Saturday, November 16, 2013

بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

شاعري؛ذوالفقاربھڻ
بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....
دل روئي نير وهائي ٿي.....
انسان جي انسان هٿان
تذليل ڏسي
دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي

مان ته آدم آھيان،
مرڻو ناھيان.
ازل تائين رھڻو آھيان
جڏھن
ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو
مان تڏھن کان آھيان
پوءِ به.........
ڇا ڪيان..
پنھنجي بي وسي تي
روئي ڏيان ٿو...
مونکي ورھايو ويو آ،
مذھبن ۾،ملڪن ۾،
طبقن ۾،جنسن ۾،
زبانن ۽ ذاتين ۾........
ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟
پنھنجي بي وسيءَ تي
دل روئي ٿي.....
نير وھائي ٿي
بس ڇا ڪيان يار....

Sunday, November 3, 2013

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي


ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي
ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾

شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Friday, November 1, 2013

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Happy Diwali to all my friends .Zulfiqar Behan.
************************************
اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون
انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟
بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار
جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو.
شاعري- ذوالفقار بھڻ

Tuesday, October 22, 2013

Friday, October 18, 2013

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا
روز ائين نه سوڳ ھجي ھا
رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن
تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا
ذوالفقاربھڻ
 

ڀورو صبح-ڪاري رات


ڀورو صبح-ڪاري رات
**************
ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان
جڏھن سندس ٻچي کي،
ڇڪي ڪڊيو ويو......
ماءُ رڙيون ڪيون....
دانھون ڪيون......
ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو..
ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ،
آرامي آ,منھنجو بچڙو...
بيمار سوچ واري سماج
سندس ھڪ نه ٻڌي....
وقت پنھنجو وار ڪيو.............
ھوا ڌوڙ وسائي
سورج گيڙو وڳو پاتو...
چنڊ شرم وچان
ڪڪرن ۾ منھن لڪايو...
ڪاري رات
ڀوري صبح کي،
روئي بي حال ٿي وئي.
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasi...