ڀورو صبح-ڪاري رات


ڀورو صبح-ڪاري رات
**************
ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان
جڏھن سندس ٻچي کي،
ڇڪي ڪڊيو ويو......
ماءُ رڙيون ڪيون....
دانھون ڪيون......
ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو..
ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ،
آرامي آ,منھنجو بچڙو...
بيمار سوچ واري سماج
سندس ھڪ نه ٻڌي....
وقت پنھنجو وار ڪيو.............
ھوا ڌوڙ وسائي
سورج گيڙو وڳو پاتو...
چنڊ شرم وچان
ڪڪرن ۾ منھن لڪايو...
ڪاري رات
ڀوري صبح کي،
روئي بي حال ٿي وئي.
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Comments

Popular posts from this blog

شيخ اياز shaikh ayaz

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ