Saturday, July 9, 2022

سانورا سانول چوان يا سانوڻ چوان توکي وسين ته وسندو ئي رھين،


 عيد مبارڪ #zulfiqarbehan 

سانورا سانول چوان يا سانوڻ چوان توکي

وسين ته وسندو ئي رھين، 

روڪي نه رڪين تون

مونکي موھين تون ٻارھو ئي ٻاروچا.

Friday, January 28, 2022

ڪھاڻي پنھنجي زباني

 پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني 

......

1970 واري جنگ کان پوءِ ۽ 1972 واري ٻوڏ جنھن سنڌ جي ڪافي شھرن کي ٻوڙيو ھو.يعني 1 جون 1972ع سخت گرمين جي موسم ۾ جڏھن ڌرتي تپي باھ بڻجي لڱ ساڙيندي آھي. انھن ڏينھن ۾ جنھن موسم ۾ ڪڻڪ ۾ لابارو ھوندو آھي ۽ سارين جا ٻيجارا پوکيا ويندا آھن. جنھن مند ۾ پيرون پچندا آھن. ان موسم ۾ 

منھنجو جنم ڳوٺ دورو بھڻ تعلقو مورو موجودھ ضلعو نوشھرو فيروز ۾ ٿيو ھو.

 اھو دور جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1971 کان 1973 تائين ملڪ جو صدر ھئو.شايد ان ڪري ئي ان کان متاثر ٿي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.70 واري ٻوڏ واري دور ۾ ٻڏندڙ ماڻہن کي پاڻي مان ڪڊي ڪناري تي پھچائڻ يا ماڻھن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪري رئندڙ ذوالفقار ڀٽي جنھن ويندي 4 اپريل 1979 اڊيالا جيل ۾تخت دار کي چمندي مٽيءَماءٌ کي ڀاڪر پاتواھڙ ي طلسماتي ڪردار ڀٽي جو ماڻھن تي سحر طاري ھو. اھڙي ڀٽي کان متاثر ٿي منھنجي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.

 منھنجو ھڪ غريب گھر ۾ جنم ٿيو ھو پوءِ بہ منھنجو والد ڪنھنجو ھارپو نہ ڪندو ھو. بلڪہ دڪانداري ۽ کير وڪڻن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي ڪٽنب جي پالنا ڪندو جنھن مان بعد ۾ ڪجھ ويصا زمين پڻ خريد ڪيائين ، ڪجھ زرعي زمين منھنجي والدہ کي سندس والد وڏيري مرحوممحمد سليمان بھڻ ڏني ھئي. اھڙي طرح گذر سفر ڪڏھن تمام ڏکيو تہ ڪڏھن مڙئي گزارو ٿيندو ھو.

انھن ڏينھن ۾ اسانجي ڳوٺ ۾ اڃا بجلي نہ آئي ھئي. اسين بتيءَ جي روشني ۾ پڙھندا ھئاسين پرائمري اسڪول اسانجي ڳوٺ ۾ ئي ھو. جتي اسپاس جي ڳوٺن جا ٻار بہ پڙھندا ھئا. مون کي ھڪ ڳالھ ي

سنڌي بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون

 *سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون* 

- 1851ع ۾ هندستان جي برطانوي سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسرن کي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ، سنڌي ٻولي (Sindhi boli) لازمي سکڻي پوندي.

- سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي.

- سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي فارسي رسم الخط 1853ع کان لاڳو آهي.

- ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو.

- هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون قصو 1854ع ۾ ڇپيو.

- سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.

- سنڌيءَ ۾ باقائدي قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو.

- هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو.

- هاڻوڪي سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو.

- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي ۾ گرامر تي ڪتاب لکيو.

- سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر جي حوالي سان لکيو.

- ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.

- ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو.

- هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي.

- انگريز حڪمرانن جي ڪوشش سان موجوده ”سنڌي - عربي رسم الخ 1853ع ۾ رائج ڪيو ويو.

- انگريز عالمن جي سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپيءَ جا اهڃاڻ ان کان به ڪجهه اڳ ملن ٿا. پرنسيپ صاحب سن 1835ع ۾، ۽ راموس 1836ع ۾، ۽ واٿن به 1836ع ۾ سنڌي گرامر لکيا. حالانڪ اهي ڪوششون اڻ پوريون ۽ اڌوريون ئي سهي، پر آگاٽيون ۽ سڀ کان پهريون ڪيل آهن، تنهنڪري اهي ڪوششون يادگار رکن ٿيون.

- ڪيپٽن جارج اسٽئڪ سن 1849ع ۾ بمبئيءَ مان ٻه ڪتاب شايع ڪيا: هڪ انگريزي - سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، جنهن جي آخر ۾ ”راءِ ڏياج ۽ سورٺ“ جي آکاڻي ۽ دودي چنيسر جو قصو پڻ شامل ڪيو ويو.

- ”ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ“ منشي اڌارام ٿانور داس 1854ع ۾ ڇپايو.

- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ”سنڌي پاٺا ولي“ “A Sindhi Reading Book in Sanskirt (Devangri) & Arabic Character” لنڊن مان 1858ع ۾ ڇپايو، ان ڪتاب ۾ چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي ته سنڌي حرف /ٻ/، /ڏ/، /ڄ/ ۽ /ڳ/ ڪيئن اچارجن ٿا.

- 1860ع ۾ ميان محمد حيدرآباديءَ منشي پرڀداس ”سنڌي صرف ونجو“ جي نالي سان گرامر لکيو. وڏيءَ محنت سان ڪيل اِهي اوائلي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون ته آهن، پر هنن گرامرن ۾ تحقيق جو ڪوبه ترورو موجود ڪونه آھي.

- پهريون مڪمل گرامر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ صاحب 1872ع ۾ لنڊن ۽ ليپزگ مان شايع ڪرايو. ٽرومپ صاحب هن گرامر ۾ شاهه جي رسالي مان مثال کنيا. گرامر لکڻ جو طريقو سنسڪرت وارو ئي آهي. علم نحو تي پڻ ڪافي قدر روشني وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گرامر ۾ سنڌي زبان جي آوازن، انهن جي مخرج ۽ مفرد ۽ گڏيل آوازن تي چڱو مواد پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ موجوده زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب جا ڪي نتيجا پراڻا پيا لڳن، پر انهيءَ هوندي به ان زماني جي وصف موجب سندس نظريا بلڪل وزندار ۽ درست آهن .

- ڊاڪٽر ٽرومپ صاحب 62 - 1861ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ٻه مضمون لکيا، جن ۾ سنڌي، پراڪرت ۽ سنسڪرت ۾ صوتياتي هڪجهڙايون بحث هيٺ آنديون، ۽ گهــَـرو تعلق ڏيکاريو. گرامر لکڻ وقت يعني 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي ڄائي ڏيکاريو.

- بيمس، آريائي ٻولين جو تقابلي گرامر "Comparative grammer of Modern Aryan Languages in India” جا ٽي جلد لکيا. پهريون سن 1872ع ۾، ٻيو 1875ع ۾ ۽ ٽيون 1880ع ۾، تنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيائين.

- ڊاڪٽر آر. ڪالڊويل سن 1875ع ۾ هڪ تقابلي گرامر لنڊن مان ڇپرايو. نالو هئس: "A Comparative grammer of Dravidian or South Indian family of Languages.” ڪتاب ۾ نه سنسڪرت ۽ مارواڙي ٻولين جي ڀيٽ ڪيل آهي، پر سنسڪرت تي دراوڙي اثرن جي اپٽار به ڪندو ويو آهي. هن ڪيترن هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ جا به مثال ڏنا آهن.

- انگريزي لوڪن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ مرزا علي قلي بيگ سن 1883ع ۾ هڪ گرامر لکيو.

- مسٽر سيمور 1884ع ۾ ٽرومپ صاحب جي گرامر تان مدد وٺي هڪ گرامر لکيو.

- پهريون سنڌيءَ ۾ لکيل گرامر ”نئون سنڌي ويا ڪرڻ“ ديوان جهمٽمل نارو مل وسڻائي جو سن 1892ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو.

- وسڻائي صاحب سنسڪرت ويا ڪرڻ ۽ ٽرومپ صاحب جي گرامر تي آڌار ڪيو آهي. ان جي هڪڙي خاص خوبي اها آهي. ته وياڪرڻي شبدن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس. هن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي، جنهن جو مــُـول سنسڪرت آهي. تنهن جي وياڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ آهي، گويا ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري.

- ”لنگوسٽڪ سروي آف انڊيا“ مسٽر گريئرسن جو مشهور و معروف ڪتاب آهي، ان جو اٺون جلد 1919ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي پهرين حـصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪيل آهي. سندس تحقيق جي هڪ خصوصيت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪن آوازن تي روشني وڌي وئي آهي. سنڌي صوتيات جون ڪي خصوصيتون سنسڪرت جي صوتيات مان ڀيٽي پيش ڪيون ويون آهن . مسٽر گريئرسن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مڪاني لهجن: لاڙي، ٿري، ڪڇي، لاسي وغيره جو به جائزو ورتو آهي. ساڳئي وقت وچوليءَ کي معياري سنڌي طور ڪم آندو اٿس. گريئرسن صاحب جو رايو آهي ته وچ هندستان واريون ٻوليون هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون ۽ سرحدي ٻوليون وري پاڻ ۾ نسبت رکن ٿيون. اهڙيءَ طرح هن هند آريائي ٻولين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي:

 》هڪ اندروني آريائي ٻولين وارو، ۽

 》ٻيو بيروني آريائي ٻولين وارو. سنڌي ٻوليءَ کي بيروني آريائي ٻولين ۾ شامل ڪيو اٿس.

- ٽي . جي بيلي، سن 1922ع ۾ سنڌي آوازن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ چوسڻا آوازن تي نوٽ لکيو.

- سر رالف - ايل - ٽرنر پڻ 1923ع ۾ سنڌي صوتيات تي تحقيق ڪئي ۽ آوازن جا مخرج ٻڌايا. لفظن جا بنياد / ڌاتو/ اصليت پڻ ٻڌائي.

- ٽرنر صاحب موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي عنصر موجود آهي. ڏنداوان آواز ان جو مثال آهن، جيڪي قديم هندستاني آهن.

- شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ،21-1916ع ۾ چئن ڀاڱن ۾ سنڌي وياڪرڻ لکيو. علم صرف ۽ علم نحو عربي ۽ فارسي اصولن موجب تيار ڪيو.

- مرزا صاحب ٽرومپ جي گرامر کان پڻ مدد ورتي آهي. ساڳئي وقت مرزا صاحب سنڌي آوازن کي بيان ڪندي سرن واري حـصي ۾ ڪافي اضافو ڪيو.

- 26-1925ع ۾ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جو ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڇپيو پهرين جلد ۾ ديوان صاحب آوازن جي مخرج مرڪب آوازن جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو سڀ ٽرمپ جي گرامر تان ترجمو ڪيو ويو آهي. بهرحال مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ڀيرو مل جا ڪتاب صوتيات جي تحقيق ۾ قيمتي اضافا آهن، جن کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ سمجهڻ احسان فراموشي ۽ بي قدري ٿيندي.

- سنيتي ڪمار چئٽرجي سن 1922ع ۾ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو هو: ”Phonetic transcriptions from Indian languages” هن ڪتاب ۾ سنڌيءِ ٻوليءَ جي باري ۾ مختصر احوال ڏنو ويو آهي.

- سر آر - ايل - ٽرنر جو هڪ ٻيو ڪتاب سن 1937ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ نيپالي ۽ سنڌي ٻولي جي ڀيٽ ڪئي وئي.

- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ 1941ع ۾ لکي شايع ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1956ع ۾ ٻيهر ڇاپي وئي. ڀيرومل جي راءِ موجب موجوده سنڌي ٻولي وراچڊ اُپڀرنش جي ڄائي آهي، جا وري پنجاب واري شور سيني پراڪرت جي ڌيءَ آهي . انهيءَ شورسيني پراڪرت تي وري داردڪ ٻولين جو اثر پيو، جنهنڪري اها اپڀرنش يعني بگڙيل ٿي پئي . سرائڪي، ملتاني، ڪشميري ۽ ڪوهستاني ٻوليون انهن داردي ٻولين جو اولاد آهن.

- محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ جناب سراج الحق ميمڻ طرفان بعد ۾ ٿيل تحقيق موجب ڀيرومل آڏواڻيءَ جا ڪڍيل نتيجا هاڻ غلط ثابت ٿي چڪا آهن.

- سنيتي ڪمار چئٽرجي 1942ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو “Indo Aryan & Hindi” جيڪو احمد آباد ۾ ڇپيو. سنڌيءَ ٻولي تي تحقيق ڪندڙن مان اڪثر عالمن هن ڪتاب مان حوالا ڏنا آهن.

- ڏيارام مير چنداڻي سنڌي گرامر ٻن ڀاڱن ۾ لکيو، 

》پهريون 1843ع ۾، 

》ٻيو 1945ع ۾ شايع ٿيو.

- مشهور دانشور ۽ سياستدان شري جيرامداس دولترام پڻ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي آهي. سن 1975ع ۾ آل انڊيا اورينٽل ڪانفرنس جي صدارتي خطبي ۾ پنهنجا نتيجا بيان ڪيائين:

 (1) وراچڊ ۽ سنڌيءَ جي خاص خصوصيتن جي ڀيٽ ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته سنڌي ۽ وراچڊ جي وچ ۾ ڪابه مناسبت ڪانهي.

(2) سنڌي هڪ خود مختيار ٻولي آهي، جيڪا ديسي سنڌي پراڪرت مان اُسري آهي. ۽ ديسي سنڌي اپڀرنش ۾ تبديل ٿي آهي.

- سن 1958ع ۾ ٽيڪساس يونيورسٽي آمريڪا ۾ مسٽر جون - جي - بورڊي سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي. ”اسپيڪٽروگرافي“ جي مدد سان ”چوُسڻا آواز“ جون خصوصيتون معلوم ڪيون.

- ڀارت جي مشهور سنڌي ماهر لسانيات ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي 1958ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون دفعو لسانيات جي اصولن تحت ڪتاب لکيو ”اسان جي ٻولي“. ڪتاب جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته مثال جيڪي کنيا ويا، سي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ مان کنيا ويا ۽ نه لکت واريءَ ٻوليءَ مان. اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ ۾ ايندڙ ٻولي ۽ لکڻ 

۾ فرق پڻ ڏيکاريو ويو.

- لڇمڻ خوبچنداڻي صاحب پنسلوانيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ 1961ع ۾ ايم - اي - جي ڊگريءَ لاءِ تحقيقي مقالو لکيو، جنهن جو عنوان آهي: "The phonology & Morphonemics of Sindhi" خوبچنداڻي صاحب پنهنجي مخصوص لهجي کي نظر ۾ رکي پوءِ سنڌي صوتيات تي ڪم ڪيو آهي ۽ علمي لحاظ کان بلڪل عمدو ڪم ٿيل آهي، ڇو ته جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ آمريڪا جي ماهر استادن جي رهبريءَ هيٺ لکيو اٿس، انڪري پنهنجي دائري اندر بلڪل ڪارآمد ڪتاب آهي.

- بمبئيءَ جي مشهور سنڌي ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ سن 1961ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪتاب لکيو ”ڀاشا شاستر“. پوپٽيءَ جو چوڻ آهي: ”سنڌي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت جو بنياد ساڳيو آهي. ٻنهي جو سرچشمو سنڌو ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي. سنسڪرت اوائلي مول ڀاشا جو هڪ روپ آهي ۽ سنڌي ٻيو روپ. هڪ ماءُ جون ڌيئون هئڻ ڪري ٻنهي ۾ سمانتا آهي.

- هندستان جي هڪ ٻئي ليکڪ شري ليلي رُچنداڻيءَ پڻ 1961ع ۾ پنهنجو مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو اُتهاس“ لکيو، جيڪو ”نيئن دنيا“ ۾ قسطوار ڇپيو. ليلي جي تحقيق موجب: ”سميري سڀيتا ۽ سنڌو جي وچ ۾ گهرو رشتو هو. انهيءَ وسهڻ لاءِ ڪافي سبب ملن ٿا ته اوائلي سنڌي ٻولي هڪ الڳ نوعيت واري ٻولي هئي، جنهن تي پوءِ نه صرف انڊو - يورپي گروهه جو، پر سامي گروهه جو به اثر پيو، جنهنڪري ان جو روپ ايترو ته بدلجي ويو، جو اڄ سندس الڳ نوعيت پوريءَ طرح پروڙڻ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي. اتهاسڪ احوالن مان اهو به پتو پوي ٿو ته سنڌي ۽ سامي لوڪ گڏو گڏ رهندا هئا. البت سامي گروهه جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي شروعاتي دؤر ۾ ئي ضرور پيو هوندو. موهن جي دڙي واري سڀيتا جي سمي ۾ ڪجهه سامي لوڪ اتر - اولهه هند ۾ رهندا هئا ۽ اوائلي سنڌين، سميرين، اڪڙي ۽ بابلي لوڪن جو هڪ ٻئي سان گهرو رشتو هو.

- سنڌي ٻوليءَ جي معرفت ئي آريائي ۽ سامي ٻولين جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيل ٿو ڏسجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا الفاظ آهن، جي سڌوسنئون سامي گروهه جي ٻولين سان واسطو رکن ٿا.

- محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ سن 1962ع ۾ ڇپيو،

》تنهن جو ٻيو سـُڌريل ۽ ۽ وڌايل ڇاپو 1980ع ۾ نڪتو. 

- ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جا نتيجا هن ريت آهن:

(1) سنڌي قبل از تاريخي قديم تهذيب جي ٻوليءَ جا آثار موهن جي دڙي جي کنڊرات مان مليل مهرن ۾ محفوظ آهن. انهيءَ قبل از تاريخي قديم ٻوليءَ جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪا ”سامي صفت“ ٻولي هجي، جيڪا عراق جي قديم ”سميري تهذيب“ ٻوليءَ جي ساٿياري هئي. مقامي طور ان جي دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگهي ٿي.

(2) موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي.

(3) سنڌي انهيءَ وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو ذڪر اڳين نحوين ڪيو آهي. سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو. ان جو بــُڻ بنياد، ان جو موروثي سرمايو ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ”پروٽو - پراڪرت“ يا ”پهرين پراڪرت“ تائين پهچي ٿي.

- ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، سن 1963ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي (لسانيات) ڊگريءَ لاءِ مقالو لکيو، جنهن جو عنوان آهي: . “Arabic Element in Sindhi”. آمريڪا جي پنسلوانيا يونيورسٽي ۾ ئي ڊاڪٽر لڇمڻ خونچنداڻي پنهنجي پي . ايڇ . ڊي ڊگريءَ لاءِ 1963ع ۾ ٿيسز لکي، جنهن جو عنوان آهي: “The Acculmation of Indian Sindh to Hindi” اُن ۾، ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لڏي آيل سنڌين جي ٻوليءَ جي آوازن ۾ تبديلين جو مطالعو ڪيل آهي. “Language in Contact” جي موضوع تي پهرين ڪوشش آهي.

- سراج الحق صاحب جو مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ سن 1964ع ۾ ڇپيو.

- سراج جي هن تحقيق جو تاتپرج هي آهي:

(1) سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي پراڪرت نه، پر هڪ اصلوڪي بنيادي ٻولي آهي، جنهن جو سڌو تعلق ٻين هند - يورپي ٻولين سان گهرو آهي، پر ٻوليءَ جي اوسر ان طرح جي نه آهي، جئين يورپي عالمن، هيمچندر ۽ مارڪڻڊيه جي مختصر اشارن مان پنهنجي پسند جو مطلب ڪڍڻ چوڻ گهرن ٿا.

(2) تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ هڙپا کان موهن جي دڙي تائين هڪ قوم آباد هئي، جنهن وٽ سٺو تمدن هو ۽ جنهن کي سڌريل زبان هئي. پوءِ ڪنهن وچين دؤر ۾ خانه جنگي ۽ ڪن سماجي صورتن جي تفاوتن سبب انهن ماڻهن جي تهذيب برباد ٿي وئي ۽ ڪي قبيلا لڏي، اوڀر ۽ اولهه طرف وڌيا. انهن مان ڪي قبيلا سمير ۽ بابل وارن علائقن ۾ وڃي رهيا ۽ تهذيب قائم ڪيائون. سنڌو تهذيب ان تهذيب جو سرچشمو هئي. جيڪي قبيلا اوڀر طرف ويا تن گنگا جمني دوآبي ۾ رهي، پنهنجي تهذيب قائم ڪئي. ان تهذيب هڪ نئون سماج قائم ڪيو، جنهن ويدڪ ڌرم جي صورت اختيار ڪئي. سنڌي زبان جتي جتي وئي، تتي تتي مڪاني محاورن سان گڏجي هڪ نئين زبان ٺهي پئي. سراج، موهن جي دڙي مان هٿ آيل مهرن جي لکيتن جو ملهه مقرر ڪندي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 

- سن 1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻويءَ جي بــُڻ بنياد تي مختلف عالمن ۽ محققن جا سنڌ توڙي هند ۾ تمام گهڻا بحث مباحثا، اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

- ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ سن 1964ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهيءَ جو تاريخي پس منظر پڻ پيش ڪيو ويو آهي. عام صورتخطيءَ جي ڪيترين ئي غلطين جي نشان دهي ڪئي وئي آهي. الانا صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان درست صورتخطيءَ لاءِ ڪافي سفارشون پيش ڪيون آهن.

- ڊاڪٽر مرليڌر ڪشنچند جيٽلي سن 1965ع ۾ پونا يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊگريءَ لاءِ جيڪا ٿيسز لکي، تنهن جو عنوان آهي: “Morphology of Sindhi” (سنڌي صرفيات). جيٽلي صاحب وچولي سنڌي محاوري کي معياري سنڌي طور ڪم آندو ۽ ڊاڪٽر ٽرومپ جي گرامر وارن ڳالهائڻ جي نون لفظن موجب، نحوي بناوتن تي دل کولي بحث ڪيو آهي. پر ڇنڊڇاڻ جي طور طريقي ۾ چند لغرشن جي باوجود، هن ڪتاب ۾ عالمن ۽ محققن جو جوڳو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي مواد موجود آهي.

- جديد لسانيات جي ميدان ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جو اهم ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ سن 1967ع ۾ ڇپيو. الانا صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي صوتيات جي ڏس ۾ پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي آوازن جا مخرج ٻڌايا ويا آهن. سنڌي وينجنن جا قسم ۽ سنڌي ســُـرن جو بيان ۽ سندن خصوصيتون ماهرانه انداز ۾ سمجهايون ويون آهن. لسانيات جي انگريزي اصطلاحن جا سنڌيءَ نعم البدل ڏنا ويا آهن، جن کي لسانيات جي ٻين ماهرن به تسليم ڪيو آهي.

- سن 1968ع ۾ پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ جو ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ شايع ٿيو. جتوئي صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي لسانيات جو بنيادي ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب ۾ سنڌي صوتيات ۾ سنڌي صوتياتي نظام جو اڀياس، سنڌي صرفيات نحو، معنيات، لساني جاگرافي ۽ تقابلي لسانيات جا اصول سمجهايا ويا آهن. لسانيات جي مشهور ماهرن جهڙوڪ: بلوم فيلڊ، آر - ايڇ - رابنس، بلاخ ۽ ٽرئگر، برٽل مامبرگ، رابرٽ - اي - هــِـل وغيره جي معروف ڪتابن مان حواجي 1969ع ۽ 1970ع دوران ڪوپن هيگن انسٽيٽيوٽ آف ايشين اسٽڊيز جي ماهرن آسڪو پرپولا ۽ سيمو پرپولا، ڪمپيوٽر ذريعي موهن جي دڙي مان مليل مهرن جي قديم لکيتن کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هنن ماهرن جي دعويٰ آهي ته”موهن جي دڙي واري ٻولي دراوڙي ٻولين جي ماءُ آهي، جنهن مان اهي دراوڙي ٻوليون اُسريون آهن. هنن ماهرن ڪن مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن. انهن جي ڪڍيل نتيجن ۽ پڙهڻين مان حاصل ڪيل ڪي لفظ اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. انهن ماهرن دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ جي روشنيءَ ۾ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ۽ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي Proto-Dravidian”“ ٻولي سڏيو آهي.

- مرڪزي اردو بورڊ لاهور طرفان 1970ع ۾ ڊاڪٽر شرف الدين اصلاحي جو ڪتاب ڇپيو ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“. اصلاحي صاحب جو هيءُ پي - ايڇ - ڊي لاءِ لکيل مقالو آهي، جو هن 1965ع ۾ لکيو. هن تحقيقي مقالي ۾ اردو سان ڀيٽ ڪندي سنڌي ٻوليءَ تي جنهن نموني تحقيق ڪيل آهي، سو قابل داد آهي.

- مس آر - پي - ييگورايا، انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ماسڪو ۾ سنڌي ٻوليءَ تي هڪ تحقيقي مقالو سن 1966ع ۾ روسي زبان ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ۽ اُچارن جو طريقو، سنڌي حرف ۽ نحو تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب کي 1971ع ۾ اِي- ايڇ - زيپان انگريزيءَ ۾..


Copy paste

Sunday, October 17, 2021

اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا. مَدْحُهُ بَلْسَمْ لِرُوحِي َولَهُ يَحْلُو السَّمَاعْ مرحبا يا مصطفا

 ترجمو؛ اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا.

مَدْحُهُ بَلْسَمْ لِرُوحِي
َولَهُ يَحْلُو السَّمَاعْ
مرحبا يا مصطفا
انسانيت جي علمبردا رحمت العالمين حضرت محمد ﷺ جو جنم ڏينھن مبارڪ .
#ذوالفقار_بھڻ

Thursday, September 16, 2021

شاه عبداللطيف ڀٽائي

شاه عبداللطيف ڀٽائي (1165 - 1102 ھ) والد : شاھ حبيب الله ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ پڙڏاڏو : جمال شاھ تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم جنم ھنڌ : ھالا حويلي وڏن جو تعلق : ھرات سان 1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟ جواب : ڪوٽڙي 2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟ جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾ 3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟ جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي 4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟ جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام 5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟ جواب : تحفة الڪرام 6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟ جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾ 6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟ جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب) 7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟ جاب : 20 سال 8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم جي ڪھڙي حصي کي جھلي دعا گهري ؟ جواب : آڱر (جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ ، تنهنکي لهر نڪي لوڏو) 9- شاھ لطيف سڀ کان اول ڪٿان جو سفر ڪيو ؟ جواب : گنجي ٽڪر جو 10- شاھ لطيف سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ 1740ع ۾ ڪٿان جو سفر ڪيو ؟ جواب : هنگلاج جو 11- شاھ لطيف سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ڪيترا سال سفر ۾ رھيو ؟ جواب : 03 سال 12- شاھ لطيف جا مريد ، بيبي سعيده بيگم کي ڇا سڏيندا ھيا ؟ جواب : تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) 13- مرزا بيگ پنهنجي ماڻھن سميت دَلَ ذات جي ڌاڙيلن هٿان ڪڏهن مارجي ويو ؟ جواب : 1124 ھ مطابق 1711ع 14- بيبي سعيده بيگم شادي وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي ھئي ؟ جواب : گولو (پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ، جيڪو جلد گذاري ويو) 15- ڪھڙي ڪلھوڙي حاڪم ، شاھ لطيف کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ؟ جواب : ميان نور محمَّد ڪلھوڙو 16- دھليءَ جا ڪھڙا ٻہ مشھور گويا ، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ھيا ؟ جواب : اٽل ۽ چنچل 17- شاھ لطيف وفات کان ٿورو اڳ ڪھڙي ڪافي چوندو رهندو ھيو ؟ جواب : ڪھڙي منجھ حساب ؟ ھئڻ منهنجو ھوت ري 18- شاھ لطيف ڪيتري عمر ۾ وفات ڪئي ؟ جواب : 63 سال (نبي سائين ۽ علي سائين جيتري عمر) 19- شاھ لطيف کي سندس وصيت موجب ڪنهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو ؟ جواب : محمود شاھ جي پيرانديءَ ۾ 20- ڪلھوڙي حڪمران غلام شاھ ڪلھوڙي پنهنجي خرچ سان لطيف سرڪار جو روضو ڪڏنهن جوڙايو ؟ جواب : 1754ع 21- - شاھ لطيف جو روضو ڪھڙي نامياري رازي جوڙي راس ڪيو ؟ جواب : سکر جي مشھور رازي عيدن 22- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪھڙي حڪمران شاھ لطيف جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ؟ جواب : مير نصير خان ٽالپر 23- شاھ لطيف جي روضي جي قبي کي چانديءَ جو دروازو ڪنهن وجهرايو ؟ جواب : مير محمَّد خان ٽالپر 24- شاھ لطيف جي زماني ۾ ڪھڙي ٻاھرين حڪمران سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ؟ جواب : نادر شاھ 25- ان ھستيءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجي شھادت شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ٿي ؟ جواب : شاھ عنايت شھيد 26- ھڪ روايت موجب شاھ سائين سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇليو ھو بعد ۾ سندس مريدن سمورو ڪلام ڪھڙي سگهڙ زال وٽان ھٿ ڪيو ؟ جواب : مائي نيامت (ملياڻي نعمت) 27- ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي“ اھا ڳالھ سڀ کان پهرين ڪهڙي عالم ثابت ڪئي ؟ جواب : ايڇ ٽي سورلي 28- ”شاھ جو رسالو“ سڀ کان پهريون ڪنهن ڇپرائي پڌرو ڪيو ؟ جواب : ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 29- شاھ لطيف جي مزار تي خاص طور تي ڪھڙي رات جو راڳ ٿيندو آھي ؟ جواب : جمعي جي رات 30- شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند جو شوقين هيو ؟ جواب : گز ڪمان 31- شاھ لطيف موسيقيءَ جو ڪھڙو ساز پاڻ ايجاد ڪيو ؟ جواب : تنبورو 32- ان ھندو شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سان شاھ لطيف جي گھري دوستي ھئي ؟ جواب : مدن ڀڳت 33- ڪھڙي شاعر کي نج سنڌي راڳ جو باني چيو وڃي ٿو ؟ جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ 34- شاھ لطيف ڪھڙي بزرگ جو مريد ٿيڻ لاءِ سوچيو ھيو ؟ جواب : مخدوم محمَّد زمان لنواري واري جو 35- شاھ لطيف ، محمَّد زمان لنواري واري جو مريد ڇو ٿي نہ سگھيو ؟ جواب : نقشبندي طريقي ۾ راڳ حرام آھي ۽ لطيف سائين راڳ نہ ڇڏيو ۔ 36- شاھ لطيف جو ڪھڙي ڍنڍ سان انس ھيو ؟ جواب : ڪراڙ ڍنڍ 37- لطيف سائين جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو مولودن جو وڏو شاعر ۽ ڳائيندڙ ھيو ؟ جواب : مخدوم عبدالرئوف ڀٽي 38- شاھ لطيف جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪافيءَ جو بهترين شاعر ھيو ؟ جواب : ميان صاحب ڏنو فاروقي 39- شاھ لطيف ڪھڙن حاڪمن جي دور کي سونهري دور سڏيو آھي ؟ جواب : سومرا ۽ سما 40- شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ گُجَرِ ڪنهن کي سڏيو آھي ؟ جواب : مومل کي 41- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻين سورمين جو ذڪر آھي ؟ جواب : ست 42- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سورمن جو ذڪر آھي ؟ جواب : 43- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سخي ڏاتارن جو ذڪر آھي ؟ جواب : ڏھ 44- شاھ سائين جي انهيءَ سورميءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجو تعلق عمر ڪوٽ سان ھيو ؟ جواب : مارئي 45- شاھ جي رسالي ”گنج“ جو پراڻو نسخو ڪھڙي سن ۾ لکيو ويو ؟ جواب : 1800ع ۾ 46- شاھ لطيف ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر رامڪلي 47- شاھ لطيف سير و سفر جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر کاھوڙي ۽ سر رامڪلي ۾ 48- نانگ بلائن جو گهڻو ذڪر شاھ سائين ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر ڪارايل ۾ 49- سنڌي ادب جي انهن عالمن ۽ شاعرن جا نالا ٻڌايو جيڪي شاھ لطيف جي ارد گرد دفن ٿيل آھن ؟ جواب : مير عبدالحسين سانگي ، علامہ عمر بن دائود پوٽو ۽ شيخ اياز 50- ڪئمبرج يونيورسٽي مان شاھ لطيف تي PHD ڪندڙ خاتون جو نالو ٻڌايو ؟ جواب : ڊاڪٽر درشھوار ڌيءَ جي ايم سيد 51- ”لطائف لطيفي“ فارسي زبان ۾ لکيل ڪنهنجو ڪتاب آھي ؟ جواب : مير عبدالحسين سانگي 52- ”لطف اللطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟ جواب : دين محمَّد وفائي 53- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪاڪ جو ذڪر ڪھڙي ڪھاڻيءَ سان منسوب آھي ؟ جواب : مومل راڻو 54- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيچ جو ذڪر ڪھڙي قصي سان منسوب آھي ؟ جواب : سسئي پنهون 55- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملير جو ذڪر ڪھڙي داستان سان منسوب آھي ؟ جواب : عمر مارئي 56- شاھ سائين جي ڪھڙي فقير جو اولاد سندس درگاه جي مجاوري ڪندو اچي ٿو ؟ جواب : تمر فقير 57- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان شاھ جو رسالو 1866ع ۾ شايع ڪرايو ، ان ۾ ڪل ڪيترا سر ڏنل آھن ؟ جواب : 22 58- ڪتاب مقالات الشعراءَ ، جنهن ۾ شاھ سائين جو اوائلي احوال ملي ٿو ، ڪنهنجو لکيل آھي ؟ جواب : مير علي شير قانع ٺٽوي 59- شاھ لطيف جي نالي پٺيان ڪھڙي شھر ۾ يونيورسٽي ٺھيل آھي ؟ جواب : خيرپور 60- شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪٿي واقع آھي ؟ جواب : ڪراچي يونيورسٽي 61- شاھ لطيف ٻہ ڪتا پاليا ھيا ، انهن کي ڪھڙن نالن سان سڏيندا ھئا ؟ جواب : موتي ۽ کينهو 62- شاھ لطيف جو وصال ڪھڙي حالت ۾ ٿيو ؟ جواب : راڳ ٻڌندي 63- شاھ لطيف راڳ جو سچو قدر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر سورٺ 64- ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو محافظ آھي ۽ سندس رسالو سنڌي سماج جو عڪس آھي“ ، اھي ڪنهنجا لفظ آھن ؟ جواب : عثمان علي انصاري 65- شاھ جو رسالو ڪھڙي سُرَ کان شروع ٿئي ٿو ؟ جواب : ڪلياڻ 66- سر ڪاموڏ ۾ ڇا جو بيان آھي ؟ جواب : نوري ڄام تماچي 67- سر ليلا چنيسر ۾ ٽيون ڪردار ڪنهنجو آھي ؟ جواب : ڪئنرو 68- ”پيغام لطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟ جواب : جي ايم سيد 69- ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ڪھڙي سر مان کنيل شعر آھي ؟ جواب : سر سارنگ 70- ڪھڙي سر ۾ مورڙي ميربحر جو ذڪر آھي ؟ جواب : سر گهاتو 71- شاھ جي رسالي ۾ طنز و مزاح وارو ڪلام وڳنڌ فقير بابت بيان ڪھڙي سر ۾ اچي ٿو ؟ جواب : سر بلاول 72- ”شاھ جون سورميون“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟ جواب : نارائڻ داس ڀمڀاڻي 73- موکي ۽ متارن جو قصو ڪھڙي سر ۾ آھي ؟ جواب : سر يمن ڪلياڻ 74- ڪونج ۽ ماروي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟ جواب : سر ڏھر 75- شاھ جي رسالي ۾ گهڻن بيتن وارو ڪھڙو سر آھي ؟ جواب : سر حسيني 76- شاھ سائين سج ، چنڊ ، تارن ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر کنڀات 77- شاھ لطيف جي مجازي عشق ۾ ڪھڙو سر ڀائنجي ٿو ؟ جواب : سر کنڀات 78- سر ڪلياڻ جو مکيہ موضوع ڇا آھي ؟ جواب : وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود 79- ارنيسٽ ھيمنگوي جي مشھور ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ھيرو سانتياگو جو ڪردار کي شاھ جي ڪھڙي سورمي سان ڀيٽيو ويندو آھي ؟ جواب : پنهون 80- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر شاھ صاحب ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر گهاتو 81- سر رپ کي ٻي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو آھي ؟ جواب : سر کيپ 82- شاھ لطيف جي ڪھڙي سر کي سر ماتمي سڏيو ويندو آھي ؟ جواب : سر ڪيڏارو 83- ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ ڇا آھي ؟ جواب : سک ، خير 84- ڪلياڻ ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي ؟ جواب سنسڪرت 85- شاھ لطيف سر ڪلياڻ ۾ ڪامل مرشد کي ڇا سڏيو آھي ؟ جواب: ”مھيسر“ 86- شاھ سائين جي رسالي جو ڊگھي ۾ ڊگھو بيت ڪھڙي سر ۾ آھي ؟ جواب : سر سارنگ 87- ڀٽ تي رکيل قديم نسخي ”گنج“ جو پهريون سر ڪھڙو آھي ؟ جواب : سر سسئي 88- عالمن جي خيال موجب سر کنڀات شاھ سائين ڪھڙي عمر ۾ چيو هوندو ؟ جواب : جوانيءَ ۾ 89- سھڻي ڪهڙي شيءِ تي چڙھي ميهار سان ملڻ ويندي ھئي ؟ جواب : گهڙي تي 90- سر معذوريءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟ جواب : سسئي پنهون 91- سر ديسي ۾ ڪھڙو لوڪ قصو ڳايو ويو آھي ؟ جواب : سسئي پنهون 92- شاھ لطيف لوڪ قصي سسئي پنهون کي گهڻن سرن ۾ ڳايو آھي ؟ جواب : 5 🔻 سر سسئي آبري 🔻 سر معذوري 🔻 سر ديسي 🔻 سر ڪوهياري 🔻 سر حسيني 93- سر کاھوڙيءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟ جواب : سيلاني فقيرن ۽ جوڳين جو 94- لطيف سائين ڄام جکري جي سخاوت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر بلاول 95- شاھ سائين پنهنجي ڪھڙي سر ۾ نبي اڪرم صہ جي حسن و اخلاق جو ذڪر ڪيو آھي ؟ جواب : سر کنڀات 96- ”سنڌ جو حافظ“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو ؟ جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ 97- شاھ لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪھڙي پرڏيهي شاعر جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس ؟ جواب : رومي 98- شاھ لطيف سر سھڻيءَ ۾ هڪ پارسي مصرع ، سنڌ جي ڪھڙي درويش شاعر جي کنئي آھي ؟ جواب : صوفي شاھ عنايت شھيد 99- شاھ لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ نهايت مختصر پارسي پنهنجي ڪھڙي سر ۾ چئي آھي ؟ جواب : سر يمن ڪلياڻ 100- شاھ لطيف چرخي چورڻ جو پرچار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر ڪاپائتي 101- شاھ لطيف ساري عالم جي آباديءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ڪھڙي سر ۾ دعا گهري آھي ؟ جواب : سر سارنگ 102- شاھ لطيف چين ، ترڪي ، روم ، قنڌار ۽ ٻين شھرن ۽ ملڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر سارنگ 103- ”سو نہ ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجھ تراب“ جيڪي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آھي اهو ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ناهي ۔ ڪھڙي سر جو بيت آھي ؟ جواب : سر سھڻي 104- شاھ لطيف خاڪ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر سھڻي 105- سمنڊ جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟ جواب : سر سريراڳ 106- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟ جواب : سر گهاتو 107- شاھ لطيف سر سريراڳ ۾ سمنڊ جو ذڪر ٻيو ڪھڙي نالي سان ڪيو آھي ؟ جواب : ديوانو درياءُ 108- شاھ لطيف لوهيڙي جي وڻ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر سريراڳ 109- شاھ لطيف ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر ڪاموڏ 110- شاھ لطيف سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن اشارا ڪھڙن سرن ۾ ڪيا آھن ؟ جواب : سر کنڀات ۽ سر مومل راڻو 111- شاھ لطيف گلن ڦلن ، ميون ، اَنَ ۽ گاھن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر مارئي 112- شاھ لطيف ، ”ٻاٻيهو“ پکيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر مارئي 113- شاھ جون سورميون ؟ 🔻 سسئي 🔻 سھڻي 🔻 مومل 🔻 ليلان 🔻 نوري 🔻 مارئي 🔻 سورٺ 114- شاھ جا سورما ؟ 🔻 پنهون 🔻 ميھار 🔻 راڻو 🔻 چنيسر 🔻 ڄام تماچي 🔻 مورڙو ميربحر🔻 ٻيجل ۽ ٻيا 115- شاھ لطيف لسٻيلي جي سخي حاڪم جي واکاڻ ڪھڙي سر ۾ ڪئي آھي ؟ جواب : سر پرڀاتي 116- ڪيڏارو سنسڪرت جي ڪھڙي لفظ جي بگڙيل صورت آھي ؟ جواب : ”ڪيدار“ 117- ”ڪيدار“ جي معنيٰ ڇا آھي ؟ جواب : جنگ جو ميدان 118- ميھار کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو ويو آھي ؟ جواب عزت بيگ ۽ ساھڙ 119- شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف جي عمر ڪيتري ھئي ؟ جواب : 28 سال (ڪٿي 31 سال بہ اچي ٿي) 120- شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جو 276 هون عرس مبارڪ ڪھڙي سال ۾ ملهايو ويو ؟ جواب : 2019 121- ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 26 122- تارا چند واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 37 123- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 22 124- ڊاڪٽر غلام المصطفيٰ قاسمي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 36 125- علامہ آءِ آءِ قاضي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 29 126- علامہ آءِ آءِ قاضي ، شاھ جي رسالي مان ڪھڙو سر ڪڍي ڇڏيو ؟ جواب : سر ڪيڏارو 127- ٻانهي خان شيخ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟ جواب : 31 128- الهداد جهجهي جي گنج ۾ ڪيترا سر آھن ؟ جواب : 36 129- سڀ کان پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪھڙي فنڪار کي مليو ؟ جواب : استاد محمَّد يوسف 130- استاد محمَّد يوسف کي پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو ؟ جواب : ايڪٽيھ مارچ 1980ع 131- ٻہ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان شاھ لطيف جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي ؟ جواب : خالق ڏني ھال ڪراچيءَ ۾ 132- شاھ لطيف جو عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنهن قائم ڪئي ؟ جواب سيد ميران محمَّد شاھ 133- شاھ لطيف جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو عبدالستار پيرزادو عام موڪل جو اعلان ڪيو ؟ جواب : 201 عرس جي موقعي تي 134- شاھ جو رسالو چئن ٻولين ( اردو ، سنڌي ، انگريزي ۽ فارسي) ۾ ڪنهن سهيڙي ڇپرايو ؟ جواب : ڊاڪٽر در شھوار سيد 135- سڀ کان پهريان الف -- ب وار شاھ جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو ؟ جواب : ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو 136- قاضي فقير محمَّد قانع واري شاھ جي رسالي ۾ ڪيترا سر ڏنل آھن ؟ جواب : 36 137- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سال 2000ع ۾ تحقيق مڪمل ڪري شاھ جو رسالو گهڻن جلدن ۾ ترتيب ڏنو ؟ جواب : 10 جلد 138- ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو جو عربي ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو 251 عرس جي موقعي تي ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو ؟ جواب : 1400 ھ ، 1980ع 139- شاھلطيف جو رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ٻارنهن سالن عرصي ۾ سال 1336 ھ ڪنهن لکي پورو ڪيو ؟ جواب : عبدالمطلب جت 140- سر ڪيڏاري ۾ لطيف سرڪار قرآن پاڪ جون ڪيتريون آيتون آنديون آھن ؟ جواب : پنج 141- شاھ لطيف نار جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب سر ڏھر 142- شاھ لطيف گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر بلاول 143- شاھ لطيف جنت عدن جو ذڪر ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي ؟ جواب : سر سورٺ ۽ رامڪلي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جا سر (ڪلام) 1- سر ڪلياڻ (وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود) 2- سر يمن ڪلياڻ (موکي ۽ متارا جو ذڪر) 3- سر کنڀات (نبي سائين جي حسن و اخلاق ، مجازي عشق ، سج ، چنڊ ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر) 4- سر سريراڳ (ٻيڙن ۽ سمنڊ جو ذڪر) 5- سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر) 6- سر سھڻي 7- سر سسئي آبري 8- سر معذوري 9- سر ديسي 10- سر ڪوهياري 11- سر حسيني 12- سر ليلان چنيسر 13- سر مومل راڻو 14- سر مارئي 15- سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر) 16- سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي جو ذڪر) 17- سر ڪيڏارو 18- سر سورٺ 19- سر آسا (اکين جو ذڪر) 20- سر سارنگ 21- سر کاھوڙي 22- سر رپ (سر کيپ) 23- سر رامڪلي (جوڳين جو ذڪر) 24- سر بروو سنڌي 25- سر ڪاپائتي 26- سر پورب 27- سر ڪارايل ( پکين جو ذڪر) 28- سر پرڀاتي 29- سر ڏهر (ڪونج جو ذڪر) 30- سر بلاول (وڳنڌ بابت مذاق ، ڄام جکري جي سخاوت) 🔸شاھ لطيف جا شايع ٿيل رسالا 1- شاھ جو رسالو - ارنيسٽ ٽرمپ - 1866 2- شاھ جو رسالو - تاراچند شوقيرام - 1900 3- رسالہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة - مرزا قليچ بيگ - 1913 4- شاھ جو رسالو - ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي - ٽي جلد - (1931-1924-1923) 5- شاھ جو رسالو - غلام محمَّد شاھواڻي - 1950 6- دفتر لطيفي وارو رسالو - محمَّد عثمان ڏيپلائي - 1951 7- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ - غلام مصطفيٰ قاسمي - 1951 8- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف - علامہ آءِ آءِ قاضي - 1961 9- شاھ جو رسالو - ڪلياڻ آڏواڻي - 1966 10- شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ - 1989 - ڏھ جلد 11- شاھ جو رسالو - الف - ب وار - ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو - 1994 12- الف - ب وارو شاھ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي - عبدالغفار گوھر دائود پوٽو - 1994 13- شاھ جو رسالو - عثمان علي انصاري - 1997 14- شاھ جو رسالو - ٻانهون خان شيخ - 2002 🔸شاھ لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾ 1- مقالات الشعراءَ - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1761ع - 1174 ھ (شاھ لطيف جي وصال کان ڇھ سال پوءِ) 2- تحفة الڪرام - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1768ع - 1181 ھ (فارسي) - سنڌي ترجمو - مخدوم امير علي 3- معيار سالڪان طريقت - مير علي شير قانع ٺٽوي - فارسي - 1787 - ترجمو - شيخ محمَّد حسن ٿريچاڻوي - 2010 4- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون - رچرڊ برٽن - 1871 5- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ (انگريزي 1877) (سنڌي 1897) 6- لطائف لطيفي - مير عبدالحسين سانگي (فارسي 1887) 7- شاھ تي تحقيق - ليلا رام وطڻ مل - 1889 8- مرغوب الاحباب - نظر علي بلوچ - 1945 9- شاھ سچل سامي - ڪلياڻ آڏواڻي - 1951 ۔10- Shah Latif Of Bhit مرتب - ڪريم بخش خالد - 1962 - (210 عرس تي ڇپيو) 11- پنج گنج - قادر بخش بيدل - (فارسي) - (سنڌي ترجمو - صوفي سبحان بخش -1977) 12- شاھ سچل سامي - مرتب : اي جي اتم - 1982 - ٻيو ڇاپو 1984 13- شاھ سچل ۽ خليفو قاسم - محمَّد حسين ڪاشف - 2012 14- لطيفي لهرون - (مضمون) - پروفيسر علي نواز جتوئي 🔸شاھ جي رسالي تي تحقيق 1- شاھاڻو شاھ - لعل چند امر ڏنو - 1914 2- مقدمہ لطيفي - ڊاڪٽر گربخشاڻي - 1923 3- لطيفي سير - ڀيرو مل آڏواڻي - 1928 4- شاھ جي رسالي جو رهبر عرف ککر ۾ کڙو - محمَّد عثمان ڏيپلائي 5- پيغام لطيف - جي ايم سيد - 1952 6- ڀٽ ڌڻي عرف فڪر لطيف - مولوي عبدالحيءُ - 1962 7- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ - 1972ع - 1392 ھ 8- شاھ لطيف جي شاعري - تنوير عباسي - 1976 9- شاھ ، سچل ، سامي - محمَّد ابراهيم جويو - 1978 10- لطيف جو پيغام - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي - 1979 11- سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف - ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر - 1988 12- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري - ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو - 1990 13- شاھ جي ٻولي - آفتاب ابڙو - 1990 14- شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ - ڊاڪٽر فهميده حسين - 1993 15- ڀٽ جو گهوٽ - ڊاڪٽر بشير احمد شاد - 1993 16- عرفان لطيف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد 17- پيھي منجھ پاتال - ڊاڪٽر بشير احمد شاد 18- شاھ لطيف ھر دور جو شاعر - ڊاڪٽر بشير احمد شاد 19- شاھ جون آکاڻيون - ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي - 1994 20- شاھ جي شاعري ۾ استعارا ۽ تشبيھ نگاري - ڊاڪٽر ام ڪلثوم - 2004 21- ڀٽائي جو مطالعو - ڊاڪٽر اسد جمال پلي - 2006 22- شاھ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو - ج ع منگهاڻي - 2006 23- سوز وساز لطيف - حيدر علي - 2009 24- مون مطالع سپرين - اياز قادري 25- سنڌ جو شاھ - بدر ابڙو 26- ڀٽ جو شاھ - ايڇ ٽي سورلي - سنڌيڪار عطا محمَّد ڀنڀرو 27- لطيف جو پيغام - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 28- فڪر لطيف - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 29- لات جا لطيف جي - آغا سليم 30- اديون آءُ اڄاڻ - ڊاڪٽر فهميده حسين 31- لطيفي لات - ممتاز مرزا 32- موکي متارا - استاد لغاري 33- جھڙي سونهن سندياس - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي 34- مون ۾ تون موجود - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي 35- شاھ جي رسالي جي نباتات - پريتم پياسي 🔸شاھ لطيف جي رسالي جا ڪي ترجما 1- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - شيخ اياز - 1963 2- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - آغا سليم - 2000 3- کلام شاه عبداللطيف - (اردو - نثري ترجمو) - اياز قادري ۽ وقار احمد - 1993 ۔4- Shah Jo Risalo alias Ganj Latif - محمود يعقوب آغا شاھ - 1985 ۔5- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai Translated in Verses - پروفيسر آمنہ خميساڻي - 1994 ۔6- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai ايلسا قاضي (Selction) - 1965 ۔7- Selection From Risalo - جي الانا 8- السيد عبداللطيفرحمة اللہ عليه اشاعرالڪبير في ال باڪس ٽانڪڻ - (عربي) - ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو - 1989 9- شاھ ڀٽائی دا رسالہ - (پنجابي) - ڪرتار سنگھ عرش وارو - 1996 سنڌي ٻولي جي شروعات 1) سنڌيءَ ۾ صرف ونحو (گرامر) تي پهرن ڪتاب 1850ع ۾ لکيو ويو. (2) انگريزن 1851ع ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسر لازمي طور تي سنڌي پڙهن. (3) سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي. (4) سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي رسم الخط 1853ع کان آهي. (5) سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو. (6) سنڌيءَ ۾ پهريون قصو 1854ع سن ۾ ڇپيو. (7) سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي. (8) سنڌيءَ ۾ قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو. (9) سنڌيءَ ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو. (10) سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ شايع ٿيو. (11) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. (12) سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. (13) ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. (14) ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. (15) سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي. انهيءَ طرز عمل تي پهريون ڀيرو فقير محمد سنڌي عمل پيرا آهي. اچو ته “پهريون“ هجڻ جي شرف حاصل ڪندڙ عامل و حامل کي شامل ڪريون، انهيءَ لاءِ اقتباسات جي معلومات پيش نظر رکجي ٿي؛ (1) سنڌي ادب جو پهريون دور سومرن جو دور کان آهي. (2) سنڌي نثر جو پهريون قصو سسئي پنهون آهي. (3) سنڌي نظم جو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي. (4) سنڌي ۾ ترائيل جو پهريون شاعر نارائڻ شيام آهي. (5) سنڌيءَ ۾ غزل تي پهريون ڪتاب آخوند گل محمد جو آهي. (6) سنڌيءَ جي پهرين درسي ڪتاب “سنڌي ٻاراڻو” ڪتاب آهي. (7) سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب ننديرام مير چنداڻي لکيو. (8) سنڌيءَ ۾ پهريون صاحب ديوان شاعر آخوند گل محمد هو. (9) سنڌيءَ ۾ لکيل پهرين اصلي آتم ڪهاڻي “سائو پن ۽ ڪارو پن“ آهي. (10) سنڌ ۾ باقاعده تعليمي ادارا سڀ کان پهرين يونانين قائم ڪيا. (11) شاهه جي رسالي جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر سورلي ڪري ڇپايو. (12) سنڌ جي ذوالفقار علي ڀٽو کي برطانيه جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو پهريون ايشيائي استاد مقرر ڪيو ويو. (13) سومرن جي دور جو پهريون شاعر پير صدر الدين شاهه هو. (14) سومرن جي دور ۾ پهرين شاعري گنان صنف کان شروع ٿي. (15) جديد سنڌي گيت جو پهريون شاعر صوفي نيڀراج آهي. (16) ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو پهريون سنڌي شاعر شاهه عنايت رضوي هو. (17) لوگ (لوڪ) گيت تي پهريون ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو. (18) شاعريءَ جي صنف “هجو گوئي” جو پهريون مؤجد سيد ثابت علي شاهه هو. (19) شاعريءَ ۾ مدح جي صنف جو پهريون مؤجد جمن چارڻ هو. (20) سنڌي مرثيي جو پهريون بنياد سيد ثابت علي شاهه رکيو. انهيءَ اميد سان ته اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب کي به قدر جي نگاهه سان ڏسجوی

Sunday, September 12, 2021

استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو.

 



استاد کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو. #ذوالفقار_بھڻ 

****************************

استاد اھا مخلوق آھي جيڪا سموري دنيا ۾ موجود آھي.سندن ننڊڙيون ننڊڙيون خواھشون آھن تہ ٻار سبق ياد ڪري اچن .سندن شاگرد وڏن عھدن تي پھچن. سندن اسڪول جي بلڊنگ خوبصورت ، سموريون ضروري سھولتون ، خوشگوار ماحول ، جديد دور جي قائدانہ صلاحيتن وارو ھيڊ ماستر ، معاشري ۾ باوقار شھري ،۽ خاص طور تي ھمٿائندڙ سماجي رويا ھجن.

پاڪستاني معاشري خاص طور سنڌ ۾ حڪومتي استاد ٿيندي ئي ھڪ مشڪلاتن جي ڌٻڻ استاد جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي ڪيئي سالن تائين پڪي ٿيڻ جي پريشاني ، پگھارن ، انڪريمينٽ ۽ ترقي لاء ڳريون رشوتون .درٻان ،منشي ۽ وڏين ميزن پٺيان ويٺل ڪو گھڻو ڪم نہ ھوندي بہ پاڻ کي مصروف ظاھر ڪندڙ راشي ۽ بداخلاق ڪامورن جا دڙڪا . ايتري قدر جو عمر جا 60 سال پورا ڪري نوڪري پوري ٿيڻ تي بہ ڪيترن ئي مھينن تائين ريٽائرمينٽ جي ڪاگزن جي پورائي لاء آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ ھڪ استاد جو مقدر ٿيو پوي.

اھڙي طرح پرائيويٽ استاد جا تہ سور ئي ٻيڻا آھن جنتي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندي.

سڌريل سماج ۾ ان پيشي سان لاڳاپيل فردن کي خاص اھميت ۽ نمايان مقام ڏنو وڃي ٿو. جنھن جا ڪيئي مثال ڏيئي سگجھن ٿا. امريڪا ، برطانيہ جاپان ،فرانس، ملائيشا، اٽلي سميت تمام ترقي يافتہ ملڪن ۾ استاد کي تمام گھڻي عزت ڏني وڃي ٿي. 

اشفاق احمد ھڪ ھنڌ لکيو تہ ؛ برطانيہ ۾ ٽريفڪ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مون تي جرمانو عائد ڪيو ويو، مان ڪن مصروفيتن سبب چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ مونکي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو پيو. ڪمري عدالت ۾ مونکان جج معلوم ڪيو تہ مون چالن ڇونہ جمع ڪرايو آھي تہ مون کين چيو تہ مان ھڪ پروفيسر آھيان ۽ اڪثر مصروف رھندو آھيان انڪري چالان جمع نہ ڪرائي سگھيس تہ جج چيو The Teacher is in the court۽ پوءِ جج سميت سمورا ماڻھو احترامن اٿي بيٺا ان ڏينھن مان ان قوم جي ترقيءَ جو راز ڄاڻي ويس.

استاد ذھن ساز آھي ، استاد بادشاھ تہ ناھي پر بادشاھ گر ضرور آھي، انقلابي اڳواڻ آھي. ٻين جنگ عظيم ۾ ھٽلر کان پڇيو ويو تہ مسلسل جنگ جي نتيجي ۾ انجنيئر ،سائنسدان معيشتدان مطلب قيمتي مانہو مري رھيا آھن ڇاڪيو وڃي ؟ ان چيو تہ ٿي سگھي تہ پنھنجي استادن کي ڪٿي لڪائي محفوظ جڳھ تي رکو .اگر استاد موجود ھوندا تہ اھڙا قيمتي مانھو ٻيھر تيار ٿي پوندا .

استادن جي نفسيات کي ھڪ استاد ئي سمجھي سگھي ٿو گھڻي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ پھريون دفعو استادن جي واھر انھن جا جائز مطالبا بڌڻ ۽ حل ڪرڻ واريون خبرون اچي رھيون آھن. ھيءَ ھڪ خوش آئند ڳالھ آھي. اميد تہ استاد دشمن روين وارن ڪامورن کي پڻ پنھنجن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

Zulifiqar Behan Deputy Direcor DETRC Karachi promoted BPS-20

 Zulifiqar Behan Deputy Direcor DETRC Karachi Pakistan promoted in BPS-20