بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

شاعري؛ذوالفقاربھڻ
بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....
دل روئي نير وهائي ٿي.....
انسان جي انسان هٿان
تذليل ڏسي
دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي

مان ته آدم آھيان،
مرڻو ناھيان.
ازل تائين رھڻو آھيان
جڏھن
ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو
مان تڏھن کان آھيان
پوءِ به.........
ڇا ڪيان..
پنھنجي بي وسي تي
روئي ڏيان ٿو...
مونکي ورھايو ويو آ،
مذھبن ۾،ملڪن ۾،
طبقن ۾،جنسن ۾،
زبانن ۽ ذاتين ۾........
ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟
پنھنجي بي وسيءَ تي
دل روئي ٿي.....
نير وھائي ٿي
بس ڇا ڪيان يار....

Comments

Popular posts from this blog

شيخ اياز shaikh ayaz

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ