اھڙوسکيو سنسار ھجي



اھڙوسکيو سنسار ھجي
جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي
جتي نفرت جو نه واپار ھجي
جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي
جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي
جتي سوچ تي نه وار ٿئي
جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي
ااھڙوسکيو سنسار ھجي

ھي طبقاتي نظام ڇو؟
ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟
ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟
جتي ھاري حقدار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي
جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي
جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي
جتي آزاديء اظھار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي
جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي
جتي وني نه بي وس، پئي پڄري
جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي


جتي خدمت فرق بنا ٿئي
جتي تاريخ سان نه زنا ٿئي
جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي
جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي قلم مان نه بارود نڪري
جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري
جتي سج تپش مان سگھ اڀري
جتي سادو ذوالفقار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ