آزاد نظم 22-8-2011
تيل،رت، ست
دولت،مملڪت
وحشت،دھشت، بربريت
او انسانيت جي رت جا پياسي
مونکي امن گھرجي،
سک گھرجي
سلامتي گھرجي
سنسار سڄو
شانتي گھرجي
پنھنجا نظام
پاڻ وٽ رک
مونکي انسانيت جو
نظام گھرجي
مونکي امن گھرجي

او ڪلاچيءَ جا ويري
منھنجي بابا
منھنجي ڀاءُ
منھنجي پٽ
منھنجي ور
منھنجي اميدن
منھنجي خوشين
جو ناحق خون ڪيو تو
آمونکي رت رئاريو تو
او انسانيت جي رت جا پياسي
مونکي امن گھرجي
سک گھرجي
سلامتي گھرجي
سنسار سمورو
شانتي گھرجي

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ