سردُ موسم
سردُ احساس
روح روڙھيل
نيڻ ڀنل
خواب پنھنجا
ڪوريھڙي گھيريل
وشال آڪاش
وسيع ڌرتي
ھيڏا ستارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
ستمگرن جي
ديس ۾
ڏاڊو ڏکيو آ
‘نڪي ‘
خدائن کي چوڻ
ڏاڊو ڏکيو آ
اکين ۾ آرا
سمنڊ ويرن جيان
سڄڻ اوتارا
چئو سڄڻ کي
سيئن ُ سُڪايو
ڇوٿا سِڪايو
آسمان ڌرتيءَ
ميلاپ ڪيو آ
فطرت جا ھي
عجيب نظارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
1

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ