سرخ گلابن جو شهر، ڄامشورو محبوب جي ماڻن جو شهر، ڄامشورو رخسار ڇهي وار سنوارن جيڪي اهڙين عاشق هوائن جو شهر ڄامشورو

 


چيائين: ملڻو آهي اوهان سان

چيم: ڄامشورو ڪو اڻڄاتل شهر ته ناهي...

 هليو آ... هن جي سڃاڻپ. آ...


سرخ گلابن جو شهر، ڄامشورو

محبوب جي ماڻن جو شهر، ڄامشورو

رخسار ڇهي وار سنوارن جيڪي

اهڙين عاشق هوائن جو شهر ڄامشورو


 وفائن جو شهر، ڄامشورو

صدائن جو شهر، ڄامشورو

رساما ، روئڻ کلڻ ۽ کلائڻ

 اهڙين چنچل ادائن جو شهر، ڄامشورو


جفائن جو شهر، ڄامشورو

غفائن جو شهر، ڄامشورو

بابا ، امڙ ،ڀيڻ ئي محبوبه جي

 دعائن جو شهر، ڄامشورو


ڪتابن جو شهر ڄامشورو 

شاگردن جو شهر ڄامشورو 

فلسفو ،تاريخ جتي پڙهجن 

بڙ جي گهاٽي ڇانئن جو شهر، ڄامشورو


 سنڌ جي سورمين جو شهر ڄامشورو 

مهراڻ جي موجن جو شهر ڄامشورو 

بھڻ ذوالفقار جي ٿيو سڃاڻپ آ 

ڌرتيءَ جي جاننثارن جو شهر ڄامشورو 

ڊاڪٽر ذوالفقار بھڻ 

17 مئي 2025

#dcar_sindh #zulfiqarbehan #bureauofcurriculumsindh #jamshorosindh @highlight












Comments

Popular posts from this blog

شيخ اياز shaikh ayaz

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ