علم جي لاٽ ٻرندي رھندي:ذوالفقاربھڻ sindhi Poetry about Pishawar incident
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
منھنجو اسڪول ڳاڙھو ٿي پيو
سارو آسمان ڳاڙھو ٿي پيو
ماءُ ۽ پيءُ جو جيءُ جھريو
ڀيڻ ۽ رانديڪن به رنو
ڪو روح رھنڊون رھنڊون ٿيو
ڪو ڳوڙھو ڪريو سڏڪو سڏڪيو
ھيءَ قوم نيٺ ھڪ ٿي ويندي
رات انڌيري ڪٽجي ويندي
فتح نيٺ حق جي ٿيندي
توکي آخر ناڪامي ٿيندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
نفرتن کي نيڪالي ڏيبي
ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي
امن جو جھنڊو، اڇو جھنڊو
ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو
خزان جو موسم ختم ٿي ويندو
ذوالفقار بھار وري وري ايندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
ذوالفقاربھڻ