Thursday, November 17, 2016
تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان
تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان
تون سياري جو سيءُھجين
تون صحرا جي پياس ھجين
تون پيار ندي مون ڏي رڙندي اچين
مان مان نه ھجان، بس تون ھجين
Thursday, September 1, 2016
دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —
دوست منھنجو سرمايو
دوستي منھنجو ويساھ
صبح جي مٺڙي ھوا
منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ
منھجي دعــــــــــــــــــا
شاعري. ذوالفقار بھڻ —
Dost muhnjo sarmayo
Dosti muhnjo waisah
Subuh ji mithri hawa
Muhnuy dostan khy
Puhcha muhnji dua
Poetry zulfiqarbehandost muhnjo sarmayo dosti muhnjo waisah
Thursday, December 18, 2014
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي:ذوالفقاربھڻ sindhi Poetry about Pishawar incident
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
منھنجو اسڪول ڳاڙھو ٿي پيو
سارو آسمان ڳاڙھو ٿي پيو
ماءُ ۽ پيءُ جو جيءُ جھريو
ڀيڻ ۽ رانديڪن به رنو
ڪو روح رھنڊون رھنڊون ٿيو
ڪو ڳوڙھو ڪريو سڏڪو سڏڪيو
ھيءَ قوم نيٺ ھڪ ٿي ويندي
رات انڌيري ڪٽجي ويندي
فتح نيٺ حق جي ٿيندي
توکي آخر ناڪامي ٿيندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
نفرتن کي نيڪالي ڏيبي
ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي
امن جو جھنڊو، اڇو جھنڊو
ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو
خزان جو موسم ختم ٿي ويندو
ذوالفقار بھار وري وري ايندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
سچ سدائين سرخرو رھندو
جھالت يقينن ھارجي ويندي
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي
ذوالفقاربھڻ
دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾: Sindhi Poetry
دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾
ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾
ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو
قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾
رشتا ناتا، مطلب جا سڀ
ڪيڌيون اڪيلايون ھن وڳر۾
ماڻھوءَ ماڻھو ،ماس پيا روڙين
سارا ڀريا پيا آھن ، زھـــر ۾
رات به تنھا چنـــڊ به تنھا
وحشتون ڊوڙن پيون گھر ۾
ذوالفقار وقت جيان گذري ويو
پوءِ به رھين ٿي ان جي سحر ۾
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
Monday, December 15, 2014
’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ
’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’
ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي.
تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ
۽ جڌھن سائين ھدايت بلوچ Hidayat Baloch ’’ويلنٽائن‘‘ ڏينھن تي فون ڪري سوڀو گيانچنداڻي جي عيادت ڪرڻ ساڻ ھلڻ جو چيو اسان سان گڏ محمد سليمان وساڻ Muhammad Suleman Wassan به ھو
سندس لفظ ته 14-2-2012
منھنجا سرخا دوست ويلنٽائين مونسان ملھائڻ آيا آھن.پاڻ کي چڱوڀلو
محسوس ڪيان ٿو. سوڀو گيانچنداڻي
اسان به پنھنجي محبوب سان ويلنٽائين ملھايو
’’رھيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري
لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات،ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي‘‘
شاھ
Sunday, March 16, 2014
اندلٺي رنگ تنھنجي چولي تي
اندلٺي رنگ تنھنجي چولي تي
منھن موڙ نه،اسان کان او سائين
اچُ ته مُرڪي ملون، ’ھولي‘ تي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
منھن موڙ نه،اسان کان او سائين
اچُ ته مُرڪي ملون، ’ھولي‘ تي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
Thursday, December 26, 2013
نظم منھنجون سوچون
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن
ڪڏھن تو وٽ
ڪڏھن ويرانن ۾
رلنديون رھنديون آھن
منھنجون سوڇون
ڪڏھن عرش
ڪڏھن فرش
ڪڏھن مڪان
ڪڏھن لامڪان
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
بس ان وقت وجود منھنجو
ساڪن ٿي ويندو آ
جڏھن منھنجي روح کي
تون ڀاڪر پائي
سمھي رھندو آھين
منھنجون سوڇون
سوال اٿارينديون آھن
جواب ڳولينديون آھن
انائن جي سماج ۾
ڪروڌي ڪڙم ۾
ھي به سچ آ
منھنجو ظاھر نردوش آ
منھنجو باطن
جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ
مونتي حڪم ھلائيندو آ
مونکي استعمال ڪندو آ
ھا- سزا وار اھو آ
منھنجو باطن
ھُو، ظالم آ
مظلوم به آ
دوشي آ
نردوش به آ
ادني آ
اعلي به آ
جاھل آ
عالم به آ
حقير آ
اتم به آ
رئندو آ
کلندو به آ
مڪار آ
محبتي به آ
پر بي چين آ
سچ جي تلاش ۾
اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن
منھنجو سوچون
مونسان پيار ڪنديو آھن
مونسان جنگ ڪنديون آھن
وري وري ڏوڪو کائڻ تي
ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي
منھنجون سوچون
پيسيمسٽ
آپٽيمسٽ
نگيٽو
پازيٽو
ترقي پسند
تنگ نظر
مونکي ھمٿائينديون آھن
مونکي ڊيڄارينيون آھن
سچ لکندس
دوست ناراض ٿي ويندا
تنھا ٿي ويندس
وري دليل ڏينديون آھن
خدا به ته اڪيلو آ
مصلحتون،ماڻھپو
قائدا ،قانون
مذھبي ،سماجي
ٻنڌڻ
..................منھنجي آزادي
منھنجون سوچون
ڦيرائي جُز کان
ڪُل طرف
آڻينديون آھن
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن
Subscribe to:
Posts (Atom)
At my new office –#DCAR_Sindh ۽ ڄام شوري جا ٿي وياسين ....🥰 Alhamdulillah, stepping into a new chapter with gratitude and hope. #bureauof...

-
شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو سنڌي شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون تعارف شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪ...
-
شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر ڊاڪٽر فهميده حسين ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر...
-
فري ڊائونلوڊ ڪيو سنڌي فونٽ سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ Zulfiqar Behan ذوالفقاربھڻ Sindhi Fonts Free down...