Wednesday, August 7, 2013

چــــــــــــــنڊ کـــــــــــــــــــــي تــــــــــلاش ڪــــــــــــندي نيــــــــــــــــــڻ اوھــــــــــــــــــــــــــــان در پھتـــــــــــــــــــا عيد مبارڪ — **************************************** اوھان کي عيد مبارڪ

چــــــــــــــنڊ کـــــــــــــــــــــي تــــــــــلاش ڪــــــــــــندي
نيــــــــــــــــــڻ اوھــــــــــــــــــــــــــــان در پھتـــــــــــــــــــا
عيد مبارڪ —
****************************************
اوھان کي عيد مبارڪ


Saturday, July 13, 2013


https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
اُداس جيون آ
نراس جيون آ

وڇوڙو صدين جو
ٽياس جيون آ

سکي نه گل ورھاءِ
اُماس جيون آ

بھار موسم ۽
حساس جيون آ

ڀلي ڪو رقص ڪري
خلاص جيون آ

وري نه ڪرجانءِ پيار
ھراس جيون آ

ٻڌي جي ٻاروچو ته
آس جيون آ
 
 

نيــــــرو آڪاش پريشان پريشان
دَردَ ڌرتيءَ کي ڪو ٻڌائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو لڇي ٿو،رڙي ٿو ھي سمنڊ
ھَٿُ ڪناري سان ڪيئن ملائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو ڪري رقص ٿو شراب،بي حساب
ساقي جي نيڻ وچائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

عشق آ، يار صليبُ مسيحا ، ڪائي
ريت ڪو ڪو ٿو نڀائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

درد صحرا جيان طويل آ ‘ذوالفقار‘
پياس پو ڇونه ستائي ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

Tuesday, June 4, 2013

ھوا ۾ سڏڪا،رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي

پريتم _توکي ياد ڪري ،ٿو شرير ٻري
نيڻ رتا ڇلڪيا ، رات روئي ٿي

وحشتون حسرتون رنجشون، ڀر ۾ ستل
در، درين ۾ کڙڪا ،رات رئي ٿي

پاڻ سان گڏ ،يادون به کڻي وڃ
ڪتيون ٽيڙو نڪتا،رات روئي ٿي

چنڊ جي وارن ۾، چاندني پائي ليئا
جوڀن ۾ الڪا ، رات روئي ٿي

ھوا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —


تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو





تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو
سُورَ اسان سان ڇونه سلين ٿو؟

رِمِ جِھم رِمِ جِھم کڻي نيڻن ۾
دريا دريا ڇونه ھلين ٿو؟

ھِنَ کان ھُن کان پار پڇين
مشڪل ڇاجي ڇونه ملين ٿو؟

ويراڳين جا وار سنواري
سک جا پو ڇو پنڌ پڇين ٿو؟

اوجاڳن کي پائي ڀاڪُرَ
ذوالفقار ڇالا پارَ ڪڊين ٿو

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ



Saturday, May 4, 2013

’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ


’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ
*************************

ووٽ قوم جي امانت آ
ووٽ مستقبل جي ضمانت آ
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

برادرين ۾ ،ڇو پاڻ کي بند ڪيو اٿئي؟
ذات کان قومي مفاد اتم اٿئي....
پنھنجو فرض،
ڌرتيءَ جو قرض سمجھي لاھجان
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

پنھنجو صرف ڀڀ ڀري
تنھنجي مٿي تان ڇت
پيرن ھيٺان زمين کسڪائي چڏي
اھڙي ڪردار کي کُٿو جواب ڏجان
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان


Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasi...