ذوالفقار بھڻ جو تعارف
اڄ اوھان کي سنڌي شاعري ا دب ۽ سنڌ جي تعليم ۾ ھڪ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سائين ذوالفقار علي بھڻ جو تعارف ڪرائجي ٿو.
ذوالفقار ولد محمد عثمان بھڻ، پهرين جون 1972ع تي ڳوٺ دورو بھڻ تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. ھُنَ ابتدائي تعليم ڳوٺ دوري بھڻ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز اسڪول موري مان 1988ع ۾ ڪيائين. انٽر مھراڻ ڪاليج موري مان 1990ع ۾ ڪيائين. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، ايم ايڊ ڪراچي يونيوسٽي، جڌھن تہ ايم فل اقراء يونيورسٽي گلشن اقبال ڪراچي ۽ اڄ ڪلھ پي ايڇ ڊي ٽيچر ايجوڪيشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪري رھيو آھي.
نوڪريءَ جو تفصيل
پاڻ ھن وقت گورنمنٽ ڊويزل ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي ريسورس سينٽر (ڊيٽرڪ) ڪراچي جي سربراھ / ڊپٽي ڊائريڪٽر گريڊ 19 ۾ خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ڪراچي ۾ ھزارين استاد سندس شاگرد آھن جيڪي خدمتون انجام ڏيئي رھيا آھن. پاڻ 2000ع ۾ ليڪچرر طور نوڪري جو آغاز ڪيائين. 2006ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ان کان علاوہ پرنسپل گورنمنٽ ايليمينٽري ڪالج لياري ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي. سنڌي جي نصاب، استادن جي تربيت جي ڪورسن جي ڪتابن جي تياري ۾ ميمبر/ ماھر طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي.
ادبي سفر
ذوالفقار بھڻ شاعري لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ انٽر واري دؤر ۾ / ڪاليج واري زماني ۾ ڪئي. سندن ادبي نالو ذوالفقار بھڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو عھديدار جوائنٽ سڪريٽري ۽ اڄ ڪلھ سنڌي ادبي سنگت گلشن اقبال شاخ جو ڪائونسلر پڻ آھي. ذولفقار بھڻ جي شاعريءَ جو ڪتاب “منھنجا خواب گلاب جھڙا” 2009ع ۾ دانش اڪيڊمي پبليڪيشن پاران شايع ٿي چُڪو آهي. ان کان علاوھ گڏيل شاعري جي ڪتاب پير پير جو پنھنجو پنڌ مرتب وفا گل محمد جمالي وفا پبليڪيشن شھداد ڪوٽ 2016ع. لکيل صنفون حمد، مرثيو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ھائيڪو، ٻہ سٽا، ٽہ سٽا، گيت، وائي، چوسٽو، غزل ريڊيو ٽي وي تي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ سندس شاعري ڳائي وئي آھي. ڪراچي جي سماجي، تعليمي ۽ ادبي پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ تمام گهڻو متحرڪ ڪردار رھيو آھي.
اڄ 1 جون سندس سالگرہ آھي. کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون.
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.
Introduction Zulfiqar Behan
Today we introduce to you Sir Zulfiqar Ali Behan, who has a unique identity in Sindhi poetry & education.
Zulfiqar, son of Muhammad Usman Behan, was born on June 1, 1972 in village Doro Behan, taluka Moro, district Noushahro Feroze. He received his primary education from the village of Doro Behan. Matriculated from Government Boys School, Moro in 1988. He passed intermediate examination from Mehran College, Moro in 1990. Masters in Sindhi Literature from Shah Abdul Latif University, Khairpur, M.Ed from Karachi University, M.Phil from Iqra University, Gulshan Iqbal, Karachi & nowadays he is doing Ph.D in Teacher Education from Karachi University.
Job Description
Currently, he is serving as Head/Deputy Director Grade 19 of Government Divisional Educational Technology Resource Center (DETRC) Karachi. Thousands of teachers in Karachi are his students who are rendering services. He started working as a lecturer in 2000. In 2006, he has served as an Assistant Professor in addition to Principal Government Elementary College, Lyari. Serving as member/expert in preparation of textbooks for Sindhi curriculum, teacher training courses.
Literary Journey
Zulfiqar Behan started writing poetry in 1990 during his college days. His literary name is Zulfiqar Behan. He is also the official joint secretary of Sindhi Literary Sangat Karachi branch & now a councilor of Gulshan Iqbal branch of Sindhi Literary Sangat. Zulfiqar Behan's poetry book "My Dreams Like Gulab Bakhta" has been published by Danish Academy Publication in 2009. In addition to this, the book of joint poetry Peer Peer is written by Wafa Gul Mohammad Jamali Wafa Publication Shahdad Kot in 2016. His poetry has been sung in the voice of various artists on radio & television. He has played a very active role in the social, educational & literary programs & activities of Karachi.
Today June 1 is his birthday. Congratulations on your birthday.
Sindh Educators team is proud to post about Mr. ZULFIQAR ALI BEHAN. We are pleased to have his profile on our page.
No comments:
Post a Comment