الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ




الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ
*********************************
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا
شاھزيب قتل ٿين


ڪو ڏينھن ناھي خالي
ڪنھن رات ناھي ناغو
ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾
ڪي معصوم ٿا اجل ٿين
لائي ڇونٿا توکي نظر اچن

ڪنھن يتيم جي دانھن
ڪنھن ماءُ جا سڏڪا
ڪنھن بيوھ جازلف پريشان
ھت پنج ئي وقت پيا
رت سان غسل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن


قاتل پوء به قاتل آھي
شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي
ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس
نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا

شاھزيب قتل ٿين
 



Comments

Popular posts from this blog

شيخ اياز shaikh ayaz

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ