Tuesday, March 5, 2013

اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ



اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
***************
اُميدن جا سڏڪا
مستقبل ڳڀا ڳڀا
نيڻ پاڻي جي درياءَ ۾ ٻڏل
جھورُ اکين جي آس
جلاوطن ٿي وئي
درد جون دونھيون گھرگھر
ريھون واڪا نڙيءَ نڙيءَ ڦاٿل
ڪنھن ماءُ جا اُلڪا
بيوھ جي درد جي پيمانو....
ڪاش ڪو سمجھي
يتيمي جو عذاب
ڪيئن تبديلي کان پوءِ
لڳندو آھي
ٽھڪن وارو گھر
ُسُڏڪن وارو گھر
ڪاش ڪو سمجھي...
وحشي قاتل
تو ۾ مون ۾ آھي لڪل
ڇونه ٿو مارين ان کي
ڪيسيتائين
آخر ڪيسيتائين
نامعلوميت جو رينگٽ
ھاڻي بند ڪر
اچُ،اچُ، اچُ
مصلحتون ٽوڙيون
موت کي دفن ڪري
اَمن کي جيئرو ڪريون

Tuesday, February 26, 2013

sndhi Ghazal

ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين
تون ساھَ ۾ آھين منھنجي ويساھَ ۾ آھين

ضبط جا بند ٿا ٽُٽَنِ،پرواھ ڇا ماڻھون چَون
ڪجھ نظر ڪونه اچي جيڪر نگاھ ۾ آھين

مرڪ، خوشيون رنگ موسم جا ڀلي ڪھڙا ھجن
ھر گھڙي وَرَ  وَرَ، سمورن ماھ ۾ آھين

ھيءُ مِٽيءَ جو يار پتلو ،تنھنجي آڱر تي نچي
ھا- ۽  نه - جي ھر الستي  آ ھـــــــ ۾ آھين


ھونئن ته آ بيڪار ھي ”ذوالفقار“ اي دل
پوءِ به يوسف کي خريدڻ جي چاھ ۾ آھين

ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين
تون ساھ ۾ آھين منھنجي ويساھ ۾ آھين


Wednesday, February 13, 2013

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
13-02-2013شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ
پياراحساس آ
پيار وشواس آ
پيار کٽندو نه آ
پيار سمھندو نه آ
پيارجو نه ڪوئي ويس آ
پيار جونه ڪوئي ديس آ
پيار آفاقيت
پيار نازڪ پکي
پيار ڪر تون سَکي
پيار مُرڪ آ ٻار جي
پيار سُرڪ آ سار جي
وقت گھڙين سان ھِن جو ڀيد نه ڪَرِ
پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

پيار خالق جي سھڻي ڪا تخليق آ
پيار سالڪ جي رياضت، جي جيت آ
پيار ممتا، محبوب، ڀاءُ، پتا
پيار ڀيڻ جي ڳيچن جي آھي صدا
پيار آھي ازل
پيار آھي ابد
پيار عابد
پيار زاھد
پيار تقويٰ
پيار ايمان
پيار انسان سان
پيار حيوان سان
پيار ھر چرند ۽ پرند سان ڪَرِ
پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

پيار ڌرتيءَ سان جائز
پيار ٻوليءَ سان جائز
پيار ھر قوم سان
پيار پنھنجي قوم سان
پيار فطرت سان
پيار ترقيءَ سان
پيار علم سان ۽ شعور سان
پيار سھڻي سان ڪوجھي سان
ذوالفقارپيار جي ڪا تعين حد نه ڪَرِ
پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

piyar khy denhan main qaid na kar

piyar ahisaas aa
piyar vishvas aa
piyar khutando na aa
piyar sumhando na aa
piya jo na koe wais aa
piyar jo na koe dais aa
piyar aafaqiyat
piyar insaniyat
piyar nazuk pakhi
piyar kar toon sakhi
piyar murk aa baar ji
piyar surk aa saar ji
waqt gharien saan hin jo bhaid na kar
piyar khy denhan main qaid na kar

piyar khaliq ji suhini ka takhliq aa
piyar salik jy riyazat ji, jeet aa
piyar mumta,mahboob bahu pita
piyar bhain jy geechan ji aahy sada
piyar aahy azal
piyar aahy abad
piyar aabid
piyar zahid
piyar taqwa
piyar eeman
piyar insan saan
piyar haiwan saan
piyar har churand aye purand sand kar
piyar khy denhan main qaid na kar

piyar dharti saan jayez
piyar boli saan jayez
piyar har qoom saan
piyar pahinji qoom saan
piyar fitrat saan kar
piyar tarqi saan kar
piyar ilm saan, shaoor saan
piyar suhny saan kokjy saan
zulfiqar piyaar ji ka tayun had na kar
piyar khy denhan main qaid na kar

Tuesday, January 29, 2013

Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan



اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا
وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ
وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا

فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو
ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —
 





مسلم، ھجين،ھندو ھجين يا ڀلي عيسائي

انتھاپسندي پکيڙي تو آ، انسانيت لڄائي

پيار,امن،مرڪ وڻي سونھن ھر ھڪ کي-

تو ڇو آھي , نفرت جي باھ ڀڙڪائي ؟؟

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

 

Monday, January 14, 2013

الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ




الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ
*********************************
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا
شاھزيب قتل ٿين


ڪو ڏينھن ناھي خالي
ڪنھن رات ناھي ناغو
ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾
ڪي معصوم ٿا اجل ٿين
لائي ڇونٿا توکي نظر اچن

ڪنھن يتيم جي دانھن
ڪنھن ماءُ جا سڏڪا
ڪنھن بيوھ جازلف پريشان
ھت پنج ئي وقت پيا
رت سان غسل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن


قاتل پوء به قاتل آھي
شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي
ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس
نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن
منھنجي شھر ۾ روز ٿا

شاھزيب قتل ٿين
 



Monday, December 31, 2012

Happy New Year to All my friends


الودع 2012......ڀليڪار2013
قدم قدم امتحان ،گھڙي گھڙي گھاوَ
ڏکن سيکاريا وانوَ،صبر جا سورن ۾
شاعري ذوالفقاربھڻ


Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasi...