سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي ڪردار ۽ لوڪ ادب ، لسانيات ۽ لطيف جو پارکو ، نقاد ،محقق ، اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھميشھ لاءِ وڇڙي ويو

 #الوداع #drkamal_jamro

ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ئي ڏنا آھن
ائين کڻي چئجي تھ ڊسمبر ويندي ويندي انمول ھيرن کي ڏورانھين ۽ اڻ ڏٺي ڏيھ ڏي کڻي ويندو آھي.
ڪھڙا نالا کڻي ڪھڙا ڳڻائجن ڪالھ 16 ڊسمبر 2020 تي سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي ڪردار ۽ لوڪ ادب ، لسانيات ۽ لطيف جو پارکو ، نقاد ،محقق ، اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھميشھ لاءِ وڇڙي ويو
سيئي جوڀن ڏينھن جڏھن سڄڻ سفر ھليا
رُئان رھن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن
20 سال پھريان ساڻس ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ملاقات ٿي ھئي ۽ ائين ويجھڙائپ دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي مشھور ادبي پروگرام رسالو ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪيم.پاڻ جڏھن سنڌي جو ليڪچرر اسلاميا ڪاليج ڪراچي ۾ ٿيو تھ اتي بھ ساڻس گڏجي سبجيڪٽ فورم تي جاکوڙ ڪئي سين. اھڙي طرح ڪراچي جي ادبي ۽ ٿقافتي پروگرامن ۾ بھ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.
ڪمال جو ڪمال اھو ھو جو ھي ھڪ جاکوڙي ۽ قابل انسان ھو جنھن بنياد تي پاڻ چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ اردو يونيورسٽي پڻ ٿيو.
سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ پائلر سان گڏجي بعد ۾ پنھجي سرھاڻ وسيلي سماجي خدمت ڪندو رھيو.
مون کي چوندو ھو يار بھڻ صاحب تون ۽ مان غريب جا ٻار آھيون جيڪر محنت نھ ڪنداسين تھ پنھنجو مقام ٺاھي نھ سگنداسين.
منھنجي دوستن ۾ ھڪ جاکوڙي انسان شل ئي ڪو اھڙو ھوندو
جان جان ھئي جيئري،
ورچي نه ويٺي.
وڃي ڀونِ پيٺي،
ساريندي کي سڄڻين.
Image may contain: 2 people, including Zulfiqar Behan, people sitting, text that says "19/02/2012 12:31 PM"
Detrc Karachi, Indira Poonawala II and 48 others
7 comments
2 shares
Like
Comment
Share

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ