Tuesday, August 31, 2021

تعليم ئي قومن جو جياپو آھي. پروفيسر ذوالفقاربھڻ

تعليم ئي قومن جو جياپو آھي.  پروفيسر ذوالفقاربھڻ 



                         

ھڪ بين الاقوامي  يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي لکيل ھڪ فڪر انگيز جملو تہ ؛

ڪنھن بہ قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايٽم بم ۽ پري تائين مار ڪرڻ وارن ميزائلن جي ضرورت ناھي  بلڪہ ان قوم جو نظام تعليم ڪيرائي ڇڏيو ۽ شاگردن کي امتحان ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيو، اھا قوم پاڻ ئي تباھ ٿي ويندي .اھڙي ناڪارا نظام تعليم مان نڪرڻ وارن ڊاڪٽرن جي ھٿان مريض مرندا رھندا، انجنيئرن جي ھٿان عمارتون تباھ ٿينديون، معيشت دانن  جي ھٿان دولت ضايع ٿي ويندي ، مذھبي رھنمائن جي ھٿان انسانيت تباھ ٿي ويندي،ججن جي ھٿان انصاف قتل ٿي ويندو، اھڙي طرح ان قوم مان نجات ملي ويندي.

ترقي يافتہ قومون گهڻو وقت پھريان کان آن لائين ۽ فاصلاتي نظام تعليم مان فائدو وٺي رھيون آھن. پاڪستان ۾ خاص طور سنڌجي  شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ سماجي تبديلين کي قبولڻ وارن روين جي   گھٽتائي سبب تعليم جو  گذريل ٻن سالن دوران ڪافي نقصان ٿيو.

سنڌ جا موجودھ تعليمي اڳواڻ سائين سردار شاھ ، اڪبر لغاري صاحب ۽ سيد خالد حيدر شاھ  قوم جا خيرخواھ  نظرياتي ۽ انقلابي اڳواڻ آھن ان ۾ ڪو شڪ ناھي . سياسي اختلاف باوجود سنڌ جي تعليمي نظام تي خاص توجھ ڏيندي جھڙي طرح سان بيمار تعليمي سرشتي کي بھتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن ان جا تمام سٺا نتيجا نڪرڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.

 

 

   تعليم کاتي سنڌ طرفان مستقل طور تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو  ھڪ بھترين قدم آھي.

انڌايرا سدائين مقدر ۾ ڇو؟

بس-پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻار

جڳ سمورو روشن ٿيندو

ذوالفقاربھڻ

 

ڪجھ تجويزون

تعليمي نصاب  متعلق چٽو موقف  ھڪ جرئت مندانہ فيصلو آھي.

Infrastructure     بنيادي ڊانچي تي توجھ ڏيڻ ۔

  پرائيويٽ تعليمي اداران کي  حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ گہھرجن.

 Right Person on Right Place   تي عمل ڪندي نااھل ۽ راشي آفيسرن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ گھرجي.

استادن کي پاڻ مرادو مققر وقت تي پروموشن ڏنا وڃن کين جائز حقن لاءِ روڊن تي نڪرڻ جي ضرورت نہ پوي ۽استادن کي نمايان ڪارڪردگي تي انعام ۽ ايورڊ ڏيڻ  گھرجن .

    Quality Education System جنھن ۾ استادن جي ڀرتي ۽ استادن جي سکيا کي  مرڪزي اھميت  ڏئي  پرائمري کان ڪاليج تائين جي استادن لاءِ Continues Professional Development (CPD) مستقل بنيادن تي استادن جي سکيا جو علاقائي ۽ بين الاقوامي سکيا جا بندوبست ڪيا وڃن..

 

سنڌ ۾ استادن جي سکيا

سموري دنيا وانگر پاڪستان ۾ بہ استادن جي سکيا 2 طريقن سان ٿي رھي آھي.

نوڪري کان پھريان Pre-Service

نوڪري دورانIn-service

سنڌ ۾ لڳ ڀڳ  50 سرڪاري  استادن جي تعليم جا ادارا ان کان علاوھ  يونيورسٽين ۾  ڊپارٽمينٽ ۽ ڪيترائي خانگي ۽ فاصلاتي تعليمي  ادارا  استادن جي تربيت لاء خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. جنھن بدلي ۾  competent &  Committed  استاد پيدا ٿيڻ گھرجن  شد سلسلي ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ ڪٿي ڪوتاھيون آھن جنھن ڪري معياري استاد نہ پيدا ٿي رھيا آھن.  ان  اھم  نقطي تي توجھ ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي.

 

پنجاب جيان سنڌ ۾  ٽيچر ايجوڪيشن يونيورسٽي جو قيام ضروري آھي .

تعليمي ٽي وي چينل جو قيام

ايف ايم  ايجوڪيشن ريڊيو جو قيام

آخر ۾ سنڌ جي استادن کي پڻ ھٿ ٻڌي عرض آھي تہ ٻيلي  جنگي بنيادن تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ قوم بچائڻي آھي تہ ان اھم فريضي ۾ ڪوتاھي نہ ڪيو.

 

استاد بخاري چواڻي ؛

جو  قُوم جِياري اُھو  جيئندو رھندو،

جُو عَام اُجاري سُو جيئندو  رِھندو.!

مُونکي تارِيخ  ء تَقدير ڏِني پَڪ آ.

جُو سِنڌ  سَنواري اُھو جيئندو رھندو...!

Friday, July 23, 2021

ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ

 عيد جون  مبارڪون

ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو

پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ

#EidMubarakToAll 

Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal.

#zulfiqarbehan

 

عيد جون  مبارڪون
ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو
پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ
#EidMubarakToAll
Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal.
#zulfiqarbehan, 



Saturday, January 30, 2021

شاعري جون صنفون

 شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون


سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو سنڌي

شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون


تعارف


شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق ترتيب ڏنل هوندو آهي. اسان جي سنڌي شاعرن وٽ شاعري جي وزن جا عام طور تي ٻه سرشتا رائج آهن. هڪ آهي عربي فارسي ” علم عروض“ ۽ ٻيو آهي هندي ” ڇندو ديا“ ۽ موسيقيءَ جو وزن.

هر ٻوليءَ جي لفظي ۽ صوتي جوڙ جڪ جون تقاضائون ئي شاعر کي مجبور ڪنديون آهن ته هو شعر جو ڪهڙو علم ۽ قاعدو پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري. اسان سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اها هندي ڇند توڙي فارسي علم عروض، ٻنهي تي رچي وئي آهي ۽ اڄ به رچي وڃي ٿي. اسان هتي شعري اصطلاحن ۽ شاعري جي ڪجھه صنفن جو ذڪر ڪنداسين.


 


عروض


هيءُ هڪ اهڙي قسم جو علم آهي جنهن کي سمجھڻ سان موزون شاعري ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن علم کي سمجھڻ سان بحر ۽ وزن جي خبر پوي ٿي. عروض معنى “بلندي” . شاعريءَ جي هن نموني جي ابتدا عرب جي سر زمين کان شروع ٿي. هن جو موجد مڪي شريف جو خليل ابن احمد هو. جنهن شاعري لاءِ ڪجهه اصول ۽ قانون ٺاهيا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته عرب پنهنجي خيمي کي جيڪا وچين ڪاٺي ڏيندا آهن، جنهن تي سڄو بار هوندو آهي ان کي عروض چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اهڙي شاعري عربن جي اچڻ کانپوءِ تڏهن رائج ٿي جڏهن سنڌ ۾ عربي ٻولي لازمي ڪئي وئي. اهڙي طرح سنڌ جي شاعرن عربيءَ جو اثر وٺندي سنڌي شاعري پڻ عروضي قانون موجب ڪرڻ لڳا


 


قافيو:


قافيو انهن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ”قُفا“ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”پٺيان هلڻ“. قافيه وارا الفاظ آواز ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، پر سندن تلفظ مختلف هوندو آهي.

مثال:

چاهت کان انڪاري ماڻهو

جذبن تي بمبــــــاري ماڻهو

ديس ۾ وڪڻي ايندا آهن،

اهڙا ڀي واپــــــــاري ماڻهو.

مٿئين مثال ۾ انڪاري، بمباري ۽ واپاري قافيا آهن.


 


رديف:


رديف جي معنى آهي “ٻيلهه سوار ٿيڻ يا جوڙيوال ٿيڻ”. اصلاحي معنى ۾ اهو لفظ جيڪو بند جي آخر ۾ ساڳيو ورجايو ويندو آهي.

مثال: 

شهر شهر تنهنجي جون گھٽيون وسرن نٿيون،

۽ ڀت تي ٻريل بتـــــــــــــــيون وســـــــــــــرن نٿيون،

مون گھڻـــــــــــــــي ئي ڪوشش ڪئي آهي مگر،

تو لکــــــــــــــــيون جيڪي چٺيون وسرن نٿـــيون.

مٿئين مثال ۾ ”وسرن نٿيون“ رديف آهي.


 


مطلع:


هي لفظ عربي زبان جي فعل اطلع مان ورتل آهي، جنهن کي لغوي معنى آهي “ظاهرٿيڻ”. اصطلاحي زبان ۾ هر نظمي صنف جي شروعاتي ٻن سٽن کي مطلع چئبو آهي.


 


مقطع:


هي لفظ قطع مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “پورو ٿيڻ”. اصطلاحي معنى ۾ شعر جي هر صنف جي آخري سٽن کي مقطع چئبو آهي. اڪثر شاعر پنهنجو تخلص استعمال ڪندو آهي.


 


وزن:


عروضي شاعري جو خاص جزو جنهن جي موجب هر سٽ کي پوري ماپ سان لکيو ويندو آهي.


 


بحر:


بحر جي معنى آهي “ سمنڊ”. شاعري ۾ بحر سمنڊ جي وسعت جهڙو ڪم ڏئي ٿي. هي. اصطلاحي معنى موجب هي اهو ماپو آهي، جنهن جي ذريعي شعر جو وزن پورو بيهاريو ويندو آهي.


 


تجنيس تام:


تام معنى “پورو”. ڪلام ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ اهڙا اچن جن جو لکڻ پڙهڻ هڪجهڙو هجي پر معنى مختلف هجي.

مثال:

جتن ڪر جتن جو، آيا ڪــــــــي ايندا،

وٺي پنــهون پاڻ سان وٽان تو ويندا،

دم نه دميندا، سدا ويندا ساڻيهه ڏي،


1 . جتن: ڪوشش ڪرڻ، پاڻ پتوڙڻ، 2. جتن: جت ذات


 


تجنيس ناقص:


هن کي ” تجنيس معرف “ پڻ چئبو آهي. هن جي صورت به تجنيس تام جهڙي هوندي آهي. پر اچار ۾ زبر يا زير وغيره جو فرق هوندو آهي.

مثال:

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ،

ڏيرن وڏو وَرُ ڪيو.

1 . وَرَ : مڙس 2. وَرُ: وڪڙ (خرابي) 3. وَرُ : وڪڙُ


 


تجنيس مرڪب:


شعر ۾ هڪ مرڪب ۽ ٻئي مفرد لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنف کي تجنيس مرڪب چئبو آهي

جا هڙ اندر جي، سا هڙ ڏني ساهه کـــــــــــي،

سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي سا هڙ ســـاهڙ ري

سا هڙ ميڙ سميع ته سا هڙ ڇڏي ساهه جي.


 


مثنوي:


لفظ مثنوي “تشنيه” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “ٻه” يا “جوڙو”. اصطلاحي معنى ۾ بيتن جي ان طويل سلسلي کي مثنوي چئجي ٿو جنهن ۾ ڪا ڪهاڻي، واقعو يا داستان، بيان ٿيل هجي. مثنوي ۾ لاتعداد بيت هوندا آهن. هر هڪ بيت ٻن مصرعن تي مشتمل هوندو آهي. ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. هر هڪ بيت جو رديف ۽ قافيو الڳ هوندو آهي. پر ڪهاڻي ايئن تسلسل سان هوندي آهي. جيئن زنجير جون ڪڙيون پاڻ ۾ مليل هونديون آهن.

مثال:

محمد هر دو عالم جو شهنشاهه،

محمد راز ربــــــــــــــاني جو آگاهه،

محمد صاحبِ لــــــــــــــــولاڪ آهي،

محمد مالــــــــــڪ افــــــــلاڪ آهي.


 


مثمن:


مثمن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ اٺ سٽون”. سٽاءَ جي لحاظ کان شروعاتي ڇهه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ٿيون ۽ آخري ٻه سٽون وراڻي جو پوئلڳ هجن ٿيون. هن ۾ قومي، اخلاقي ۽ عشقيه انداز بيان ٿيل آهي.


مثال:

سدا جي ذات ظاهر ڪندو اســــــــــرار مان آهـــــــــــــيان،

جي غفلت ۾ رهن تن کي ڪندو هوشيار مان آهيان،

نشو سڀ ننڊ جو ناهي ڪندو بيــــــــــــــــدار مان آهيان،

رهي جو سست تنهن کان سدا بيزار مـــــــــــــان آهيان،

رکي محبت جيڪو دل انهيءَ جو يار مان آهــــــــــيان،

سندس نور ايمان کي ڪندو نــــــــــــــــروار مان آهيان،

ڪڍي نقاش فطرت منهنجي ڇا تصويــــــــر اي شاعر،

ڏسي تصوير سان ڪو نظم ڪر تحـــــــــرير اي شاعر


 


مسدس:


هي پڻ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ڇهه ڪنڊو”. علم عروض جي قاعدن موجب هي شاعري جي اها صنف آهي جيڪا ڇهن سٽن تي مشتمل هجي.عام طور تي سندس جوڙ جڪ شروعاتي چار سٽون پاڻ م هم قافيه ۽ پويون ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجڻ لازمي آهن. هن ۾ هر قسم جا مضمون شامل هجن ٿا. جيئن وطن جي حب، قومي اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون وغيره. 

مثال:

اسان انسان اڄ بلڪل صفا مٽجي چڪــــــــــــــــا آهيون،

حرس و حوس جي ديو کان لٽـــــــــــــــــجي چڪا آهيون،

تعصب قوميت جي قيـــــــــــــد کان ڪٽجي چڪا آهيون،

سبب هي آهي شريعت کان جڏهن هٽجي چڪا آهيون،

تڏهن ڪـــــــــــــينو اسان ۾ تــــــــــــڏهن دل ۾ ڪدورت آ،

خدا جي نيــــــــــڪ بندن جي زمـــــــــــــــاني ۾ ضرورت آ.


 


فصاحت:


اهو ڪلام جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جو انهن جي اُچار سان زبان ۾ ڪنهن به قسم جي اٽڪ محسوس نه ٿئي، تنهن کي فصيح ڪلام چئبو آهي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن پر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ ازتيار ڪيل هجي. پر اهو جيڪڏهن نمونو ڪڏهن ڪڏهن اختيار ڪيل هوندو ته ان ڪلام کي فصيح ڪلام نه چئبو.


 


بلاغت:


هن مان مراد شاعر جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ قسمين قسمين جذبا پيدا ٿين ٿا. ڪڏهن غم واري ڪيفيت آهي ته ڪڏهن خوشي واري، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي وارا جذبا ته ڪڏهن عشق ۽ محبت جا، ڪڏهن ڪاوڙ ڪڏهن کل، ڪڏهن بيقراري. شاعر انهن سڀني ڪيفيتن کي اهڙي صفائي ۽ چٽائيءَ سان مختصر پر معنى خيز لفظن ۾ بيان ڪري جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان ان طرف ٿي وڃي.


 


سلاست:


سلاست مان مراد شاعر جي ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جيڪي روزانو استعمال ٿيندا هجن. شاعر استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنفون اهڙيون ساديون استعمال ڪري جو ماڻهو يڪدم سمجھي وڃن ۽ پنهنجي قابليت آهر لطف حاصل ڪري سگھن ۽ ان ڪلام جي سلاست ۽ سادگي ڏسي ماڻهو پاڻ چوڻ لڳي ته اهڙي شاعري آئون به ڪري سگھان ٿو.


 


جدت:


جدت جو مطلب اهو آهي ته شاعر پنهنجي ڪلام ۾ نواڻ آڻي. اهڙي مضمون تي شاعري نه ڪري جنهن تي اڳ ۾ ئي ڪنهن شاعر طبع آزمائي ڪئي هجي يا ڪنهن طبع آزمائي ڪئي به هجي ته ان کي اهڙي نموني ادا ڪري جو ايئن محسوس نه ٿئي ته ڪٿان ڪو نقل ڪيو اٿس. شاعر پنهنجو مطلب اهڙن نون طريقن سان بيان ڪري جو پڙهندڙن جو ڌيان ٽٽي نه سگھي. سندس لفظن ۽ جملن جو اهڙو اثر هجي جو ڀانئجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر مان اڌما ڏئي نڪتا آهن.


 


گنان:


گنان لفظ سنسڪرت جي لفظ “گيان” مان ورتل آهي جنهن جي معنى ڄاڻ ۽ علم آهي. ٻين لفظن ۾ اهو علم جو عبادت، رياضت جي نتيجي ۾ حاصل ٿئي. اصطلاحي معنى ۾ گنان شعر جو اهو قسم آهي جنهن ۾ اسماعيلي مبلغن ماڻهن کي تعليم ڏني.

سومرن جي دور حڪومت ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا . جن ۾ اسماعيلي فرقي جا مبلغ به هئا، جن ۾ سيد نور الدين، پوءِ شمس الدين ، پوءِ پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين 1201ع ۾ سنڌ ۾ آيا. هنن سنڌي ٻولي سکي ماڻهن کي اسلامي اصول سمجھائڻ لاءِ گنان لکيا. 

فني سٽاءَ جي لحاظ کان گنان مسلسل ڊگھا نظم به آهن ته ننڍا به آهن.

اٿي الله گهرين نه بندا،تون ستين سڄي رات،

نــــــــڪا جوڙي جيوت جي، نڪـــــــو ثمر ساٿ

هن بند ۾ پير صدرالدين الله جي بندگي ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. مضمون جي لحاظ کان گنان ۾ مذهبي تعليم، امامت، روحانيت، اخلاقيات، فنا جا، بقا جا مسئلا بيان ڪيل آهن.


 


علم بديع:


علم بديع عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي “نئين ايجاد”. اصطلاحي زبان ۾ سنڌي طرز تحرير (نظم ۽ نثر) کي پرڪشش ،خوبصورت، دلڪش، رنگين ۽ پر اثر بنائڻ لاءِ معناعن مان نهايت ڪاريگريءَ کان ڪم وٺڻ کي علم بديع چئبو آهي.


 


بيت:


بيت سنڌي شاعري جي قديم ۽ مقبول صنف آهي. سنڌي شاعري ۾ بيت سڀ کان اول ڳاهه جي صورت ۾ ملن ٿا. اهي، قصن، ڪهاڻين ۽ رومانوي داستانن جي وچ ۾ ملن ٿا. جن جي شروعات سومرن جي دورِ حڪومت ۾ ٿي.

ابتدائي زماني ۾ بيت ٻن سٽن تي مشتمل هئا. 

اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙهنــــــــدين ڪيترا.


پر اڳتي هلي ٽن چئن سٽن وارا بيت پڻ ٺهڻ لڳا، جيئن شيخ اياز جو هي بيت آهي.

آيو آڌيءَ رات جو، پريــــنءَ جو پڙ لاءُ،

چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ

صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.

شاعري جي هن خوبصورت ۽ قديم صنف جا شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز جهڙا ملن ٿا. 


موجوده دور ۾ بيت کي نئون رنگ ڏنو ويو آهي. بيت ۾ تاريخي ۽ مقامي واقعا ، سياسي، معاشي حالتون بيان ٿيل آهن. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، تاجل بيوس، مخدوم امين فهيم وغيره شامل آهن.


 


ڪافي:


ڪافي عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪفى“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ”پورو هجڻ“.

سنڌي شاعري جي مشهور۽ عام صنف ”ڪافي“ آهي. سنڌ ۾ ڪافي جي شروعات ڪڏهن ٿي، ان لاءِ مختلف رايا ملن ٿا.

ڪن محققن جو خيال آهي ته ڪافي تمام قديم صنف آهي پر اهو اڻ تصديق نظريو آهي. 10 صدي هجريءَ ۾ ڪافي جي موجودگي جي ثابتي ملي ٿي. هن وقت تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مطابق ٻه نظريا سامهون آيا آهن. ڪي محقق چون ٿا ته ڪافي ۽ وائي هڪ ئي صنف آهي. ته ڪي چون ٿا ته هي ٻئي الڳ صنفون آهن. هڪ عالم جو رايو آهي ته لفظ ڪافي جي مادي اشتقاق ”ڪفو“ آهي. جنهن جي معنى ”ساهمي جا ٻئي پڙ برابر“. ان ڪري اصلاحي معنى ۾ اهو نظم جنهن ۾ هر مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪجيترو ۽ هم وزن هوندو آهي

.

جيئن ته هي ديسي شاعريءَ جي صنف آهي ان ۾ رسم رواج، عشق، محبت، صدا، التجا، وڇوڙي جو ورلاپ ۽ درد جون دانهو. وغيره جهڙا موضوع اچي وڃن ٿا. شاهه نصير، خوش خير محمد، بيڪس، غلام شاهه راشدي، سچل سرمست، بيدل فقير، خليل لاشاري ۽ مصري شاهه وغيره ڪافيءَ جا شاعر آهن.

بيدل جي ڪافيءَ جو نمونو:

جو ئــــــــــــــي آهيان سو ئي آهـــــــــــيان، ڀول نه ڪـــــــــــو ڀائيان،

1 . ويس لبيس دين ڪفر جا، ڪي ئي لاهيان، ڪي ئي پايان،

2. مومـــــــــــل واري ويس ورن ۾، گھــــــــــــوٽ هزارين گھايا،

3. هن مــــــــظــــــــــهر ۾ ڪاڻ بهاني، بيـــــــــــــــــدل نانءَ سڏايان.


 


وائي:


وائي لفظ پراڪرت جي “وايا” ۽ سنسڪرت جي لفظ “وارتا” مان جڙي آهي. ٻنهي جي معنى آهي ”ڳالهه“. ڪن محققن ان کي ڪافي به سڏيو آهي. 


وائي جا بند گھڻو ڪري هڪ مصرع تي مشتمل ٿين ٿا. شاهه لطيف رحه ۽ شاهه عنايت وائي ۾ ڏيڍ مصرح به آندي آهي. ٿل کان پوءِ جيڪا به سٽ اچي ٿي، ان کانپوءِ واري آيل اڌ سٽ سڄي وائي ۾ ورجايل هوندي آهي.

جيئن:

آءٌ ٻارو چل اچ، پنهل ڄام پـــــــــــــــــــرچ،

موٽ وڇوڙو ٿو ماري.

قولن ڪوڙي آهيان، صاحب وڻي سچ،

پسن جنهن پناري..................................

موٽ وڇوڙو ٿو ماري.


ڪن محققن جو خيال آهي ته وائي شاهه لطيف جي ايجاد ڪيل صنف آهي. انهيءَ دور ۾ شاهه عنايت، روحل فقير، سچل سرمست ۽ بيدل جون وايون مشهور ٿيون. جڏهن ته جديد دور ۾ تنوير عباسي، نياز همايوني، شيخ اياز ۽ امداد حسيني جون وايون مشهور آهن.


 


تخلص:


خاص قسم جو نالو يا لقب جيڪو هڪ شاعر شاعري جي دنيا ۾ پنهنجي لکيل نظم عوام ۾ ڄاڻائي. هي عام طور تي مقطع ۾ لکيو ويندو آهي.

مثال طور: عبداللطيف، اياز، سانگي، اداسي وغيره


 


غزل:


غزل عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ”عورت جي حسن جي تعريف ڪرڻ“. اصطلاحي معنى ۾ غزل شعرن جي ان مجموعي کي چئبو آهي، جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ رعنائي، آرائش ۽ زيبائش جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. موجوده دور ۾ هر قسم جو مَضمون غزل ۾ آندو وڃي ٿو. محبوب جو حسن، اخلاقي، تهذيبي، معاشي ۽ معاشرتي مضمون غزل جي زينت بنجن ٿا.

فني سٽاء جي لحاظ کان غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ ٻارهن شعر هوندا آهن. غزل جي پهرين شعر کي “مطلع” ۽ آخري شعر کي “مقطع” چئبو آهي. مطلع جون ٻئي مصرحون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. باقي ٻين شعرن جون مصرعون پهرين شعر سان هم قافيه ٿينديون آهن.

سنڌي غزل جو پهريون شاعر نور محمّد خسته هو. جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر آهي.پر ٽالپرن جي دور ۾ غزل جي صنف ترقي ڪئي. خود ڪيترائي ٽالپر حڪمران شاعر هئا. اعلى درجي جو شاعر سچل سرمست رحه ملي ٿو. جنهن ”ديوان آشڪار“ فارسي غزل لکيا. ان سان گڏ سنڌي غزل پڻ ملن ٿا.


 


اشتقاق:


اشتقاق لفظ ”شق“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي”چيرڻ“

ڪنهن به لفظ جو بنياد ظاهر ڪرڻ کي اشتقاق چئبو آهي.


 


نظم:


هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي هن جي معنى آهي ”ضابطو ۽ پابندي“.


 


منظر نگاري:


هيءَ شاعريءَ جي فن جي هڪ خاص صنف آهي. هن ۾ شعر ڪنهن حقيقت يا واقعي جي نظاري جي ماحول پٽاندر فطري طور بيان ڪري ته ان کي منظر نگاري چئبو آهي.


 


مصرع:


هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ”دروازي جو طاق“. ڪنهن به شعر جي هڪڙي سٽ کي مصرع چئبو آهي.


 


نثر:


سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جو ٻيو قسم نثر آهي. انجو مطلب آهي ته نظم کان علاوه باقي روانيءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکن وارو ادب ، اسان جيڪي ڳالهه ٻولهه يا لکپڙهه ڪريون ٿا، انهيءَ کي نثر چئبو آهي.

نثر ٻن قسمن جو هوندو آهي.

(1) سادو نثر (2) اوچو نثر


 


ڏوهيڙو (دوهو) :


سنڌي شاعريءَ جو هڪ قديم فن آهي. ڏوهيڙو اهڙي شعر کي چوندا آهن جنهن ۾ علم عروض موجب رديف ۽ قافيه جي پابنديءَ جي بندش نه آهي. البته وزن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي.

مثال:

ساري رات سبحان، جاڳي جن يــــــاد ڪيو،

تنهن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙئين ڪن سلام، آڳ اچيـــــــو ان جي.


جي پڇڻا سي نه منجھڻا، جي پڇن سي ويرَ،

جو لکن منجھ مائروئن سو مکڻ منجھ کير.


 


تصوف:


هي صوفي فقيرن جو طريقو آهي، هن کي عربي ۾ ”وحدت الوجود“ ، هنديءَ ۾ ”وحدانيت“ ، فارسيءَ ۾ ”همه اوست“ سنڌيءَ ۾ ”سڀ ۾ سائين“ چئبو آهي. صوفي بزرگن کي هر شيءِ ۽ هر هنڌ محبوب حقيقي جو جلوو پسڻ ۾ ايندو آهي. سندن هر فعل ۽ هر عمل ۾ قدرت جو ڪرشمو ڪار فرما نظر ايندو آهي. شاهه لطيف، سچل، سامي صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.


 


مناجات:


هيءَ شعر جي اها صنف آهي جا گھڻو ڪري ٻن سٽن تي مشتمل هوندي آهي۽ ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. مناجات ۾ خالقِ اڪبر کان نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان دعا گھريل هوندي آهي. هن ۾ سوءِ ان جي (دعا) ٻيو ڪو به موضوع استعمال نٿو ڪري سگھجي.💝💝💝

Sunday, January 3, 2021

سال جي آخري لکڻي..........#ذوالفقار_بھڻ

 سال جي آخري لکڻي..........#ذوالفقار_بھڻ

آخرڪار ان نتيجي تي پھتس تہ مونکي لکڻ گھرجي.لکڻ زندگي آھي زندھ ماڻھو ئي لکندا آھن.نظم ھجي يا نثر پر لکڻ گھرجي.ھا لکڻ بامقصد ھوندو آھي بي مقصد بہ ھوندو آھي..ھر ليکڪ اديب نہ ھوندو آھي ۽ ھر اديب ليکڪ نہ ھوندو آھي.زرد ۽ لفافي صحافت کان ويندي درباري ۽ اخباري قوي ڪلا جي عرش تي عرش تان زميني تماشا ڏسندڙ تخليڪقار فن جو مداح ۽فنڪار پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رھيا آھن.
منھنجون بي ترتيب لکڻيون ضروري ناھي تہ اوھان پڙھو ۽ اھو بہ ڪو ضروري ناھي تہ منھنجي لکڻي اوھان کي وڻي ۽ ائين بہ ناھي تہ جيڪر اوھان مونکي نہ پڙھيو تہ ڪو اوھان ھڪ سٺي لکڻي کي پڙھڻ کان محروم رھجي ويندا.فن ۽ فڪر جي اُڏام ضروري ناھي تہ ھرڪوئي سمجھي سگھي.
ضروري ناھي جو ھر ليکڪ شيڪسپيئر،ٽالسٽائي،خليل جبران،ڪارل مارڪس،نٽشي گورکي .نام چومسڪي ۽ ارونڌتي راءِ ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي ھر دور ۾ڪانٽ،جون لوڪي۽ سرتري ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي تہ ھر دور ۾ ماسلو، لووين،فرئڊ ۽ اقبال جھڙو فلاسافر پيدا ٿئي.. ھا اھو بہ ضروري ناھي تہ ھر شاعر ۾ ڪيٽ ،رومي ۽ لطيف سرڪار ھجي.
پر ھڪ ڳالھ ضرور چوندس تہ جيڪر لکڻ جو ڏانءُ اچي ٿو تہ ضرور لکڻ گھرجي.
انڌيرا سدائين مقدر ۾ ڇو؟
پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻار
جڳ سمورو روشن ٿيندو.
ذوالفقاربھڻ
2020 سال پنھنجي نوعيت جو ھڪ منفرد سال رھيو. جنھن زندگي جي سمورن شعبن کي يڪسر تبديل ۽ تحليل ڪري ڇڏيو.، ميل ميلاپ کان ڪاروبار تائين،رشتن ناتن کان ريتن رسمن تائين مطلب موسمياتي، تعليمي ،صنعتي،تجارتي، سياسي ۽ سماجي تبديليون بہ آيون.
ڪڏھن ڏينھن وڏا تہ راتيون ننڊيون، ڪڏھن راتيون وڏيون تہ ڏينھن ننڊا،گرميون،سرديون،بارشون ،بھارون،سرءُ،گلن جوٽڙڻ۽ ڇڻڻ،ھڪ نسل جي پڄاڻي ۽ نئين نسل جو اچڻ،ھوائن جو سرگوشيون، آبشارن جي موسيقي،پکين جو لاتيون،ٻارن جا ٽھڪ زندگي پوءِ بہ روان دوان آھي. سارين جو نسرڻ،گلن تي ماڪ،پھاڙن تي سائي چادر، واريءَ واريون ھوائون،پينگھن تي ٻارن جو جهولڻ،دوشيزائن جون جھومريون، خوشيون ، مرڪون ، گيچ ، واعدا ، وفائون ،عشق جون،وفا جون،ظلم جون،روئن جون، کلڻ جون،قبائليجھيڙا،جرڳا،ٿاڻا،عدالتي،رياستي،زميني اَقائن جا بي رحماڻا فيصلا،ڪاروڪاري،سڱ بھا،ڏاڊ ۽ ھانُ ڏاريندڙ واقعا ۽ حادثا،مقابلا ھڪ ٻئي کي ھيٺاھون ڏيکارڻ،ڪي پيدل تہ ڪي بن ۽ چار ڦيٿن تي تي ڪي ھوائي سوارين ۾ مڳن رھيا.ڪي ڦٽ پاٿ تہ ڪي ھڪ ڪمري ۽ ڪي محلن ۽ محلاتن ۾ بہ بي آرامي رھيا..
مطلب وڏا وڏا طاقتور ترمپ ۽ خليفا ۽ بادشاھ پڻ تبديلين آڏو بي وس نظر آيا.ڪي ڏاڊا ۽ طاقتور امير مال ملڪيت ھجڻ باوجود پاڻ ۽ پنھنجن پيارن کي بچائي نہ سگھيا.. ڪنھن جا رت سفيد ٿيا تہ ڪنھنجا وار سفيد ٿيا پوءِ بہ زندگي راون دوان. آھي..
Image may contain: Zulfiqar Behan, standing
You, Detrc Karachi, Indira Poonawala II and 218 others
98 comments
3 shares
Love
Love
Comment
Share

مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ

 مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ

موري جو نالو ٻڌندي يا مورو طرف ايندي دل تيز ڏڙڪڻ لڳندي آھي. جنم ڀومي جي ڇڪ، سٽ ئي ڪجھ اھڙي ٿيندي آھي.
مورو سنڌ جي وچ سينڌ ۾ آھي. ان ڪري سنڌ جي نقشي تي سھڻو بہ لڳندو آھي.سھڻو انڪري بہ لڳندو آھي جوموري جي ماڻھن زندگي جي سمورن ونھوارن ۾ پاڻ مڃايو آھي. ۽ اڄ بہ سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ تقريبن ھر شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن.
سنڌوءَ جوڀن دادو مورو پل
خيالن جي لار ۾
گيت منھنجا تو وٽ ايندا
ھوا جي اڏار ۾
گيت منھنجا تو وٽ ايندا‌
ذوالفقاربھڻ
موري جو ماضي ھڪ شاھڪار فخر واري تاريخ رکي ٿو.
جنھن ۾ مذہبي ، سياسي ، سماجي ۽ ادبي خدمتو سرفھرست آھن.
موري جي شھيدن، اديبن ،تاجرن ، سرمائيڪارن ،سياستدانن قانوندانن ۽ تعليمدانن وطن کي سنوارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ملايو آھي.جڏھن تہ موري جي مزدورن ، ھارين ۽ ڪاريگرن ڪلاڪارن ۽ فنڪارن پنھنجو پاڻ مڃايو آھي.
جت لڪ لڳي جت اڪ تپن،
سو ديس مسافر منهنجوڙي،
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آگ الا ٿي نڪر ي ٿو،
جت ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن،
سو ديس مسافر منهنجوڙي،
اياز
ڪالھ 02_1_ 2021 مورو مئٽرڪ 88 پرائمري گروپ جي سڄاڻ ساٿين سماجي خدمتن جي شروعات طور مورو ۾ سماجي آگاھي ۽ موجودھ ڪووڊ19 کان بچاءَ جو سامان سردي کان بچاءَ جو سامان تقسيم ڪري پنھنجي سماجي خدمت واري ڪم جي شروعات ڪئي.
موري جا ھي مور ناصر ٻرڙو (مورائي) شمس ڪيريو،رفيق ميمڻ ،اسلم ڏاھري، امتياز ميمڻ،محمد سليمان راھو, آصف سيھڙ ۽ ٻيا اھڙو ڪم ان ڪري بہ ڪري رھيا آھن جو سندن سياسي ، سماجي ۽ نظرياتي تربيت ئي ڪجھ اھڙي ٿيل آھي. کين پنھنجن وڏڙن کان ورسي ۾ ئي اھو سڀ ڪجھ مليو آھي تہ ٻين ڪاڻ جيئو۽ مقصد ڪارڻ موت کي بہ چمي ڀاڪر پايو.
تان کڻي ھت جن رکيو سي رسيون
ساجن سونھن سرت وکان ئي ويجھو گھڻو
شاھ
ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
3 جنوري 2021
Image may contain: Zulfiqar Behan, sitting, sky, outdoor and water
You, Mithal Jiskani, Rafia Aslam and 12 others
4 comments
Like
Comment
Share

Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasi...