تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو





تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو
سُورَ اسان سان ڇونه سلين ٿو؟

رِمِ جِھم رِمِ جِھم کڻي نيڻن ۾
دريا دريا ڇونه ھلين ٿو؟

ھِنَ کان ھُن کان پار پڇين
مشڪل ڇاجي ڇونه ملين ٿو؟

ويراڳين جا وار سنواري
سک جا پو ڇو پنڌ پڇين ٿو؟

اوجاڳن کي پائي ڀاڪُرَ
ذوالفقار ڇالا پارَ ڪڊين ٿو

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ



Comments

Popular posts from this blog

شيخ اياز shaikh ayaz

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ