپــــــــاري ماڻهو.

مٿئين مثال ۾ انڪاري، بمباري ۽ واپاري قافيا آهن.


 


رديف:


رديف جي معنى آهي “ٻيلهه سوار ٿيڻ يا جوڙيوال ٿيڻ”. اصلاحي معنى ۾ اهو لفظ جيڪو بند جي آخر ۾ ساڳيو ورجايو ويندو آهي.

مثال: 

شهر شهر تنهنجي جون گھٽيون وسرن نٿيون،

۽ ڀت تي ٻريل بتـــــــــــــــيون وســـــــــــــرن نٿيون،

مون گھڻـــــــــــــــي ئي ڪوشش ڪئي آهي مگر،

تو لکــــــــــــــــيون جيڪي چٺيون وسرن نٿـــيون.

مٿئين مثال ۾ ”وسرن نٿيون“ رديف آهي.


 


مطلع:


هي لفظ عربي زبان جي فعل اطلع مان ورتل آهي، جنهن کي لغوي معنى آهي “ظاهرٿيڻ”. اصطلاحي زبان ۾ هر نظمي صنف جي شروعاتي ٻن سٽن کي مطلع چئبو آهي.


 


مقطع:


هي لفظ قطع مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “پورو ٿيڻ”. اصطلاحي معنى ۾ شعر جي هر صنف جي آخري سٽن کي مقطع چئبو آهي. اڪثر شاعر پنهنجو تخلص استعمال ڪندو آهي.


 


وزن:


عروضي شاعري جو خاص جزو جنهن جي موجب هر سٽ کي پوري ماپ سان لکيو ويندو آهي.


 


بحر:


بحر جي معنى آهي “ سمنڊ”. شاعري ۾ بحر سمنڊ جي وسعت جهڙو ڪم ڏئي ٿي. هي. اصطلاحي معنى موجب هي اهو ماپو آهي، جنهن جي ذريعي شعر جو وزن پورو بيهاريو ويندو آهي.


 


تجنيس تام:


تام معنى “پورو”. ڪلام ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ اهڙا اچن جن جو لکڻ پڙهڻ هڪجهڙو هجي پر معنى مختلف هجي.

مثال:

جتن ڪر جتن جو، آيا ڪــــــــي ايندا،

وٺي پنــهون پاڻ سان وٽان تو ويندا،

دم نه دميندا، سدا ويندا ساڻيهه ڏي،


1 . جتن: ڪوشش ڪرڻ، پاڻ پتوڙڻ، 2. جتن: جت ذات


 


تجنيس ناقص:


هن کي ” تجنيس معرف “ پڻ چئبو آهي. هن جي صورت به تجنيس تام جهڙي هوندي آهي. پر اچار ۾ زبر يا زير وغيره جو فرق هوندو آهي.

مثال:

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ،

ڏيرن وڏو وَرُ ڪيو.

1 . وَرَ : مڙس 2. وَرُ: وڪڙ (خرابي) 3. وَرُ : وڪڙُ


 


تجنيس مرڪب:


شعر ۾ هڪ مرڪب ۽ ٻئي مفرد لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنف کي تجنيس مرڪب چئبو آهي

جا هڙ اندر جي، سا هڙ ڏني ساهه کـــــــــــي،

سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي سا هڙ ســـاهڙ ري

سا هڙ ميڙ سميع ته سا هڙ ڇڏي ساهه جي.


 


مثنوي:


لفظ مثنوي “تشنيه” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “ٻه” يا “جوڙو”. اصطلاحي معنى ۾ بيتن جي ان طويل سلسلي کي مثنوي چئجي ٿو جنهن ۾ ڪا ڪهاڻي، واقعو يا داستان، بيان ٿيل هجي. مثنوي ۾ لاتعداد بيت هوندا آهن. هر هڪ بيت ٻن مصرعن تي مشتمل هوندو آهي. ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. هر هڪ بيت جو رديف ۽ قافيو الڳ هوندو آهي. پر ڪهاڻي ايئن تسلسل سان هوندي آهي. جيئن زنجير جون ڪڙيون پاڻ ۾ مليل هونديون آهن.

مثال:

محمد هر دو عالم جو شهنشاهه،

محمد راز ربــــــــــــــاني جو آگاهه،

محمد صاحبِ لــــــــــــــــولاڪ آهي،

محمد مالــــــــــڪ افــــــــلاڪ آهي.


 


مثمن:


مثمن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ اٺ سٽون”. سٽاءَ جي لحاظ کان شروعاتي ڇهه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ٿيون ۽ آخري ٻه سٽون وراڻي جو پوئلڳ هجن ٿيون. هن ۾ قومي، اخلاقي ۽ عشقيه انداز بيان ٿيل آهي.


مثال:

سدا جي ذات ظاهر ڪندو اســــــــــرار مان آهـــــــــــــيان،

جي غفلت ۾ رهن تن کي ڪندو هوشيار مان آهيان،

نشو سڀ ننڊ جو ناهي ڪندو بيــــــــــــــــدار مان آهيان،

رهي جو سست تنهن کان سدا بيزار مـــــــــــــان آهيان،

رکي محبت جيڪو دل انهيءَ جو يار مان آهــــــــــيان،

سندس نور ايمان کي ڪندو نــــــــــــــــروار مان آهيان،

ڪڍي نقاش فطرت منهنجي ڇا تصويــــــــر اي شاعر،

ڏسي تصوير سان ڪو نظم ڪر تحـــــــــرير اي شاعر


 


مسدس:


هي پڻ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ڇهه ڪنڊو”. علم عروض جي قاعدن موجب هي شاعري جي اها صنف آهي جيڪا ڇهن سٽن تي مشتمل هجي.عام طور تي سندس جوڙ جڪ شروعاتي چار سٽون پاڻ م هم قافيه ۽ پويون ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجڻ لازمي آهن. هن ۾ هر قسم جا مضمون شامل هجن ٿا. جيئن وطن جي حب، قومي اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون وغيره. 

مثال:

اسان انسان اڄ بلڪل صفا مٽجي چڪــــــــــــــــا آهيون،

حرس و حوس جي ديو کان لٽـــــــــــــــــجي چڪا آهيون،

تعصب قوميت جي قيـــــــــــــد کان ڪٽجي چڪا آهيون،

سبب هي آهي شريعت کان جڏهن هٽجي چڪا آهيون،

تڏهن ڪـــــــــــــينو اسان ۾ تــــــــــــڏهن دل ۾ ڪدورت آ،

خدا جي نيــــــــــڪ بندن جي زمـــــــــــــــاني ۾ ضرورت آ.


 


فصاحت:


اهو ڪلام جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جو انهن جي اُچار سان زبان ۾ ڪنهن به قسم جي اٽڪ محسوس نه ٿئي، تنهن کي فصيح ڪلام چئبو آهي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن پر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ ازتيار ڪيل هجي. پر اهو جيڪڏهن نمونو ڪڏهن ڪڏهن اختيار ڪيل هوندو ته ان ڪلام کي فصيح ڪلام نه چئبو.


 


بلاغت:


هن مان مراد شاعر جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ قسمين قسمين جذبا پيدا ٿين ٿا. ڪڏهن غم واري ڪيفيت آهي ته ڪڏهن خوشي واري، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي وارا جذبا ته ڪڏهن عشق ۽ محبت جا، ڪڏهن ڪاوڙ ڪڏهن کل، ڪڏهن بيقراري. شاعر انهن سڀني ڪيفيتن کي اهڙي صفائي ۽ چٽائيءَ سان مختصر پر معنى خيز لفظن ۾ بيان ڪري جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان ان طرف ٿي وڃي.


 


سلاست:


سلاست مان مراد شاعر جي ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جيڪي روزانو استعمال ٿيندا هجن. شاعر استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنفون اهڙيون ساديون استعمال ڪري جو ماڻهو يڪدم سمجھي وڃن ۽ پنهنجي قابليت آهر لطف حاصل ڪري سگھن ۽ ان ڪلام جي سلاست ۽ سادگي ڏسي ماڻهو پاڻ چوڻ لڳي ته اهڙي شاعري آئون به ڪري سگھان ٿو.


 


جدت:


جدت جو مطلب اهو آهي ته شاعر پنهنجي ڪلام ۾ نواڻ آڻي. اهڙي مضمون تي شاعري نه ڪري جنهن تي اڳ ۾ ئي ڪنهن شاعر طبع آزمائي ڪئي هجي يا ڪنهن طبع آزمائي ڪئي به هجي ته ان کي اهڙي نموني ادا ڪري جو ايئن محسوس نه ٿئي ته ڪٿان ڪو نقل ڪيو اٿس. شاعر پنهنجو مطلب اهڙن نون طريقن سان بيان ڪري جو پڙهندڙن جو ڌيان ٽٽي نه سگھي. سندس لفظن ۽ جملن جو اهڙو اثر هجي جو ڀانئجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر مان اڌما ڏئي نڪتا آهن.


 


گنان:


گنان لفظ سنسڪرت جي لفظ “گيان” مان ورتل آهي جنهن جي معنى ڄاڻ ۽ علم آهي. ٻين لفظن ۾ اهو علم جو عبادت، رياضت جي نتيجي ۾ حاصل ٿئي. اصطلاحي معنى ۾ گنان شعر جو اهو قسم آهي جنهن ۾ اسماعيلي مبلغن ماڻهن کي تعليم ڏني.

سومرن جي دور حڪومت ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا . جن ۾ اسماعيلي فرقي جا مبلغ به هئا، جن ۾ سيد نور الدين، پوءِ شمس الدين ، پوءِ پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين 1201ع ۾ سنڌ ۾ آيا. هنن سنڌي ٻولي سکي ماڻهن کي اسلامي اصول سمجھائڻ لاءِ گنان لکيا. 

فني سٽاءَ جي لحاظ کان گنان مسلسل ڊگھا نظم به آهن ته ننڍا به آهن.

اٿي الله گهرين نه بندا،تون ستين سڄي رات،

نــــــــڪا جوڙي جيوت جي، نڪـــــــو ثمر ساٿ

هن بند ۾ پير صدرالدين الله جي بندگي ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. مضمون جي لحاظ کان گنان ۾ مذهبي تعليم، امامت، روحانيت، اخلاقيات، فنا جا، بقا جا مسئلا بيان ڪيل آهن.


 


علم بديع:


علم بديع عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي “نئين ايجاد”. اصطلاحي زبان ۾ سنڌي طرز تحرير (نظم ۽ نثر) کي پرڪشش ،خوبصورت، دلڪش، رنگين ۽ پر اثر بنائڻ لاءِ معناعن مان نهايت ڪاريگريءَ کان ڪم وٺڻ کي علم بديع چئبو آهي.


 


بيت:


بيت سنڌي شاعري جي قديم ۽ مقبول صنف آهي. سنڌي شاعري ۾ بيت سڀ کان اول ڳاهه جي صورت ۾ ملن ٿا. اهي، قصن، ڪهاڻين ۽ رومانوي داستانن جي وچ ۾ ملن ٿا. جن جي شروعات سومرن جي دورِ حڪومت ۾ ٿي.

ابتدائي زماني ۾ بيت ٻن سٽن تي مشتمل هئا. 

اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙهنــــــــدين ڪيترا.


پر اڳتي هلي ٽن چئن سٽن وارا بيت پڻ ٺهڻ لڳا، جيئن شيخ اياز جو هي بيت آهي.

آيو آڌيءَ رات جو، پريــــنءَ جو پڙ لاءُ،

چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ

صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.

شاعري جي هن خوبصورت ۽ قديم صنف جا شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز جهڙا ملن ٿا. 


موجوده دور ۾ بيت کي نئون رنگ ڏنو ويو آهي. بيت ۾ تاريخي ۽ مقامي واقعا ، سياسي، معاشي حالتون بيان ٿيل آهن. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، تاجل بيوس، مخدوم امين فهيم وغيره شامل آهن.


 


ڪافي:


ڪافي عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪفى“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ”پورو هجڻ“.

سنڌي شاعري جي مشهور۽ عام صنف ”ڪافي“ آهي. سنڌ ۾ ڪافي جي شروعات ڪڏهن ٿي، ان لاءِ مختلف رايا ملن ٿا.

ڪن محققن جو خيال آهي ته ڪافي تمام قديم صنف آهي پر اهو اڻ تصديق نظريو آهي. 10 صدي هجريءَ ۾ ڪافي جي موجودگي جي ثابتي ملي ٿي. هن وقت تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مطابق ٻه نظريا سامهون آيا آهن. ڪي محقق چون ٿا ته ڪافي ۽ وائي هڪ ئي صنف آهي. ته ڪي چون ٿا ته هي ٻئي الڳ صنفون آهن. هڪ عالم جو رايو آهي ته لفظ ڪافي جي مادي اشتقاق ”ڪفو“ آهي. جنهن جي معنى ”ساهمي جا ٻئي پڙ برابر“. ان ڪري اصلاحي معنى ۾ اهو نظم جنهن ۾ هر مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪجيترو ۽ هم وزن هوندو آهي

.

جيئن ته هي ديسي شاعريءَ جي صنف آهي ان ۾ رسم رواج، عشق، محبت، صدا، التجا، وڇوڙي جو ورلاپ ۽ درد جون دانهو. وغيره جهڙا موضوع اچي وڃن ٿا. شاهه نصير، خوش خير محمد، بيڪس، غلام شاهه راشدي، سچل سرمست، بيدل فقير، خليل لاشاري ۽ مصري شاهه وغيره ڪافيءَ جا شاعر آهن.

بيدل جي ڪافيءَ جو نمونو:

جو ئــــــــــــــي آهيان سو ئي آهـــــــــــيان، ڀول نه ڪـــــــــــو ڀائيان،

1 . ويس لبيس دين ڪفر جا، ڪي ئي لاهيان، ڪي ئي پايان،

2. مومـــــــــــل واري ويس ورن ۾، گھــــــــــــوٽ هزارين گھايا،

3. هن مــــــــظــــــــــهر ۾ ڪاڻ بهاني، بيـــــــــــــــــدل نانءَ سڏايان.


 


وائي:


وائي لفظ پراڪرت جي “وايا” ۽ سنسڪرت جي لفظ “وارتا” مان جڙي آهي. ٻنهي جي معنى آهي ”ڳالهه“. ڪن محققن ان کي ڪافي به سڏيو آهي. 


وائي جا بند گھڻو ڪري هڪ مصرع تي مشتمل ٿين ٿا. شاهه لطيف رحه ۽ شاهه عنايت وائي ۾ ڏيڍ مصرح به آندي آهي. ٿل کان پوءِ جيڪا به سٽ اچي ٿي، ان کانپوءِ واري آيل اڌ سٽ سڄي وائي ۾ ورجايل هوندي آهي.

جيئن:

آءٌ ٻارو چل اچ، پنهل ڄام پـــــــــــــــــــرچ،

موٽ وڇوڙو ٿو ماري.

قولن ڪوڙي آهيان، صاحب وڻي سچ،

پسن جنهن پناري..................................

موٽ وڇوڙو ٿو ماري.


ڪن محققن جو خيال آهي ته وائي شاهه لطيف جي ايجاد ڪيل صنف آهي. انهيءَ دور ۾ شاهه عنايت، روحل فقير، سچل سرمست ۽ بيدل جون وايون مشهور ٿيون. جڏهن ته جديد دور ۾ تنوير عباسي، نياز همايوني، شيخ اياز ۽ امداد حسيني جون وايون مشهور آهن.


 


تخلص:


خاص قسم جو نالو يا لقب جيڪو هڪ شاعر شاعري جي دنيا ۾ پنهنجي لکيل نظم عوام ۾ ڄاڻائي. هي عام طور تي مقطع ۾ لکيو ويندو آهي.

مثال طور: عبداللطيف، اياز، سانگي، اداسي وغيره


 


غزل:


غزل عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ”عورت جي حسن جي تعريف ڪرڻ“. اصطلاحي معنى ۾ غزل شعرن جي ان مجموعي کي چئبو آهي، جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ رعنائي، آرائش ۽ زيبائش جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. موجوده دور ۾ هر قسم جو مَضمون غزل ۾ آندو وڃي ٿو. محبوب جو حسن، اخلاقي، تهذيبي، معاشي ۽ معاشرتي مضمون غزل جي زينت بنجن ٿا.

فني سٽاء جي لحاظ کان غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ ٻارهن شعر هوندا آهن. غزل جي پهرين شعر کي “مطلع” ۽ آخري شعر کي “مقطع” چئبو آهي. مطلع جون ٻئي مصرحون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. باقي ٻين شعرن جون مصرعون پهرين شعر سان هم قافيه ٿينديون آهن.

سنڌي غزل جو پهريون شاعر نور محمّد خسته هو. جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر آهي.پر ٽالپرن جي دور ۾ غزل جي صنف ترقي ڪئي. خود ڪيترائي ٽالپر حڪمران شاعر هئا. اعلى درجي جو شاعر سچل سرمست رحه ملي ٿو. جنهن ”ديوان آشڪار“ فارسي غزل لکيا. ان سان گڏ سنڌي غزل پڻ ملن ٿا.


 


اشتقاق:


اشتقاق لفظ ”شق“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي”چيرڻ“

ڪنهن به لفظ جو بنياد ظاهر ڪرڻ کي اشتقاق چئبو آهي.


 


نظم:


هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي هن جي معنى آهي ”ضابطو ۽ پابندي“.


 


منظر نگاري:


هيءَ شاعريءَ جي فن جي هڪ خاص صنف آهي. هن ۾ شعر ڪنهن حقيقت يا واقعي جي نظاري جي ماحول پٽاندر فطري طور بيان ڪري ته ان کي منظر نگاري چئبو آهي.


 


مصرع:


هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ”دروازي جو طاق“. ڪنهن به شعر جي هڪڙي سٽ کي مصرع چئبو آهي.


 


نثر:


سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جو ٻيو قسم نثر آهي. انجو مطلب آهي ته نظم کان علاوه باقي روانيءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکن وارو ادب ، اسان جيڪي ڳالهه ٻولهه يا لکپڙهه ڪريون ٿا، انهيءَ کي نثر چئبو آهي.

نثر ٻن قسمن جو هوندو آهي.

(1) سادو نثر (2) اوچو نثر


 


ڏوهيڙو (دوهو) :


سنڌي شاعريءَ جو هڪ قديم فن آهي. ڏوهيڙو اهڙي شعر کي چوندا آهن جنهن ۾ علم عروض موجب رديف ۽ قافيه جي پابنديءَ جي بندش نه آهي. البته وزن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي.

مثال:

ساري رات سبحان، جاڳي جن يــــــاد ڪيو،

تنهن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙئين ڪن سلام، آڳ اچيـــــــو ان جي.


جي پڇڻا سي نه منجھڻا، جي پڇن سي ويرَ،

جو لکن منجھ مائروئن سو مکڻ منجھ کير.


 


تصوف:


هي صوفي فقيرن جو طريقو آهي، هن کي عربي ۾ ”وحدت الوجود“ ، هنديءَ ۾ ”وحدانيت“ ، فارسيءَ ۾ ”همه اوست“ سنڌيءَ ۾ ”سڀ ۾ سائين“ چئبو آهي. صوفي بزرگن کي هر شيءِ ۽ هر هنڌ محبوب حقيقي جو جلوو پسڻ ۾ ايندو آهي. سندن هر فعل ۽ هر عمل ۾ قدرت جو ڪرشمو ڪار فرما نظر ايندو آهي. شاهه لطيف، سچل، سامي صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.


 


مناجات:


هيءَ شعر جي اها صنف آهي جا گھڻو ڪري ٻن سٽن تي مشتمل هوندي آهي۽ ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. مناجات ۾ خالقِ اڪبر کان نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان دعا گھريل هوندي آهي. هن ۾ سوءِ ان جي (دعا) ٻيو ڪو به موضوع استعمال نٿو ڪري سگھجي.💝💝💝

No comments: