چنڊ چٿرون نه ڪر
انگ اگھاڙا ڏسي
ٻار بکارا ڏسي
بادلن جي اوٽ ۾
وڃ لڪي وڃ لڪي
مونتي الرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

جھوپا جھريل منھنجا
خواب ڀُريل منھنجا
او عالم، او شاعر
عشق جون فشق جون
ايڏيون پچرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

ٿو سچ ڪئوڙو لڳئي
سج کان تون پنين
گدا مونکي چئين؟
تون به سوالي آھين
منھجي بيوسي تي
ڪرڙيون نظرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 



Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ