Thursday, June 6, 2024

ساھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون

 ساھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون
                  ذوالفقار بھڻ
                           تحرير:


 معشوق ڌاريجو
ذولفقار بھڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو عاشق آھي. سندس سُڃاڻپ ھڪ تعليمدان ۽ شاعر طور ٿئي ٿي.
ذولفقار بھڻ اھڙو شاعر آھي، جنھن جا خُواب گُلابن جھڙا سُھڻا ۽ سُڳنڌي آھن. ھُو ”منھنجا خواب گلابن جھڙا“ جو تخليقڪار آھي. ذولفقار بھڻ پنھنجي شاعريءَ لاءِ لکي ٿو تہ: ”منھنجي شاعريءَ ۾ منھنجي خُوابن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي.“ ذولفقار بھڻ جو مامو پروفيسر علي بخش ”وَفا بھڻ“ سُٺو شاعر ۽ تعليمدان رھيو آھي. اُن حوالي ۽ مناسبت سان ايئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ شاعريءَ جي ڏاتِ ۽ تعليم کيس ورثي ۾ ملي آھي.
راشد مورائي چواڻي تہ: ”ساھتيءَ جي ليکڪن مان ھِڪ اھم نالو ذوالفقار بھڻ جو بہ آھي، جيڪو ڪافي وقت کان لکندو ٿو اچي.“
نَوازَ علي شوقَ چواڻي تہ: ”ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ عشق جون ڳالهيون نظر اچن ٿيون.“
ذوالفقار جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي رکيل مورائي، لکي ٿو تہ: ”ذوالفقار بھڻ ساھتي پرڳڻي جو نوجوان ساھتڪار آھي. ھُو بنيادي طور تعليمدان آھي. سندس تَخليقي سوچَ، ڪتابن ۽ دوستن جي ويجهڙائيءَ کيس شاعريءَ ڏانھن آندو آھي.“
ع غ تبسم (عبدالغفار تبسم) لکي ٿو تہ: ”منھنجون ھن سنڌ جي سُريلي ۽ مَزاحمتي شاعر پنھنجي دوست پروفيسر ذوالفقار بھڻ لاءِ کوڙ ساريون نيڪ تمنائون آھن تہ شال ساڻيھَ ۽ سَرتيءَ جي سونھن لاءِ ايئن ئي پرونو بڻجي ڳائي وڄائي، تاريخ ۽ وقت جي ھنج ۾ پنھنجي پوري امرتا ماڻي.“

[ذولفقار بھڻ: ذولفقار علي ولد محمد عثمان بھڻ، پهرين جون 1972ع تي ڳوٺ دورو بھڻ تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. ھُنَ ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ دوري بھڻ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز اسڪول موري مان، 1988ع ۾ ڪيائين. انٽر مھراڻ ڪاليج موري مان، 1990ع ۾ ڪيائين. بي اي (B.A) شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏھن تہ ايم اي (M.A) سنڌي ادب ۾ پڻ، شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ مان، 1995ع ۾ ڪيائين. ايم ايڊ ڪراچي يونيورسٽي مان، ايم فل اقرا يونيورسٽي گلشن اقبال ڪراچي، مان ڪيائين، ۽  اڄ ڪلھ پي ايڇ ڊي ٽيچر ايجوڪيشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪري رھيو آھي.
ذوالفقار بھڻ ھِنَ وقت گورنمينٽ ڊويزل ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي ريسورس سينٽر (ڊيٽرڪ) ڪراچي جي سربراھ / ڊپٽي ڊائريڪٽر بي پي ايس 19 ۾ خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ڪراچي ۾ ڪيترائي استاد سندس  شاگرد آھن، جيڪي درس تدريس جي ميدان ۾ پنھنجون خدمتون انجام ڏيئي رھيا آھن. پاڻ 2000ع  ۾ ليڪچرر طور نوڪري جو آغاز ڪيائين. 2006ع  اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، ان کان علاوہ گورنمينٽ  ايليمينٽري ڪالج لياري ۾ پرنسپل طور خدمتون پڻ سر  انجام ڏئي چُڪو آھي. ھو ھِنَ وقت سنڌي جي نصاب، استادن جي تربيت جي ڪورسن جي ڪتابن  جي تياري ۾ ميمبر طور خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھي. 
ذولفقار بھڻ شاعري لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ انٽر واري دؤر ۾ / ڪاليج واري زماني ۾ ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو ميمبر، عھديدار جوائنٽ سڪريٽري رھي چُڪو آھي، ۽ اڄ ڪلھ سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن اقبال جو ڪائونسلر پڻ آھي.
ذولفقار بھڻ جي شاعريءَ جو ڪتاب “منھنجا خواب گلاب جھڙا” اپريل 2009 ع ۾ دانش اڪيڊمي پبليڪيشن پاران شايع ٿي چُڪو آهي. ان کان علاوھ گڏيل شاعري جي ڪتاب  ”پير پير جو پنھنجو پنڌ“  (مرتب وفا گل محمد جمالي، وفا پبليڪيشن شھداد ڪوٽ 2016ع) ۾ پڻ سندس شاعري شايع ٿي چُڪي آھي. ھُن جي لکيل صنفن ۾ حمد، مرثيو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ھائيڪو، ٻہ سٽا، ٽہ سٽا، گيت، وائي، چوسٽو، غزل وغيره شامل آھن. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي آھي. ڪراچي جي سماجي، تعليمي ۽ ادبي پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ سندس متحرڪ  ڪردار رھيو آھي.  
ذولفقار بھڻ، ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.]

ذولفقار بھڻ جي شاعريءَ جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو.

اعتراف

شايد!
مان ئي غلط آھيان
پر ڇا ڪيان
مجبور بہ تہ آھيان،
نہ ڄاڻ ڪنھن گهڙي
پاڻ وڄائي ويٺم
جڏھن احساس ٿيم
تڏھن
سڀ واپسيءَ جا رستا
ڀلائي ويٺو آھيان
سچ ڪوڙو (ڪَڙو) آھي
پر اڄ
بي خوديءَ ۾
پاڻ سان
سچ ڳالهائي ويٺو آھيان
تہ شايد!
مان ئي غلط آھيان.

نوٽ: ڪالھ پھرين جون ذولفقار بھڻ جو جنم ڏينھن ھو، پر ڪالھ مئڪش سومري جو تعارف رکڻ ڪري، سندس تعارف اڄ رکيو اٿم. جنم ڏينھن مبارڪون پيارا ذوالفقار!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سلسلو: ساھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون
شخصيت: ذوالفقار بھڻ
ڪَڙي: 02
تاريخ: آچر 2 جون 2024ع
ذوالفقار بھڻ جي رابطي جو نمبر
                                        0300 9276858
واٽس ايپ گروپ: سائنس، ادب ۽ آرٽ 
سوسائٽي




No comments:

Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasi...